لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اتر سنڌ جي وڏي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ مسلسل مريضن جي تعداد ۾ واڌ کان پوءِ وارڊ ۾ بسترن جي کوٽ پيدا ٿي وئي جتي ڊاڪٽرن پاران مريضن کي فرش تي سمهاري علاج ڏنو پيو وڃي اهڙي صورتحال هجڻ ڪري پيرسن مريض الھه ڏنو شيخ کي سندس وارث علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ آندو جتي بسترو نه ملڻ ڪري وارثن کيس فرش تي سمهاري ڇڏيو جتي پيرسن تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو جنهن جي لاش مٿان وارث عورتون روئيندي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي پيرسن مريض جي وارثن الزام لڳايو ته اسان پنهنجي مريض کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي اسپتال انتظاميه اسان کي بسترو نه ڏنو جنهن ڪري اسان پنهنجي مريض کي فرش تي سمهاري ڇڏيو جيڪو صحيح علاج نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي فوتي پيرسن جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.