پاڪستان ريلوي يا پنجاب ريلوي؟

0
35
بارداني جي شفاف ورهاست ۽ بيوس بڻيل سنڌ انتظاميا

پاڪستان چئن صوبن جو وفاق آهي پر ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهو هڪ ئي صوبي لاءِ وسيلا مهيا ڪندڙ ۽ سهولتون پيدا ڪندڙ آهي. ملڪ جا ٻيا صوبا انهن سهولتن کان اهڙي ريت فيضياب نه پيا ٿين، جهڙي ريت وڏو صوبو ٿي رهيو آهي. آدمشماري وڌيڪ ڄاڻائي وڏو صوبو وسيلن جو ڳپل حصو کڻي وڃي ٿو. نوڪريون به ان ئي آڌار هن کي ملن ٿيون. ڪي کاتا ۽ محڪما به، ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ هڪ ئي صوبي لاءِ آهن، اهڙن ئي کاتن ۾ ريلوي کاتو پڻ شامل آهي. ريلوي کاتي  کي ڏسي اهو گمان ٿيندو آهي ته ڄڻ اهو جوڙيو ئي هڪ صوبي لاءِ ويو هجي. هڪ ئي صوبي جي عوام کي ريل جون سفري سهولتون ميسر آهن. ٻيا صوبا ان سهولت کان محروم ٿيل آهن. سنڌ ۾ ته ريلوي جي سهولت نه هجڻ برابر آهي. تمام گهڻيون ريلوي اسٽيشنون ختم ڪيون ويون آهن. جيڪي اسٽيشنون آهن، انهن تان گهڻي ڀاڱي گاڏين جا اسٽاپ ختم ڪيا ويا آهن. ڪن اسٽيشنن تي اسٽاپ آهن ته ٽائيم ٽيبل اهڙو ترتيب ڏنو ويندو آهي، جو ان سان سنڌ جي عوام کي سهولت نٿي ملي. اها ٽائيم ٽيبل جوڙيندڙ خلق جي ڪرامت آهي جو سنڌ مان اڪثر ٽرينون رات جو گذرن ٿيون. سنڌ ۾ ريلوي سان لاڳاپيل سڄو ڪلچر تباهه ڪيو ويو آهي. ريلوي تي آڌاريل معيشت تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ جي هزارين ماڻهن جو گذر سفر ۽ روزگار ٽرينن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي آڌاريل هو، اهو تباهه ٿي ويو آهي. اختيار ڌڻين کان اهو سوال پڇڻ حقي واجبي آهي ته اهو کاتو پاڪستان ريلوي آهي، يا پنجاب ريلوي؟

سڄي دنيا ۾ ريلوي سستي ۽ محفوظ سفر جو ذريعو آهي پر هن ملڪ ۾ ان اهم شعبي کي تباهه ڪيو ويو آهي. ريلوي جو سرشتو انگريزن طرفان ڏنو ويو هو پر اسان جا حڪمران ان کي وڌائڻ بدران ڏينهون ڏينهن تباهه ڪندا وڃن. ڀلي انگريزن جا مقصد بغاوتن کي چٿڻ، فوج جي اچ وڃ، بارود ۽ سامان جي رسائي هجي پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ريلوي ماڻهن لاءِ سفري سهولت جو به وڏو ذريعو هئي. هتي ته هڪ مخصوص ‘لاجسٽڪ’ ڪمپنيءَ کي منافعي جا موقعا مهيا ڪندي ريلوي جي گڊز ٽرانسپورٽ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي مال گاڏيون، جي آهن ته به گهٽ تعداد ۾ آهن. باقي سامان جي سڄي ٽرانسپورٽيشن ان اهم مکيه ‘لاجسٽڪ’ ڪمپنيءَ جي ڪنٽينرن ۽ ٽرالرن ذريعي ٿئي ٿي، جنهنڪري روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن ۽ حادثا معمول بڻيل آهن. نه صرف گڊز ٽرين واري سرشتي کي تباهه ڪيو ويو آهي پر مسافر ٽرينون به سهولتن کان وانجهيل آهن. مٿان وري ٽرانسپورٽ مافيا ۽ ريلوي اختيارين جي ملي ڀڳت سان ريلوي جو ٽائيم ٽيبل اهڙو ٺاهيو ويندو آهي، جو عوام کي ان مان گهٽ فائدو پهچندو آهي. ماڻهو ڪوچن ۽ بسن ۾ مجبوري ۾ سفر ڪندا آهن. ريلوي جو ٽائيم ٽيبل اهڙو ٺاهيو ويندو آهي، جنهن سان هڪ ئي صوبي جي عوام کي فائدو پهچي ٿو. هٿ وٺي ان سسٽم کي تباهه ڪيو ويو آهي. جڏهن نيتن ۾ فتور هجي ته سسٽم صحيح هلي نه سگهندا آهن.

سنڌ ۾ ريلوي سان لاڳاپيل هڪ سڄو سارو ڪلچر تباهه ٿي ويو آهي. ماڻهو شادين مرادين لاءِ، ڄڃ لاءِ ٽرينن جا گاڏا بُڪ ڪرائيندا هئا، ٽوئر ۽ تفريح لاءِ به ٽرينن ۾ بُڪنگ ٿيندي هئي. سنڌ ۾ حالت اها آهي ته ننڍيون اسٽيشنون ته پري جي ڳالهه، وڏيون ريلوي اسٽيشنون، جيڪي جنڪشن به آهن، انهن کي تباهه ڪيو ويو آهي. ٽرينن جا وقت سهولت وارا نه آهن. ننڍيون اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن. جيڪي لوڪل ٽرينون هلنديون هيون، اهي پڻ ختم ڪيون ويون آهن. اتان جون پٽڙيون ڪئين ڏهاڪن کان خبر ناهي ته ڪهڙي ‘فائونڊري’ ۾ ڳري ختم ٿي ويون. ٽرينن جي ذريعي واپارين جي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ ڪاروباري سرگرميون پڻ ٽرينن جي ذريعي ٿينديون هيون پر ٽرانسپورٽ مافيا ۽ ريلوي اختيارين جي ملي ڀڳت انهن سمورين سهولتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. دنيا ۾ ريلوي جي سفري سهولتن کي وڌائي جديد بڻايو پيو وڃي. بلٽ ٽرينون هلڻ لڳيون آهن پر اسان وٽ انگريزن جو ڏنل ريلوي سرشتو به تباهه ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو ڪجهه بچيو آهي، ان مان به هڪ ئي صوبي کي سهولت آهي.

سنڌ به وفاق جو حصو آهي، ريلوي وفاقي کاتو آهي، ان تي سنڌ جو به حق آهي پر سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ ريلوي اسٽيشنن تي ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪيا وڃن. بند ڪيل ريلوي اسٽيشنون کوليون وڃن. ريلوي ٽائيم ٽيبل اهڙو ٺاهيو وڃي، جنهن سان سنڌ جي عوام کي به سهولتون ملي سگهن. سنڌ مان ريلوي کاتي کي روينيو نه ملڻ جي بهاني بازي بند ٿيڻ گهرجي. جڏهن ماڻهن کي سفري سهولتون ملنديون، تڏهن ئي  اهي سفر ڪندا ۽ تڏهن ئي روينيو ممڪن ٿي سگهي ٿو.