ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 2 ڏينهن ۾ 10 رپيا سستو : سون ۾ وڌيڪ 3400 رپين جي لاٿ اچي وئي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 3400 رپين جي لاٿ سان  158300 مان 154900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالرن جي اضافي سان 1780 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، ٻئي طرف  چاندي  10 رپيا لاٿ سان  1580 مان 1570 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر  ڏيڍ رپيو لاٿ سان 242 مان 240.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ 46 پئسا لاٿ سان 238.38 رپيا  ٿي ويو، ٻئي طرف   پائونڊ  هڪ رپيو  لاٿ سان 294 مان 293 ۽ يورو اڍائي رپيا گهٽتائي سان 245 مان 242.5 رپين تي پهتا هئا