دادو (رپورٽ: فتاح شيخ ) صحت کاتي پاران دادو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ ارسلان پٽ نظير لغاري، آڪاش ڪولاچي، سڪينا پهوڙ ، احسان سولنگي ۽ وحيد برهماڻي سميت 10 ٻارن کي مليريا ۽ تيز بخار سبب آندو ويو پر ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير موجودگي سبب والد ۽ مائرون ٻارن کي هنج ۾ کڻي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري دانهون ڪندا رهيا ۽ تيز بخار سبب معصوم ٻار تڙپندا رهيا، سندن والدين آهون ۽ دانهون ڪندي هڪ هڪ روم ۾ ڊاڪٽر کي ڳوليندا رهيا، ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري والدين زارو قطار روئيندا رهيا ۽ پنهنجن کي بيهوشي جي حالت ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽرن ڏانهن کڻائي ويا آهن ، اڪثر ٻار تيز بخار سبب نيم بيهوشي واري حالت ۾ هئڻ باوجود والدين کين موٽر سائيڪلن تي کڻي ويا ، جڏهن ته وڏي ۾ انگ ۾ ٻار تيز بخار ، مليريا ۽ گيسٽرو سبب تڙپندا رهيا، ڪي اين شاھ جي نينگر وحيد برهماڻي جي ماءُ پٽ کي ڀاڪر ۾ کڻي دانهون ڪندي زارو قطار روئيندي رهي ۽ دانهيو آهي ته هو ٻوڏ متاثر آهن ، سندس پٽ وحيد کي تيز بخار آهي تڙپي پيو پر علاج لاءِ ڊاڪٽر ناهي، اسان ڪاڏي وڃون، نيم بيهوشي واري حالت ۾ آندل اسلان لغاري جي پيءُ نظير لغاري دانهيو ته پٽ کي تيز بخار آهي تڙپي پيو، هنج ۾ کڻي ٻارن واري وارڊ جي هڪ هڪ ڪمري ۾ ڊاڪٽر کي ڳوليو پر ڊاڪٽر ڪونهي پٽ کي ههڙي حالت ۾ ڪيڏانهن کڻي وڃان؟ سڪينا پهوڙ جي پيءُ شاھ پسند پهوڙ ٻڌايو ته ڌيءُ کي تيز بخار ۽ الٽي نه ٿي بيهي، ڪلاڪ ٿي ويو آهي ڌيءُ تڙپي ٿي ، ٻڌائين ٿا ته ڊيوٽي ڊاڪٽر ايمرجنسي ۾ دل جي وارڊ ويو آهي ، انڌير نگري آهي  .ٻي طرف دادو اسپتال جي سول سرجن ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي وڏي کوٽ آهي، اسان صوبائي وزير ، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين اختيارين کي لکت ۾ ليٽر به موڪليا آهن. ، بلڪل مريضن کي سفر ڪرڻو پوي ٿو پر ڊاڪٽر اچن ته مسئلو حل ٿي ويندو.