آمريڪي ڪانگريس پاران پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جي واقعن ۽ گرفتارين تي ڳڻتيءَ جو اظهار

0
134

آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرز پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جي واقعن ۽ گرفتارين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي

ڪانگريس جي  66 ميمبرز آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن کي خط لکي ڇڏيو

خط ۾ چيو ويو آهي ته انٽوني بلنڪن پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جو زوال روڪڻ لاءِ سفارتي ذريعا استعمال ڪري، پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت آمريڪا جي مفاد وٽان آهي

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تشدد ۽ سياسي ڇڪتاڻ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال کي جنم ڏئي سگهي ٿي، پاڪستاني حڪومت تي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن لاءِ زور ڀريو وڃي

خط ۾ چيو ويو ته سياسي مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون تي ڳڻتي آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير کي خط لکڻ ۾ لابنگ ڪندڙ ڪمپني پاڪ پيڪ ڪردار ادا ڪيو