نيويارڪ (انٽرسٽنگ نيوز) ڪنهن کي سروس فراهم ڪرڻ لاءِ ٽپ ڏيڻ، هن جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۽ بهترين ڪم لاءِ ٿورا مڃڻ جو اظهار آهي، پر اهو ادائگيءَ جو لازمي حصو نه آهي. جيئن ته آمريڪا ۾ ٽپ ڪلچر گهڻي اهميت رکندو آهي ۽ هر جاءِ تي ٽپ ڏيڻ معمول آهي، پر اهڙا واقعا به پيش ايندا آهن جڏهن ملازم گهٽ ٽپ ڏيڻ تي باقاعده ناراضگي جو اظهار ڪندا آهن. آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ اهڙو ئي هڪ واقعو پيش آيو جنهن کاڌي جي ڊليوري ڪندڙ عورت سٺي ٽپ (2 هزار رپيا) ملڻ باوجود ان کي گهٽ قرار ڏئي آرڊر ڪيل کاڌو واپس کڻي هلي وئي ۽ ڪسٽمر ڏسندو ئي رهجي ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڊور ڊيش نالي فوڊ سروس ڪمپني جي عورت رائيڊر گهٽ ٽپ ملڻ سبب کاڌو گراهڪ کي ڏيڻ بدران واپس کڻي رواني ٿي وئي ۽ ڪسٽمر ڏسندو ئي رهجي ويو. سوشل ميڊيا واهپيدارن ان گراهڪ جي حمايت ڪئي.