عمران خان جي سياست کي لڳل روڻ

0
250
عمران خان جي سياست کي لڳل روڻ

مئي جي وڌندڙ گرم هوائن جتي ماحول جي گرمي پد ۾ واڌارو ڪيو آھي، اُتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽيءَ اندر ڄميل اڳواڻ به آھستي آھستي رجڻ شروع ٿي ويا آھن، نتيجي طور فوج سان يڪجهتي ڪندي ڪُجھ اڳواڻن پارٽيءَ کي خدا حافظ چئي پنهنجون راهون خان صاحب کان الڳ ڪري ڇڏيون آھن۔ ڪي وري صبر ڪيو ۽ ڏسو واري پاليسي تي عمل ڪندي ماحول کي ڏسن پيا، ڏسجي ته خان صاحب جا گهڻا ساٿي کپي وڃن ٿا ۽ گهڻا وري بچي وڃن ٿا؟

                 هاڻوڪين سياسي حالتن کي ڏسندي ذھن ۾ ڪُجھ سوال اُٿن ٿا ته ڇا تحريڪِ انصاف جو مستقبل به (ق) ليگ جهڙو ٿيڻ وارو آھي؟ ڇا تحريڪِ انصاف جو حشر به ايم ڪيو ايم لنڊن جهڙو ٿيندو؟ ڇا جهانگير ترين عمران خان کان ناراض اڳواڻن کي گڏ ڪري سگهندو؟ ڇا جهانگير ترين عمران خان جي جاءِ والاري سگهندو؟

                 منهنجي نظر ۾ هِي اهي سوال آھن، جن جا جواب ملڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي مستقبل لاءِ تمام ضروري آھن. هِي ڪو پهريون دفعو ناهي جو ماڻھن مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي پارٽين کي الوداع ڪيو هجي، ان کان اڳ به ائين ٿيندو رهيو آھي. ماڻھو فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ايوب خان سان گڏجي بيٺا، ذوالفقار علي ڀٽو سان به ائين ٿيو، محمد خان جوڻيجو به  سياسي ڀنور ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، نواز شريف سان به ساڳيو لڪاءُ ٿيو، لوٽا محترمه بينظير ڀٽو جو به ساٿ ڇڏي ويا هئا ۽ (ق) ليگ سان به ائين ٿيو، جيڪو ٻين پارٽين سان ٿيندو رهيو، مطلب ته ملڪ جي سياسي تاريخ لوٽن سان ڀري پئي آھي. سئو ڏيڍ اهڙا ماڻھو يا خاندان آھن، جيڪي موسم مطابق پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري اقتدار جا مزا ماڻيندا آھن. ان ۾ به شڪ ناهي ته ڪي جوڌا جوان هر ڏکي گهڙي ۾ پنهنجي پارٽي ۽ اڳواڻ سان سوين سختيون برداشت ڪري به ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي بيٺا رهيا. سو تحريڪ انصاف خاص طور خان صاحب کي شايد اهو اندازو نه هو تھ سندس ساٿي ائين ڇڏي هليا ويندا، جيئن هاڻي پيو ٿئي. اڃا منزل اڳتي آھي، ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ اليڪشن ۾ اڃا 5 مهينا باقي آھن. ايندڙ پنجن مهينن ۾ گهڻو ڪجھ تبديل ٿي سگهي ٿو، ڪي هيرو مان زيرو ٿيندا ته ڪي وري زيرو مان هيرو به بڻجي ويندا. آڪٽوبر ۾ گهڻو وقت پيو آھي، اسان وٽ سياسي ماحول تبديل ٿيڻ ۾ مهينا نه پر ڏينهن گُهرجن، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن ۾ چرخو عجيب ڦيرو کائي ويندو آھي. جيئن 2018ع ۾ ٿيو، ماڻھن (ن) ليگ کان ورتل ٽڪيٽون واپس ڪيون. ڇو ته انهن کي پنهنجو مستقبل تحريڪ انصاف ۾ روشن پئي لڳو.

ملڪ جون حالتون روزانو جي بنيادن تي غير يقيني واري صورتحال طرف  وڃي رهيون آھن. اسان جو نوجوان نسل جنهن ”نازڪ دور“ جو ذڪر هميشه ٻڌندي پئي آيو. اهو دور هاڻي شايد پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آھن ته نازڪ دور ڪيئن ٿيندو آھي؟ هاڻوڪن حالتن کي ڏسجي ته واقعي ملڪ ”نازڪ دور“ مان گذري رهيو آھي. هر طرف خوف جا طبل وڄن پيا. پهريون دفعو پريشان ڪندڙ قوتون پاڻ پريشان آھن. ٻين جي ٻچن تي لٺيون، ڪوڙا، ڦٽڪا وسائيندڙ، زندانن ۾ قيد ڪندڙ ڌُريون هاڻي پنهنجي ٻچن جي مستقبل جي فڪر واري ڪن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيون آھن. ٻين کي آڱرين تي نچائڻ وارا ڪردار هاڻي پاڻ پريشانيءَ ۾ ڌمال هڻي پاڻ بچائڻ ۾ لڳي ويا آھن.

سياست نت نوان روپ وٺي رهي آھي، ڪنهن لاءِ وڻندڙ محبوبه آھي ته ڪنهن لاءِ وري ڀيانڪ خواب کان گهٽ ناهي. ملڪي تاريخ ۾ مئي مهينو وساري نه ٿا سگهون، ڇو ته انهيءَ مهيني جي 28 تاريخ تي نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪري قوم جو ڳاٽ فخر سان مٿانهون ڪيو هو ته پرويز مشرف وري 12 مئي تي ڪراچيءَ ۾ هڪ لساني پارٽي جي دهشتگردن جي مدد سان رت جي راند کيڏي قوم جو ڪنڌ شرم کان جُهڪائي ڇڏيو هو. هاڻوڪن 9 مئي وارن واقعن ملڪ جي سياسي درياءَ جو رُخ ئي موڙي ڇڏيو آھي، جيڪو خان صاحب پاڻ کي سياست جو شھنشاھ سمجهي پيو، اهو خان ننڍڙي غلطيءَ جي ڪري پريشان ڏسجي پيو، خان صاحب جي سياست لاءِ ان ڏينهن جا واقعا خطرناڪ روپ اختيار ڪندا پيا وڃن نه صرف اهو پر دشمن ملڪن کي کلڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪيو ويو آھي. عمران خان جي طرز سياست بلڪل ڪراچي جي لساني پارٽي جهڙي لڳي پئي. Red Line  وارو جملو خان جي سياست لاءِ شايد هاڻي Black Line ٿي وئي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، عمران خان پنهنجي چاهيندڙن جي بهترين انداز سان ذھن سازي ڪئي، اُنهن کي صرف اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري پيو، جيڪو خان صاحب پاڻ ڏيکارڻ چاهي پيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڇوليون هڻندڙ سياسي درياءَ کي روڻ لڳي چڪي آھي، ڏسجي ته اها روڻ ڪٿي وڃي دنگ ڪري ٿي؟ ان ڳالھ مان اهو صاف ٿي ويو آھي ته، خان صاحب پنهنجي سخت رويي جي ڪري پاڻ به مصيبت ۾ ڦاٿو آھي پر ان سان گڏ هزارين ڪمزور ذھنن (پنهنجي جذباتي ڪارڪنن) کي به مصيبت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي چڪو آھي. جن ماڻھن عمران خان کي پنهنجي Red Line  سمجهي فوجي جاين، سرڪاري عمارتن ۽ نجي ملڪيتن کي باهيون ڏيئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، اهي گهڻو پريشان آھن، ڇو ته دھشتگردي ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي تلوار سندن مٿان لٽڪي پئي. کين ڪا سڌ ناهي ته اڳتي انهن سان ڇا ٿيندو؟ پارٽيءَ پاران به لاتعلقيءَ جو اظھار ڪيو پيو وڃي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان جنهن انداز سان گرفتاريون ٿين پيون. ان مان ته ائين لڳي ٿو، خان جي سياست جو سج لهي چڪو آھي. ان سج لهڻ جو خان صاحب پاڻ ذميوار آھي.

جيئن ته عمران خان جي سياست ۾ رُوح ڦوڪڻ ۾ جتي ٻين گهڻن ڪردارن جو هٿ رهيو آھي، اتي جهانگير خان ترين به تمام گهڻو اهم رهيو. وڏي وقفي کان پوءِ جهانگير خان ترين ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن عمران خان جو سياسي گهيرو تنگ نظر اچي پيو. چوندا آھن لوھ جڏهن گرم هجي تڏهن ڌڪ هڻڻ ۾ مزو ايندو آھي، جهانگير ترين به اهڙو ڪاريگر آھي، جيڪو پرويز مشرف جي دور کان وٺي تپندي تي ڌڪ هڻي پاڻ لاءِ راهون سڌيون ڪندو آيو آھي، هاڻي به تحريڪ انصاف کي سڀ کان وڏو خطرو جهانگير خان ترين مان آھي، ڇو ته خان صاحب سان گڏ بيٺل ماڻھن ۾ جهانگير ترين پاران آندل ماڻھو به شامل آھن، ان سان گڏ ترين صاحب جون انهن سان ياريون دوستيون به آھن. هر ماڻھو پنهنجي سياسي مستقبل کي محفوظ ڏسڻ چاهي ٿو، انڪري تحريڪِ انصاف جا اڪثر باغي اڳواڻ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ جهانگير خان ترين جي جهولي ۾ ويهي سگهن ٿا، ڇو ته (ن) ليگ لوٽن کي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪري رسڪ نه کڻندي. (ن) ليگ جو ووٽر تحريڪ انصاف جي لوٽي کي پسند ناهي ڪندو. جنهن جو عملي نمونو پنجاب جي ننڍي چُونڊن ۾ ڏسي چُڪا آھيون. پنجاب جي سياست جو دڳ سڌو مرڪز طرف وڃي ٿو، ان ڪري پ پ پ مضبوط ماڻھن لاءِ گنجائش ڪڍي سگهي ٿي. ڏکڻ پنجاب جا ناراض اڳواڻ پ پ پ جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي سگهن ٿا.

ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، اڄ جي تاريخ تائين پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياست کي کاٽ لڳل نظر اچي ٿي، باقي اڳتي ڇا ٿو ٿئي، ان تي ڀروسو ڪرڻ مشڪل آھي، ڇو ته اسان وٽ سياست ۾ اصولن کان وڌيڪ مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آھي. جنهن کي جتي پنهنجو فائدو نظر ايندو، اهو اُتي هليو ويندو، ڇو ته اسان جي اڳواڻن جي ضمير جو فيصلو ڪڏهن گهاٽي وارو ٿيندو ئي ناهي، اُنهن جا ضمير ان وقت جاڳي پوندا آھن، جڏهن انهن کي بيٺل جاءِ تي گهاٽو نظر ايندو آھي. ڏسجي ته ملڪ جي بهتري لاءِ گهڻا ماڻھو ضمير جي جاڳيل آواز کي لبيڪ چوندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع چئي نئون گس جا راهي ٿين ٿا؟

[email protected]