پنگريو : پراڻ ڍوري کي ايم ايم ڊي جي 4 آر ڊي وٽان 20 ڏينھن اڳ لڳل گھاري جي متاثر پنگريو ملڪاڻي خيرپور سمن سرڪار حيات خاصخيلي سميت بدين ميرپورخاص ضلعن  ٻين علائقن جا ھزارين ماڻھو ٻي ڏينھن به ٿر ڪول روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويٺل رھيا انھي موقع تي  لڳل گھارن جي متاثرن سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرون پنھنجي ڀائرن سان گڏ سخت اس ۾ ڌرڻي ۾ ويٺل رھيون ڌرڻي کي 40ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو پر ڪو به چونڊيل نمائيدو وزير مشير ڌرڻي وارن سان ڳالھيون ڪرڻ نه پھتو