ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سيڪريٽريٽ نان گزيٽڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن  جي محافظ پينل پينل جي صدر قائم الدين سمون جي رٽائر ٿيڻ تي سندس اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي ۽ سندس خدمتن تي کيس مڃتا ڏني وئي. تقريب ۾ محافظ پينل جي سينئرقيادت شرڪت ڪئي. اڳوڻي چيئرمين پرويز عباسي ۽ محمد صالح انصاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن قائم الدين سمون کي شيلڊ ڏني وئي ۽ مختلف تحفا پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي محافظ پينل جي جي نئين باڊي جي چونڊ به ڪئي وئي. ڪارڪنن يڪراءِ سان سرفراز احمد کي چيئرمين، پرديپ ڪمار باشاني وائس چيئرمين، لالا بابر ميمڻ کي صدر، رحمان شيخ کي نائب صدر ۽ ڪليم الدين کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته قائم سمون کي پينل جو تاحيات سرپرست اعليٰ يڪراءِ چونڊيو ويو.