حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي حيدرآباد پاران آءِ بي اي سکر معرفت ورتل ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي ايس ٽي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٻيو مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي ڀرتي وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. اميدوارن پاران اڄ آچر ڏينهن احتجاج جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اميدوارن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي حيدرآباد پاران پهرين مرحلي ۾ ته سموريون سيٽون ظاهر ڪري ڀرتي واري عمل کي شفاف ڏيکارڻ لاءِ لسٽون جاري ڪيون ويون پر ٻئي مرحلي دوران سيٽون لڪائي آرڊر لڪ ڇپ ۾ جاري ڪري ڪرپشن ڪرڻ جا سانڀا ڪيا پيا وڃن. ان ڳالهه جو واضح ثبوت اهو آهي ته حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ويٽننگ لسٽ ۾ ويٺل اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن پر ان بابت سرڪاري طور تعليم کاتي جي ويب سائيٽ يا وري ٻئي ڪنهن ذريعي تحت ان عمل بابت اميدوارن کي ڪابه آگاهي نه ڏني وئي آهي. اميدوارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته حيدرآباد جي تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي جون خالي ٿيندڙ سيٽون ڪرپشن جي نظر ٿي وينديون. هوڏانهن ڊي اي او پرائمري خالد حسين ٻٻر جو چوڻ آهي ته پي ايس ٽي جو ٻيو مرحلو تڏهن شروع ٿي سگهندو جڏهن جي اي ايس ٽي جي ڀرتين جو مرحلو مڪمل ٿيندو. تعلقي ٻهراڙي ۾ مبينا طور سيٽون لڪائڻ ۽ اهل اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ واري عمل خلاف اميدوارن اڄ آچر ڏينهن پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري جو اعلان به ڪيو آهي.