دادو: دادو سول اسپتال جي سول سرجن پير غلام حسين مبينا غفلت سبب ڪلثوم ملاح جي فوت ٿيڻ تي ڊاڪٽر سڪندر جمالي، گائني وارڊ جي انچارج ڊاڪٽرصغريٰ ملاح جي ننگراني 4 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي ۽ جاچ ٽيم کي 3 ڏينهن اندر عورت جي موت جي ڪارڻ بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.