ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ ڀاڻ فيڪٽري جو ٺيڪيدار پنهنجي رهائش اندر اڻ ڄاتل جوابدارن  هٿان لوهي سيخون ۽  پائيپ مٿي ۾ هڻي بيدردي سان  قتل، چچريل لاش ڏسي ملازمن پوليس کي  اطلاع ڏنو، واقعي جو ڪيس  داخل نه ٿي سگهيو. شڪ ۾ گرفتاريون شروع. خبر موجب ڏهرڪيءَ جي بلوچ ڪالونيءَ ۾ پنجاب جي شهر حاصل پور جي سرهواسي احسان علي آرائينءَ جو چچريل لاش پنهنجي ئي جڳهه مان هٿ آيو. مقتول کي مٿي ۾ سريا ۽ لوهي پائيپ هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. مقتول جي ملازمن جو چوڻ آھي ته احسان 20  سالن کان واينگرو فيڪٽري اندر ٺيڪيداري ڪندو هو. رات دير تائين گڏ هئا سين، صبح جو چچريل لاش مليو آھي. پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري ثبوت گڏ ڪيا. پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جي ڳجهي نموني جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. اهي پڻ اطلاع آهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، جن جا نالا ظاهر نه پيا ڪيا وڃن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد پنجاب جي شهر حاصل پور نيو ويو.