دادو (رپورٽ : فتاح شيخ) دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ڊليوري دوران ڊاڪٽر جي غفلت سبب 45 سالن جي ڪلثوم زال بخش علي ملاح ٻار سميت فوت ٿي وئي آهي ، انهيء دوران فوتي عورت جي وارث عورتن ۽ ڊاڪٽر عظمه سومرو ۽ نرسن وچ ۾ منهن ماري کانپوء جهيڙو ٿي هڪ ٻئي ڌڪا ٿيلها ڏنا ويا ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيل عورت جو مڙھ گهر کڻائي وڃڻ لاء دٻاء وڌو پر فوتي عورت جي وارثن ڪلثوم جو مڙھ گهر نيڻ کان انڪار ڪندي علاج ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ۽ نرسن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تائين گائني وارڊ مان مڙھ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، فوتي عورت جي مڙس بخش علي ملاح ۽ وارثن عورتن دانهيو آهي ته ڪلثوم کي ويم جا سور ٿيا ته کيس رات جو 11 بجه ڌاري دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو پر رات جو 11 بجه کان صبح جو 4 بجه تائين نه علاج ڪرڻ ته پري پر سندس چيڪ اپ به نه ڪيو ، اسان بار بار نرسن آڏو دانهون ڪندا رهياسين جن چيو ته ڊاڪٽر عظمه ننڍ پئي آهي، توهان جي مريض جي ڊليوري ٿي ويندي، پريشان نه ٿيو جنهن کان پوء ڪلثوم کي بليڊنگ ٿي رهي هئي، جنهن تي اسان گهڻيون دانهون رڙيون ڪيون پر ڊاڪٽر علاج نه ڪيو ۽ ڪلثوم تڙپي تڙپي ٻار سميت فوت ٿي وئي، جنهن کانپوء ڊيوٽي ڊاڪٽر ننڊ مان اٿي ۽ چيو ته هن کي هتان نوابشاھ کڻي وڃو ، اسان کيس ٻڌايو علاج نه ٿيڻ ڪري ڪلثوم فوت ٿي چڪي آهي توهان هاڻي آيا آهيو جنهن تي ڊاڪٽر ساڻن بداخلاقي ڪئي ، هنن دانهيو ته ضلعي جي واحد سول اسپتال جي اها حالت آهي جو لکين روپيا پگهار کڻندڙ ڊاڪٽر مريض جو علاج ڪرڻ لاء تيار ناهن ، هنن چيو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ نرسن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تائين هو گائني وارڊ مان ڪلثوم جو مڙھ نه کڻنداسين ڇڪتاڻ کانپوء اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي تان پوليس اٽالا ۽ سول سرجن ڊاڪٽر پير غلام حسين گائني وارڊ پهچي فوتي عورت جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ملوث ڊيوٽي ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ معاملي جاچ ڪرائڻ کانپوء فوتي عورت جا وارث احتجاج ختم ڪري فوتي عورت جو مڙھ گهر کڻائي ويا آهن.