اوڪاڙا (م ڊ) پنجاب جي شهر اوڪاڙه ۾ عورت پنهنجون غيراخلاقي تصويرون وائرل ٿيڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو. اوڪاڙا پوليس ٻڌايو ته چئن جوابدارن عورت جون ذاتي تصويرون وائرل ڪيون هيون، جنهن مان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا ٿا وڃن، جڏهن ته جوابدارن خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ۾ ڪيس داخل آهي. اوڪاڙه پوليس اهو به ٻڌايو ته جوابدارن خلاف حويلي لکا ٿاڻي ۾به ڪيس ڪيو ويو هو.