ٽنڊوآدم: پي ٽي آءِ جو صدر ۽ مشهور وڪيل مبينا طور هٿياربندن هٿان کنڀجي ويو

0
293
ٽنڊوآدم: پي ٽي آءِ جو صدر ۽ مشهور

ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ پي ٽي آءِ جو صدر ۽ مشهور وڪيل مبينا طور هٿياربندن هٿان کنڀجي ويو  آهي.

پي ٽي آءِ صدر ۽ وڪيل عظيم گل ٻجوروکي 3 نامعلوم جوابدار وچ شهرمان کنڀي ويا جنهن جي موٽر سائيڪل ۽ خريد ڪيل سامان مائٽن کي هٿ آيو.

ان سلسلي ۾ عظيم گل ٻجورو جي ڀاءُ روشن ٻجورو جو چوڻ آهي ته ڀاءُ شهر مان سامان وٺڻ لاءِ ويو ته کيس نامعلوم جوابدار ڪار ۾ کنڀي کڻي ويا آهن، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج مليا آهن  جنهن ۾ جوابدار کيس کنڀي کڻي وڃي رهيا آهن.

 هن ٻڌايو ته سٽي ٿاڻي کي اطلاع ڪيو پر پوليس ڪا به مدد نه ڪئي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا ته ڪيئن ٿيو آهي ۽ ڪير ملوث آهي.