ڇا ايران کي جنگ طرف ڌڪيو پيو وڃي؟

0
73
ڇا ايران کي جنگ طرف ڌڪيو پيو وڃي؟

 ايران طرفان اسرائيل مٿان تازو ڪيل حملن بعد ان ڳالھ جو امڪان وڌي ويو آھي ته جلد ئي اسرائيل، ايران مٿان ھڪ وڏو پر محدود حملو ڪرڻ وارو آھي. بظاھر امريڪا اھڙو حملو ڪرڻ کان اسرائيل کي روڪي رھيو آھي، ڇو ته امريڪا ايران سان سڌي جنگ ڪرڻ جي حق ۾ نه آھي.

                 امريڪا جي نالي واري تجزيه نگار فريد ذڪريا ايران مٿان حملي کي روڪڻ جي ڳالھ ڪندي چيو آهي ته ماضيءَ ۾ به جنگيون ايئن ئي شروع ٿيون ھيون. توڻي جو امريڪا سڌي طرح اھڙي ڪنھن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو، پر اھا ڳالھ ڪا لڪل ناھي ته اسرائيل جي دفاعي بجٽ جو 30 سيڪڙو امريڪا ڀريندو آھي، اسرائيل جي زمين تي امريڪا جا ھٿيار ذخيرو ٿيل (weapon stockpiles) آھن، جيڪي اسرائيل کي استعمال ڪرڻ جو حق آھي. گذريل چئن مھينن کان امريڪي ڪانگريس ۾ اسرائيل کي وڌيڪ 16 ارب روپيا دفاعي امداد ڏيڻ لاءِ بل غور هيٺ آھي. اهو بل ھائوس ۾ ووٽ نه ٿيڻ ڪري رڪيل آھي، پر ايران جي حملن جي ڪري ان بل جي حمايت وڌي رھي آھي. امڪان آھي ته سگھوئي اھو بل پاس ٿي ويندو.

شام ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيل طرفان ڪيل حملي بعد ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي. ھونئن ڪنھن به ملڪ جي سفارت خاني تي بمباري ڪرڻ جو عمل سڌي ريت جنگ جي شروعات ڪرڻ برابر ليکبو آھي. ڊڪليئريشن آف وار، جنگ ڪرڻ جي اعلان برابر ٿئي ٿو. سو ايران مٿان سڌي جنگ جي شروعات ته اسرائيل پاڻ ڪري چڪو آھي، پر ظاھر آهي ان حملي جو ذڪر امريڪي توڙي عالمي ميڊيا ۾ ان زور شور سان نه ٿيندو، جيئن اسرائيل مٿان ٿيل ايران جي ھوائي فائرنگ جي معاملي تي ٿي رھيو آھي. نيتن ياھو ھڪڙو چالاڪ ۽ خطرناڪ سياستدان آھي، ھو نه صرف انتھاپسند بلڪه جنگجو به آھي. فلسطين مٿان مڙھيل جنگ، 33 ھزار ماڻھن جو قتل، جن ۾ وڏي اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي آھي، عالمي عدالت ۾ مٿس ھلندڙ ڪيس، امريڪا ۽ يورپ ۾ سندن خلاف وڌندڙ راءِ عامه جي ڪري نيتن ياهو جي عوامي حمايت ۾ گھٽتائي پئي آئي، ان حد تائين جو صدر بائيڊن جي خلاف به سندن ڊيموڪريٽ حمايتين ووٽ ڏيڻ شروع ڪيا. ان پس منظر ۾ نيتن ياھو ايران جي سفارت خاني تي حملو ڪري زوريءَ ايران کي جنگ ۾ شامل ڪري امريڪا ۽ يورپي رياستن توڙي عوام جي حمايت حاصل ڪري ورتي آھي ۽ راءِ عامه کي تيزيءَ سان پنھنجي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ايران اڳ ئي امريڪي معاشي پابندين جو شڪار آھي، ان جي تيل جون برآمدات (ايڪسپورٽ) جيڪي پابندين کان اڳ 100 ارب ڊالرس جي ماليت جون هيون، سي ھاڻي نه ھئڻ برابر آھن. امڪاني اسرائيلي حملا، جيڪي شايد فوجي تنصيبن ۽ اڏن تائين محدود ھجن، سي ايران جي فوجي سگھ کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندا.

وچ اوڀر جي سڄي خطي ۾ ڪنھن به عرب ملڪ وٽ اھا فوجي صلاحيت موجود نه آھي، جو ھو اسرائيل لاءِ دفاعي خطرو بڻجي سگھن، ڌمڪيون ۽ ڀڀڪيون الڳ ڳالھ آھي. وٽن اھا دفاعي ھٿيارن جي ٽيڪنالاجي ناھي جو اسرائيل لاءِ ڪو خطرو ٿي سگھن. ايران توڻي جو 700 ميل پري آھي، پر پوءِ به اسرائيل مٿان حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھن تازي ڇڪتاڻ مان صاف نظر اچي ٿو ته اسرائيل اڳرائي ڪري ايران جي اھا صلاحيت ڪمزور يا ختم ڪرڻ چاھي ٿو. ايران جي دفاعي صلاحيت ڪمزور ڪرڻ جا ڪافي سبب آھن، جن جي ڪري اسرائيل اڳرائي ڪري رھيو آھي.

پھريون سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ايران دفاعي طرح ڪمزور ھوندو ته حماس، شام ۽ حزب الله جي مالي توڙي فوجي مدد نه ڪري سگھندو. جي اھي ٽئي ڌريون ڪمزور ٿيون ته اسرائيل لاءِ فوجي خطرا گھٽجي ويندا. ڇو ته اسرائيل سمجھي ٿو ته غزا جي پٽيءَ مان نڪرڻ بعد علائقي کي حماس کان خالي ڪرڻ وارو مقصد صرف تڏھن حاصل ٿي سگھندو، جڏھن ايران ڪمزور ھوندو ۽ حماس کي ھٿيار ۽ مالي وسيلا مھيا نه ڪندو. پوليٽيڪل سائنس جي ٻوليءَ ۾ اسرائيل کي خطي اندر سياسي ۽ فوجي بالادستي (hegemony)  قائم ڪرڻي آھي، ۽ ان تصور جي وصف ئي اها آھي ته، “توھان جا دشمن ڀلي ھجن پر وٽن اوھان مٿان حملي ڪرڻ جي صلاحيت، فوجي ۽ دفاعي جديد ھٿيار نه ھجن”.

اسرائيل، جنھن لاءِ امريڪا جي کاٻي ڌر جا تجزيه نگار ۽ ايڪٽوسٽ چوندا آھن ته، “اھو ملڪ سامراج جو ڪالونيل فوجي اڏو (military outpost of colonial empire) آھي. وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) جي ھڪ وڏي فوجي طاقت آھي. اھو واحد ملڪ آھي، جنھن وٽ ائٽمي ھٿيار پڻ آھن. اهو پنھنجي وجود کي جنھن ملڪ مان به خطرو سمجھي، ان خلاف ھر نوعيت جي ڪارروائي ڪري سگھي ٿو.

منھنجو خيال آھي ته اسرائيل جي ايران مٿان امڪاني حملن جو سياسي فائدو امريڪا سميت اسرائيل کي پوندو. مثال طور: ھتي امريڪا ۾ ھن سال صدارتي چونڊون ٿيڻ واريون آھن. صدر بائيڊن جي صورتحال ڪا سٺي نه آھي. سندس شڪست جو وڏو امڪان موجود آھي. ڊونلڊ ٽرمپ مان جان ڇڏائڻ جو به سٺو رستو اھو ٿيندو جو ڪو وڏو عالمي بحران پيدا ٿئي. جنگ جو طبل وڄيل ھوندو آهي ته ماڻھو رياست ڏانھن نھاريندا آھن. تاريخي طور تي جنگي ماحول ۽ خطرو قومن کي گڏ ڪندو آھي. ايلان مسڪ سميت ڪيترائي سمجھدار ماڻھو چئي رھيا آھن ته ٽين عالمي جنگ انساني تھذيب کي ناقابل تلافي نقصان پھچائيندي. يوڪرين ۾ ھلندڙ جنگ، جنھن ۾ دنيا جون ٻئي طاقتون آمھون سامھون آھن، جيتري روس جي دفاعي بجيٽ آھي، ايترا ئي ارب ڊالر امريڪا فوجي امداد ۾ يوڪرين کي ڏئي رھيو آھي. امريڪا اھي پئسا يوڪرين کي سڌي طرح نه ٿو ڏئي، بلڪه امريڪا جي ھٿيار ٺاھڻ وارين فيڪٽرين مان هٿيار خريد ڪري يوڪرين ڏانھن موڪلي ٿو. معاشي حوالي سان اھي پئسا امريڪا ۾ ئي رھن ٿا، ۽ امريڪي فوجي صنعت جو ڪاروبار وڌي ٿو، معيشت ترقي ڪري ٿي، ماڻھن کي روزگار ملي ٿو، ۽ اھي ھٿيار ٺاھيندڙ ڪمپنيون منافعي بخش ڪاروبار جي ڪري نئين تحقيق تي خرچ ڪن ٿيون. تڏھن ته چوندا آھن ته جنگ ھڪ ڪاروبار آھي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني، جيڪا ھٿيار ٺاھي وڪرو ڪندي آھي، ان جو نالو آھي ليڪھيد مارٽن، جنهن جو ساليانو ھٿيارن جو وڪرو 60 ارب ڊالرس کان وڌيڪ آھي.

[email protected]