“ھوءَ ڏسو کٽي آئي آئي آئي”: ڪجھ رھجي ويل ڳالھيون

0
78
“ھوءَ ڏسو کٽي آئي آئي آئي”: ڪجھ رھجي ويل ڳالھيون

ڪوڪ اسٽوڊيو جي 15ھين سيزن جو افتتاح “ھوءَ ڏِسو کَٽي آئي آئي آئي” نالي سنڌي گيت سان ڪيو ويو آھي، جيڪو رليز ٿيندي ئي رڪارڊ ٽوڙ نتيجا ڏيڻ لڳو آھي ۽ ھن ليک سرجڻ تائين جي نتيجن موجب ان گيت کي رليز ٿئي 13 ڏينھن ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين يوٽيوب تي ھڪ ڪروڙ، 9 لک، 85 ھزار، 900 دفعا ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آھي. ڪوڪ اسٽوڊيو ان کان اڳ به سنڌي گيتن کي پنھنجي مختلف سيزنز جو حصو بڻائيندو رھيو آھي. مونکي ڪوڪ اسٽوڊيو جي جيڪا عادت سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪندي آھي، اھا اڀرندڙ آوازن جي محنت ۽ ڪلا کي موقعو ڏيڻ آھي ۽ ھن گيت ۾ به ڪجھ اھڙو ئي ڏسڻ لاءِ مليو آھي، جنھن ۾ نوجوان راڳي نعمان راڄپر پنھنجي ڀرپور فن جو مظاھرو ڪيو آھي ۽ موجوده دور ۾ مقبوليت ماڻيندڙ موسيقيءَ جي صنف “ريپ” تي ساڻس بابر منگي نالي نوجوان ريپر سنگت ڪئي آھي. ٻه ٽي سال پھريان ڪنھن پروگرام ۾ مون پھريون ڀيرو نعمان راڄپر جي “نفس بينڊ” کي ٻڌو ھو، جنھن دوران مونکي سندس شاهه لطيف کي ڳائڻ واري انداز ۽ ان جي اردو ترجمي تمام گهڻو متاثر ڪيو ھو ۽ ان ڏينھن مون محسوس ڪيو ھو ته نعمان راڄپر جو حق آھي ته ھو اھو مقام حاصل ڪري، جنھن تي اڄ ھو بيٺل آھي. اچرج جهڙي ڳالھ اھا به آھي ته ان گيت کي لکيو به انهن ئي ٻنھي نوجوانن آھي. نعمان راڄپر سان گڏ بابر منگي جھڙن اڀرندڙ راڳين کي وسيع پليٽفارم تي جڳھ ڏيڻ تي سنڌ جي ماڻھن کي ڪوڪ اسٽوڊيو جو ٿورائتو ھجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ به اسان وٽ مائي ڍائيءَ جو مثال موجود آھي، جنھن کي ڪوڪ اسٽوڊيو پاران موقعو ملڻ کانپوءِ ئي سڃاڻپ ملي ۽ ساڳي ئي ريت ھن ڀيري به عمرڪوٽ جي ھڪ ننڍڙي چئوديواريءَ تائين محدود ٿيل نھايت ئي شاندار آواز ۽ انداز کي صاحبان جي صورت ۾ دنيا تائين پھچايو ويو آھي.

ڪوڪ اسٽوڊيو انتھائي نفاست سان ديسي موسيقي سان گڏ انھن جديد صنفن جو امتزاج سامھون آڻي ٿو، جيڪو ٻڌندڙن وٽ اگهامجيو وڃي ۽ اسان جھڙو “ريپ مخالف” ٻڌندڙ به اھڙي امتزاج کي هضم ڪريو ڇڏي. ھن ڀيري متعارف ڪرايل گيت پڻ ان ڪسوٽيءَ مٿان مڪمل طرح پورو لھي ٿو پر ان ۾ ڪجھ جھول ضرور موجود آھن ۽ محسوس ٿئي پيو ته جيڪر مستقبل ۾ اھڙن شاندار گيتن ۾ انھن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته ان کان به بھتر تخليق بڻجي سگهي ٿي. ڪوڪ اسٽوڊيو جھڙي بين الاقوامي نوعيت جي پليٽفارم تي ھلندڙ ڪنھن به گيت کي اسان بھترين معيار جو ٺپو ھڻي ان کي ورائي ورائي ته ٻڌون ٿا پر ان پڙاڏي ۾ ڪجھ بنيادي ڳالھيون جيڪي نه رڳو اھميت جوڳيون آھن پر ٻوليءَ لاءِ پڻ ڪنھن خطري کان گهٽ ناھن، کي نظرانداز ڪريو ڇڏيون. اھو عمل بنيادي طور اسان جي مجموعي غيرذميواريءَ جي عڪاسي آھي، ان ڪري بھتر آھي ته انھن ڳالھين مٿان به گهٽ ۾ گهٽ ويچار ضرور ڪجي.

جيتوڻيڪ ھن گيت کي نوجوان راڳين پنھنجي مدد پاڻ تحت لکيو آھي، جنھن عمل کي ساراھڻ گهرجي پر بھتر ٿئي ھا جيڪڏهن شاعريءَ ۾ ڪجھ جڳھين تي استعمال ٿيل ٻين ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود لفظن سان تبديل ڪيا وڃن ھا. مثال طور: ھن گيت ۾ “زور جي مھندي” جي جڳھ تي جيڪڏھن “زور جي ميندي” لکيو ۽ پڙھيو وڃي ھا ته بھتر ٿئي ھا، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳواٽ ئي گهڻي ڀاڱي اصل لفظ “ميندي” جي جڳھ لفظ “مھندي” وٺي چڪو آھي، جيڪا سراسر ٻوليءَ سان ويساھ گهاتي آھي. اھڙي طرح ھن گيت ۾ ھڪ سِٽ آھي؛

“گڏ سفر ۾ جو مان ھجان ته ٻيو نال ڇا ڪجي”

ان جملي ۾ پنجابي يا پوٽوھار خطي ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻوليءَ جو لفظ “نال” اوپرو پيو محسوس ٿئي ۽ ان جي اردو ترجمي ۾ لکيو ويو آھي ته؛

“اپني ساٿ سفر مين جب خود لي ليا تو مجهي ڪسي ڪا ڪيا ڪرنا”

ترجمي منجهان خبر پوي ٿي ته ان سفر ۾ پنھنجي پاڻ کي ئي مخاطب ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سنڌيءَ واري اصل جملي مان بظاھر ايئن پيو محسوس ٿئي ته جھڙوڪ سفر ۾ ٻئي ڪنھن سان “مان” به موجود ھجان. ان تناظر ۾ منھنجي خيال ۾ بھتر ھجي ھا، جيڪڏھن اھو جملو ھن ريت لکيو وڃي ھا ته؛

“گڏ سفر ۾ جو پاڻ ھجان ھا ته ٻيو ساڻ ڇا ڪجي”

گيت جي وچ ۾ جتي ريپ ڳايو وڃي ٿو، ان دوران شاعريءَ ۾ ھڪ سٽ آھي:

“سائين مان ڪندو ڳالھ آن لک جي”

سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آھي “آھيان”، جنھن کي سنڌ جي خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي وارن علائقن ۾ عام طور تي “ھان” به لکيو ۽ پڙھيو وڃي ٿو ۽ شاعريءَ ۾ پڻ استعمال ٿيندي ٻڌو ويو آھي. اڄڪلھ نوجوان نسل آن لائن چيٽنگ دوران اڪثر ان لفظ کي “آن” لکن ٿا. ساڳي ئي طرح ھن ريپ دوران به ھڪ کان وڌيڪ جڳھين تي اھو لفظ اھڙي ئي “برگر انداز” ۾ ڪتب آندو ويو آھي. ھڪ دوست جو خيال ھو ته جيئن ته ريپ جي صنف اھڙي ئي نوجوان نسل جي خلقيل آھي، ان ڪري انفارمل (غير رسمي) صنف ۾ غير رسمي ٻوليءَ جي استعمال جي گنجائش ھجڻ گهرجي. مون ساڻس ڪنھن حد تائين سھمت ٿيندي وراڻيو ته يا ته پنھنجي ٻوليءَ جي اصل حالت مٿان سمجهوتو ڪري اھڙي ئي طرح لفظن جي بگاڙ کي ‘ايڊجسٽ’ ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏھن ايئن نه ٿئي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اھڙي فورم تي ٻوليءَ جي اڳواٽ رائج لفظن کي استعمال ڪرڻ يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن ٻوليءَ جو حسن برقرار رھي سگهي ۽ غلط العام ايترو تيزيءَ سان جنم نه وٺي سگهي. ساڳي ئي ريپ ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ چيو ويو آھي ته، “زندگي ھلندي رھندي رُڪندي ڪڏھن به ناھي” ان جملي ۾ جيڪڏھن لفظ “رڪندي” جي جڳھ تي “بيھندي” استعمال ڪيو وڃي ھا ته شايد بھتر لڳي ھا. ريپ ۾ ھڪ جڳھ تي لفظ “ڌمال” کي مذڪر طور استعمال ڪندي چيو ويو آھي ته،

“ڪنھن جي نه مجال آ، ھڻ پنھنجو ڌمال”

مٿي ذڪر ھيٺ آيل “آن” ۽ “آھيان” واري انداز جو دفاع ڪنھن حد تائين ٿي به سگهي ٿو، جھڙي ريت منھنجي دوست مون سان اختلاف رکيو پر ھڪ مونث کي مذڪر بڻائي ٻوليءَ جي گرامر ۾ اھڙي پيوندڪاري جي گنجائش منھنجي خيال ۾ موجود نه ھجڻ گهرجي.

ھڪ شعر آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي ته،

“ڀينر سج نڪتو اونداھي وئي لِي

منھنجو راڻل پھتو پارسائي وئي لِي”

ان شعر کي نج سنڌيءَ جي پنھنجي اصل اسلوب ۾ ادائگي ۽ سُرن جي ساٿ ڇا ته سرور بخشيو آهي! پر بظاھر ان شعر جي مفھوم مٿان پوءِ به سوال اڀري ٿو. مون سماجي ميڊيا تي پڻ ڪجھ دوستن کي ساڳئي ئي نقطي مٿان سوال اٿاريندي ڏٺو آھي، جنھن ڪري شاعر دوستن کي ان خيال جي پسمنظر کي واضح ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي. باقي صاحبان جي فطري لھجي ۾ ان شعر جي روح پرور ادائگي ھن گيت جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي.

ھن گيت کي ڏسندي ۽ ٻڌندي محسوس ڪيو ويو آھي ته ھن جا سب ٽائٽلز يوٽيوب جي مدد سان “آٽو جنريٽ” ڪيا ويا آھن، جنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي متاثر ٿي آھي. يوٽيوب پاران “آٽو جنريشن” جو آپشن ڪتب آڻڻ جي صورت ۾ انھن ٻولين کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جن کي يوٽيوب جو لاڳاپيل سرشتو پڙھي، سمجهي ۽ لکي نه ٿو سگهي. ان جي ابتڙ جيڪڏھن انھن مٿان انساني محنت مرڪوز ٿيل آھي ته پوءِ ان ۾ تمام گهڻي غيرذميواريءَ جو مظاھرو ڏٺو ويو آھي. نه رڳو اھو پر سب ٽائٽلز جي حد تائين گيت ۾ ڳايل جملا، انھن جي سنڌي ترجمي ۽ ان سنڌي ترجمي جي اردو ترجمي ۾ به تمام گهڻيون غلطيون ٿيل آھن.

بدقسمتيءَ سان اڄڪلھ سنڌي موسيقارن پاران سرجندڙ گيتن ۾ ريوو گاڏين ۽ پرائيويٽ جيٽ جھازن جون خواھشون ھجڻ ڪري اھي ھڪ اھڙي مخصوص طبقي جي ترجماني ڪن ٿا، جنھن جو سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سماجي مسئلن ۽ سياسي سوچ سان ڪو واسطو ئي ناھي ۽ سنڌ جي ڀوتارڪي طبقي جي ڇڙواڳ ٻارڙن جي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ اھڙن گيتن کي ٻڌندڙ نه چاھيندي به موٽ ڏئي پيو، ڇاڪاڻ ته ان وٽ ٻيو ڪو آپشن موجود ئي ناھي. ان جي ڀيٽ ۾ مارئيءَ جي موٽ جي پسمنظر ۾ ٺھندڙ ھن طرح جا گيت، جن ۾ سنڌي ثقافت جي ھڪ اھم جُز ٿري ثقافت جي شاندار اپٽار ھجڻ سان گڏوگڏ سموري سٿ جي ڏينھن رات جي محنت شامل ھجي، اھي گيت لک ڀيرا بھتر آھن. ڪوڪ اسٽوڊيو پاران جھڙي ريت سيٽ ڊزائيننگ ۽ ٿري ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاسٽيومز ۽ ميڪ اپ جو استعمال ڪري نج ماحول جوڙيو ويو آھي، ان جي جيتري به واکاڻ ڪجي اھا گهٽ آھي پر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته موسيقيءَ جا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ موسيقيءَ کي دل وندرائڻ جي سامان طور ٻڌڻ بدران پنھنجي قومي تشخص، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ متعلق گهٽ ۾ گهٽ ايترا ذميوار ضرور ھجڻ گهرجن، جو ان طرح جي اوڻائين مٿان اصلاحي تنقيد کي يقيني بڻائين ته جيئن پنھنجي ٻوليءَ جي وارثي ممڪن بڻجي سگهي.