حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي جي ڳوٺ گيلو نوناري ۾ ناري جو مبينا طور ڳلو ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ناري کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل ماڻهن ننڊ ستل ناري الماس ڌيءِ محمد حسن نوناري جي ڳلي تي تيز ڌار واري اوزار سان چهڪ ڏنو ته ناري جي رڙين تي اڻڄاتل ماڻهو گهر مان فرار ٿي ويا. پوليس موجب وارثن واقعي جو اطلاع ڏنو جنهن بعد متاثر ناري کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هٽڙي ٿاڻي جي وڏي منشي حاجن دل تصديق ڪئي ته ناري کي اڻڄاتل ماڻهن پاران گهر ۾ داخل ٿي ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش بابت ناري جي وارثن رپورٽ به داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ٻئي طرف سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن واقعي بابت ٻڌائيندي ڄاڻايو آهي ته ناري گهر ڏانهن وڃي رهي هئي ته رستي ۾ بيٺل اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري کيس ڇري سان ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته ناري جي اسپتال ۾ حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وئي.