دادو: گائني وارڊ ۾ فوت ٿيل ڪلثوم ملاح جي وارثن سول سرجن پير غلام حسين کان قلمو ڀرائي قسم کڻايا ته هو معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي علاج نه ڪندڙ ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ اسٽاف خلاف ڪاروائي ۽ سول سرجن قلمو ڀري کين انصاف جي خاطري ڪرائي آهي. ٻار سميت فوت ٿيل عورت جي مڙس بخش علي ملاح سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي جيڪڏهن اڻڌري جاچ ڪرائي ڊيوٽي ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ اسٽاف خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين.