گل حسن ڪلمتي: ڪراچيءَ جو مورڙو

0
542
گل حسن ڪلمتي: ڪراچيءَ جو مورڙو

 ڪراچي جي تاريخ کي بدنصيبي جي ڍير مان کوٽي ڪڍي هن شهر جي حقيقي مالڪي کي قلمبند ڪندڙ گل حسن ڪلمتي ڪراچي جي مٽي حوالي ٿي ويو. تاريخي طور ڪراچي شهر جنهن زمين جي ٽڪري تي آباد آهي، اتي گل حسن ڪلمتي جي ڪلمتي برادري ارغونن ترخانن کان وٺي مغلن تائين انيڪ ويڙهون وڙهڻ باوجود شڪستون قبول نه ڪئي. اها ڪراچي جيڪا ورهاڱي بعد ننڍي کنڊ مان ٿيل لڏپلاڻ جي ڪري هن ڌرتي جي ٽڪري تي اوپري بڻجي وئي هئي، ان ڪراچي جي ٻاڙي ٻاڙي لتاڙي گل حسن ڪلمتي صدين جي تاريخ سهيڙي اهو قلمبند ڪري ڇڏيو ته هي شهر سنڌ جي مارئي آهي.

                 عظيم انسان هميشه وڏا خواب ڏسندا آهن ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ ڪوششون وٺندا آهن، ڪراچي جي ضلعي ڪائونسل ۾ هڪڙي انفارميشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي ويٺل گل حسن ڪلمتي ان وقت ڪراچي جي مالڪي جو خواب ڏٺو، جڏهن هي شهر ذري گهٽ سنڌ ۽ سنڌين کان ڦرجي يا قيد ٿي چڪو هو، ان ڪري ئي هن سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو ته ڪراچي جي تاريخ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ اهي ماڳ مڪان هجن، اهي تاريخي عمارتون هجن، روڊ رستا هجن، بندرگاهه هجن يا وري هن شهر جي عظيم هيرن جو ذڪر هجي، هن هڪ هڪ پنو ۽ هڪ هڪ عمارت کي پنهنجين اکين سان ڏسي ڪراچي اڏيندڙن جي هڪ اهڙي تاريخ اڏي، جيڪا صدين تائين ايندڙ نسلن کي ڪم ايندي. گل حسن ڪلمتي ڏٺو ته هي شهر ڌاري آبادي جي قيد ۾ آهي، ان ڪري ئي هن ڪراچي کي سنڌ جي مارئي جو نالو ڏنو. هن نالي ڏيڻ بعد هن نه رڳو ڪراچي بابت لکيو پر ڪراچي جي قديم سنڌين کي گڏ ڪري لازوال تحريڪون پڻ هلايون. ڪراچي جي ڳوٺن جي بچاءَ کان وٺي ڪراچي جي زمينن تائين جيڪي به تحريڪون هليون، گل حسن ڪلمتي انهن تحريڪن جو روح روان هو. عجيب اتفاق آهي ته ڪجهه عرصو اڳ بحريا ٽائون خلاف جيڪو احتجاج ٿيو هو، ان ۾ گل حسن ڪلمتي کي هڪ دهشتگرد ڄاڻائي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان ئي گل حسن جي ڪالهوڪي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي ۾ کيس سنڌ جو هيرو پيش ڪري ڀيٽا ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ڪراچي جي ڳوٺن جي بچاءَ لاءِ سڀ کان وڏي تحريڪ انڊيجينس الائنس هلائي. ان الائنس جو بنياد وجهندڙ گل حسن ڪلمتي هو. هن نه رڳو گاديءَ واري شهر ڪراچي پر سنڌ جي سڄي سامونڊي پٽيءَ جا پنڌ ڪيا. هنگلاج کان وٺي سسئي جي ماڳ مڪان تائين ويندي هو ان ٻيٽ تي به پهتو، جتي کيس ڪنهن اطلاع ڏنو ته انگريزن خلاف جنگ وڙهندڙ سورهيه بادشاهه جو لاش اتي دفن ڪيو ويو آهي.

مون کي ياد ٿو اچي ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سسئيءَ جي پنڌن بابت هڪ پروگرام ٿي رهيو هو ۽ ان ۾ گل حسن ڪلمتي جڏهن ٻڌايو ته سسئي ڀنڀور کان جيڪو رستو ورتو هو، اها سسئي جي جيڪا واٽ هئي، اها ملير کان ٿيندي ان زمين تان ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪتي هئي، جنهن کي هاڻي بحريا ٽائون چون ٿا. پروگرام جي ميزبان بحريا ٽائون جو نالو وٺڻ تي اعتراض ڪيو ته هن وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته بحريا ٽائون مٿان هڪ پل ٺاهيو، جتان آئون سسئيءَ کي گذاري مڪران موڪليان! نه رڳو ڪوهستان پر لسٻيلي تائين جيڪي به هن ڌرتيءَ جا رهواسي آهن، انهن جي سموري تاريخ کي سرڪاري ادارا اربين رپيا خرچ ڪرڻ  باوجود گڏ نه ڪري سگهندا هئا، اها هن فقير منش پنهنجي هڙان وڙان ڏئي پيرين پنڌ ڪري ان کي محفوظ ڪيو. ڪراچي اهو بدنصيب شهر آهي، جنهن ۾ هتي 75 سالن کان رهندڙ ماڻهو به اڃا تائين اهو سمجهي ناهن سگهيا ته هي شهر ڪو سنڌ جو حصو آهي. گڏوگڏ ڪجهه سياسي تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي اهو چيو ويندو آهي ته ڪراچي کي اسان آباد ڪيو پر گل حسن ڪلمتي سنڌ جو اهو واحد انسان هو، جنهن تحقيق ڪري لکت ۾ اهو ثابت ڪيو ته ڪراچيءَ کي ٻاهران آيل ماڻهن اچي آباد ناهي ڪيو، نه ئي وري ڪراچي جا وڏا ادارا ٻاهران آيل ماڻهن ٺاهيا آهن پر هن ثابت ڪيو ته ڪراچي ورهاڱي کان اڳ جن ماڻهن آباد ڪئي يا ادارا ٺاهي ڪراچي کي ترقي وٺرائي، اهي هن مٽيءَ جي پيداوار ئي هئا. گل حسن ڪلمتي بابت تمام وڏي ڪم ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. گهٽ ۾ گهٽ به ايترو ئي ڪم ٿيڻ گهرجي، جيترو گل حسن ڪلمتي پاڻ تحقيق ڪري گڏ ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي گذريل ڏينهن ٺهراءُ پاس ڪيو آهي ته گل حسن ڪلمتي جي نالي سان ڪنهن روڊ جو نالو رکيو وڃِي يا ڪنهن عمارت تي نالو رکيو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته گڏاپ يا گلستان جوهر بدران ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا اندر ڪنهن عمارت يا ڪنهن روڊ جو نالو رکڻ سان گڏوگڏ ڪراچي جي اندر سندس نالي سان ڪنهن وڏي تحقيقي اداري جو بنياد رکيو وڃي، گل حسن ڪلمتي ڪراچي جو مورڙو هو ۽ هن شهر جي هيري طور کيس سدائين ياد رکيو ويندو.