ڇا ڪي اين شاهه کي ٻوڏن کان نه ٿو بچائي سگھجي؟

0
195
ڇا ڪي اين شاهه کي ٻوڏن کان نه ٿو بچائي سگھجي؟

 گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ مختلف قسمن جي ٻوڏن کي منهن ڏئي رهي آهي. ڪڏهن سنڌ جا ساحلي علائقا سامونڊي طوفانن جي نتيجي ۾ ٻوڏن جي زد ۾ آهن ته وري ڪڏهن مون سون يا سانوڻي جون شديد برساتون سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. ڪڏهن وري دريائي ٻوڏون (اها ٻوڏ جيڪا درياءَ جا بند ٽُٽڻ ڪري اچي ٿي) سنڌ جي فصلن، شهرن، وسندين ۽ واهڻن کي ٻوڙي جاني توڙي مالي نقصان پهچائين ٿيون. سنڌ ۾ بار بار ايندڙ ٻوڏن کي ماهر موسمياتي تبديلين جو نتيجو قرار ڏين ٿا. چيو وڃي ٿو ته  موسمياتي تبديلين جا اثر پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي تمام شديد آهن.

                 دريائي توڙي برساتي ٻوڏن جا اثر ٿورو گھڻو سڄي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين تي پون ٿا. پر سنڌ جا ڪجهه اهڙا علائقا ۽ شهر به آهن، جن تي انهن جي جاگرافيائي بيهڪ، ٽوپوگرافي ۽ هيٺانھين جي ڪري دريائي توڙي برساتي ٻوڏون ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو اثرانداز ٿين ٿيون. انهن ۾ ڳڙهي خيرو، گاجي کهاوڙ، ميهڙ، جوهي، شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، وارهه، گوزو وغيره شامل آهن. ڪافي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته آخر خيرپور ناٿن شاهه شهر هر دفعي ڇو ٿو ٻڏي؟ ڇا ان کي ٻوڏن کان بچائي نه ٿو سگھجي؟

2010ع واري مها دريائي ٻوڏ جون خوفناڪ يادون اڄ به ڪيترن جي ذهنن ۾ تازيون آهن. ان سال سنڌ ۾ ته سانوڻي جون برساتون نارمل کان به گھٽ هيون پر ملڪ جي اترين علائقن ۽ ڪوهه سليمان تي پوندڙ غير معمولي برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو هو. جڏهن گڊو بيراج وٽ وهڪرو 11 لک ڪيوسڪ تي پهتو ته گڊو ۽ سکر بيراجن وچ ۾ سنڌوءَ جو ساڄي پاسي غوثپور شهر ڀرسان ٽوڙي حفاظتي بند 7 آگسٽ تي ٽُٽي پيو. نتيجي ۾ پاڻي جي هڪ وڏي وهڪري اولهه ڏکڻ طرف پڪي وارن علائقن جو رخ رکيو. سرڪاري انگ اکرن مطابق 8 آگست تي گڊو وٽان سنه 2010ع واري ٻوڏ جو وڏي ۾ وڏو دريائي وهڪرو 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ گذريو هو. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته، اهو وهڪرو ساڍا ٻارنهن لک ڪيوسڪ هو. بند ٽُٽڻ جي نتجي ۾ نڪرندڙ پاڻي قدرتي سلوپ وٺي ٺل ۽ مبارڪپور جي وچ وارن علائقن کي ٻوڙي جيڪب آباد جي اُترين ۽ ڏاکڻي پاسي کان ٿي ڪري بلوچستان جي صحبت پور ۽ ڊيرا الهيار کي ٻوڙي ڏکڻ طرف رخ رکيو. روجهاڻ جمالي، اوسته محمد، ڳڙهي خيرو ۽ قبو سعيد خان به ان جي زد کان بچي نه سگھيا. اريگيشن جا عملدار به پاڻيءَ جي وهڪري کي قدرتي سلوپ حوالي ڪري پاڻ آرامي ٿيا. ٽوڙي بند مان نڪتل اهو پاڻي شهداد ڪوٽ ۽ وارهه شهرن جي اولهه ۽ کيرٿر جبل جي دامن وچ مان گُذرندي وڃي ڌامراهه واهه سان ٽڪرايو. اُتان پاڻيءَ کي هيٺ منڇر طرف گذرڻ جو رستو تمام سوڙهو هو، انڪري پاڻي گڏ ٿيندو ويو ۽ رستو نه ملڻ ڪري ان اوڀر طرف گاجي کهاوڙ ۽ نصيرآباد طرف رخ رکيو. عوامي دٻاءَ سبب نيٺ ڌامراهه واهه کي ڪٽ هڻي پاڻي کي قدرتي رستو ڏنو ويو.

ٽوڙي بند وٽان درياءَ مان نڪرندڙ اهو پاڻي اڍائي سئو ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري اچي وري جوهي برانچ ڪينال سان ٽڪراجڻ بعد تمام سوڙهو رستو هجڻ ڪري پوئتي بيهي رهيو. ياد رهي ته ڌامراهه واهه ۽ جوهي برانچ ڪينال قدرتي وهڪري وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. انهن مان پاڻي ڪراس ڪرائڻ جي گنجائش تمام گھٽ آهي. جوهي برانچ ڪينال ۾دير سان ڪٽ ڏيڻ ڪري وڌندڙ پاڻي جي پريشر جي نتيجي ۾ ايم اين وي ڊي (آر بي او ڊي)، سپريو ۽ خداواهه جا بند ٽُٽي پيا ۽ پاڻي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه طرف رخ ڪيو. نتيجي ۾ ميهڙ تعلقي جا ڪافي ڳوٺ ۽ خيرپور ناٿن شاهه شهر ۽ تعلقي جا ڪافي ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿيا. انهن علائقن مان اهو ٻوڏ وار پاڻي نڪاسي آب، بخار ۽ زمين ۾ داخل ٿيڻ وسيلي پنجن مهينن کان پوءِ مس وڃي ختم ٿيو هو.

سن 2010ع واري مها دريائي ٻوڏ کان 12 سال پوءِ سن 2022ع ۾ سنڌ ۾ وري هڪ وڏي ٻوڏ آئي، جيڪا دريائي نه پر برساتي هئي. اها ٻوڏ سنڌ جي تاريخ جي بدترين ٻوڏن مان هڪ هئي. جنهن ۾ سوين ماڻهو فوت ٿي ويا، لکين ماڻهو متاثر ٿيا، هزارين خاندان بي گهر ٿيا، ۽ گهرن، انفرااسٽرڪچر ۽ فصلن کي تمام وڏو نقصان پهتو. ان وقت لڳ ڀڳ اڌ سنڌ ٻوڏ سبب پاڻي ۾ ٻڏل هئي. ورلڊ بينڪ جي تازي رپورٽ مطابق ته ان ٻوڏ جي ڪري سنڌ کي لڳ ڀڳ 9 بلين ڊالر جو تقصان ٿيو. غربت 3.7 کان 4.0 سيڪڙو وڌي. جنهن ڪري ملڪ ۾ موجود غريب ماڻهن  ۾ 85 کان 90 لک ماڻهن جو اضافو ٿيندو.

هي ٻوڏ موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پوندڙ هڪ غيرمعمولي چوماسي برسات جو نتيجو هئي. سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ مِينهن (برسات) پڊعيدن جي موسمياتي اسٽيشن تي 1763 ملي ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو. سراسري طور گذريل سال پوندڙ برسات عام پوندڙ برسات کان لڳ ڀڳ پنج دفعا وڌيڪ هئي. سڄي سنڌ هڪ خشڪ علائقو آهي. پر گذريل سال پڊعيدن ۾ پوندڙ برسات خشڪ علائقي کي پوسل واري علائقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ انهن چوماسي برساتن وسيلي ايندڙ پاڻيءَ جو اندازو 79 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) لڳايو ويو آهي. جيڪو لڳ ڀڳ 9 تربيلا ڊيمن جي پاڻي جي برابر ٿئي ٿو. ان کان علاوه بلوچستان صوبي جي ڪل ايراضي جي 22 سيڪڙو ۾ پوندڙ برساتي پاڻي، جيڪو لڳ ڀڳ 8 ايم اي ايف ٿئي ٿو، اهو پاڻي وهڪري جي صورت ۾ بلوچستان جا ڪافي شهر ۽ وسنديون ٻوڙڻ کان پوءِ جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن خاص ڪري چکي وٽان سنڌ ۾داخل ٿيو. ان پاڻي به اهو ئي رستو ورتو، جيڪو 2010ع واري ٻوڏ دوران ورتو هو. سنڌ اڳ ۾ ئي غير معمولي پوندڙ برسات جي ڪري پاڻي ۾ ٻڏل هئي، مٿان وري بلوچستان کان ايندڙ پاڻي ايم اين وي ڊي، سپريو ۽ خداواهه جا بند ٽوڙي ڪي اين شاهه شهر کي هڪ دفعو ٻيهر ٻوڙي ڇڏيو. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهو 2010ع واري ٻوڏ جو ورجاءَ هو. اسان ٻارنهن سالن ۾ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ نه ڪا پلاننگ ۽ نه ئي وري ڪي گھربل ڪم ڪرائي سگھيا سين.

آخر ڪي اين شاهه هر دفعي ڇو ٿو ٻُڏي؟

سن 2017ع جي آدمشماري مطابق ڪي اين شاهه تعلقي جي آبادي 3 لک 30 هزار آهي، هي ايڏي آبادي وارو تعلقو چوماسي جي مند دوران اڪثر ٻوڏ جي خدشي ۾ رهي ٿو. سنڌ جو قدرتي سلوپ سنڌ جي اتر اولهه ۾شهدادڪوٽ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اهو ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو، منڇر کان ٿيندو درياءَ جي کاٻي پاسي نوابشاهه، سانگھڙ، مٽياري، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ بدين ضلعن کان ٿيندو سمنڊ طرف پهچي ٿو. ان مان صاف ظاهر آهي ته  ڪي اين شاهه تعلقو قدرتي طور هيٺانھون علائقو آهي. ٻيا ڪيترائي شهر به هيٺانھين تي آهن پر ڪي اين شاهه جي ٻُڏڻ جا ٻيا سبب به پنهنجو حصو وجھن ٿا. جن ۾ قدرتي طور منڇر طرف ويندڙ پاڻي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل جوهي برانچ ڪينال به هڪ آهي. جيڪو ٻوڏ واري پاڻي کي ڏکڻ طرف وڃڻ کي روڪي ٿو. ان ڪري مٿئين طرف ٻوڏ واري پاڻي جو پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايم اين وي ڊي (آر بي او ڊي)، سپريو ۽ خداواهه جي ڪمزور بندن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. نتيجي ۾ ڏکڻ طرف وڃڻ وارو پاڻي رستو سوڙهو هجڻ ڪري اوڀر طرف ڪي اين شاهه ڏانهن مُنهن ڪري ٿو.

ڪي اين شاهه کي ٻوڏن کان ڪيئن بچائجي؟

ڪي اين شاهه کي دريائي ۽ برساتي ٻوڏن کان بلڪل بچائي سگھجي ٿو. سکر ۽ گڊو وچ ۾ گھاري جي نتيجي ۾ يا وري بلوچستان کان ايندڙ پاڻي عام طور ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊي جي وچ وارو علائقي  (جيڪو 3 کان 8 ڪلوميٽر ويڪرو آهي) ۽ ايف پي بند جي الهندي پاسي مان گذري وڃي منڇر ۾ پوي ٿو. اهو هيٺانھون هجڻ ڪري برساتي توڙي دريائي ٻوڏ جي پاڻي نيڪال لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جئين ته پاڻيءَ جي وهڪري ۾ جوهي برانچ ڪينال هر دفعي رڪاوٽ بڻجي ٿو. انڪري صلاح ڏجي ٿي ته، ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊي وچ ۾ جوهي برانچ ڪينال جي 8 ڪلوميٽرن ۾ مختلف جڳهين تي انڊر پاس يا سائيفن ٺاهيا وڃن ته جيئن ٻوڏ وارو پاڻي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي گذري وڃي. ايم اين وي ڊي جي اُڀرندي ڪناري واري بند  ۽ ايف پي بند کي تمام گھڻو مضبوط ڪيو وڃي. ان سان گڏ سپريو بند ۽ خداواهه جا بند اوچا ۽ مضبوط ڪيا وڃن ته جيئن گھاري وسيلي ايم اين وي ڊي مان نڪرندڙ پاڻيءَ کي اڳتي اُڀرندي طرف وڌڻ کان روڪي سگھجي. ڪنهن وقت ۾ اڳي نئين گاج جو ٻوڏ وارو ڪافي پاڻي سِڌو وڃي درياءَ ۾ پوندو هو. پر ان سان ڪافي علائقا ٻُڏي ويندا هئا. انگريزن جابلو ٻوڏ کا بچڻ لاءِ ايف پي بند ۽ تِير ڀت ٺاهيا ته جيئن گاج ۽ ٻين جابلو نَين جو پاڻي بنا نقصان جي منڇر طرف منتقل ڪجي. انڪري صلاح ٿي ڏجي ته، ڪَڪَڙ ڀرسان ايم اين وي ڊي کي درياءَ سان ڳنڍڻ لاءِ انڊس لنڪ ڪينال جو اڀياس ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته اهو ٺاهي ايم اين وي ڊي کي درياءَ سان ڳنڍيو وڃي. ان وسيلي فقط ٻوڏ دوران پاڻيءَ کي  درياءَ ۾ وهايو وڃي ته جيئن هيٺ جوهي ۽ ٻين شهرن کي ٻُڏڻ کان بچائي سگھجي. جيڪي ڳوٺ هيٺانھين تي آهن، اُنهن کي مٿي ڪري ٺاهيو وڃي ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل نه ٿي سگھي.

[email protected]