ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر 209.5 رپين جي تاريخي سطح تي پهتو: سون 144000 رپيا في تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا واڌ سان 143100 مان 144000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا لاٿ سان 1530 مان 1510 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ رپيو واڌ سان 208 مان 209.5 ۽ انٽر  بينڪ ۾ 21 پئسا واڌ سان 206.46 مان 207.67 رپين تي پهتو ، واضح رهي ته هلندڙ مهيني دوران ڊالر جي ملهه ۾ 9.21 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن  ته پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 252.5 مان  253.5 ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 217 مان 218 رپيا ٿي ويا