نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو لڳ ڦلپوٽا ڳوٺ تي ڳڙهي خدابخش پوليس چڙهائي ڪري امجد جت کي کڻي وئي، مزاحمت تي اهلڪارن جي تشدد ۾ پيرسن عورت شاهل جت زخمي ٿي پئي.ڳوٺاڻن غلام ياسين، غلام مصطفيٰ، مائي ساجده، مائي شاهل خاتون، اربيلو، ساگر، ذاڪر ۽ ننڍڙي چاهت پوليس خلاف احتجاج ڪيو.زخمي پيرسن شاهل خاتون جو چوڻ هو ته پوليس گهرن ۾ ڦرلٽ ڪري  ڀڃ ڊاهه ڪئي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪيو.ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي منشي مقصود ڀٽو هٿيار جو بٽ هڻي زخمي ڪيو.ساجده جت جو چوڻ هو ته پوليس ڀاءُ امجد جت کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان کي فوري آزاد ڪيو وڃي.