تعليم، استاد ۽ نصاب

0
83
تعليم، استاد ۽ نصاب

 ھتي سڀ سماجي نقاد گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه تي يڪجا آھن ته ھي اڌريل معاشرو صرف تعليم سان ئي سڌري سگهي ٿو. سو پنھنجا ٻار پڙهايو. وري ان ڳالهه تي به سڀ ھم خيال آھن ته جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو، سو غير سائنسي، نرگسيت تي بيٺل ۽ افسانوي طرز جو ڪوڙ آھي، جنھن ۾ تاريخ جا رھزن قاتل ۽ منافق نصاب ۾ وڏا عالم، اڪابر ۽ ھيرا لکيا ويا آھن. جنھن ۾ سائنسي مضمونن ۾ به نام نھاد ازمن جي قلعي چڙھي پئي آھي ۽ ٻارن کي حقيقت پسندي نه پر شدت پسندي سيکاريل آھي! مزي جي ڳالهه ته ساڳيا اڪابر وري اھو به چوندا آھن ته ھڪ گندي مڇي سڄي تلاءَ کي خراب ڪري ڇڏيندي آھي ته پوءِ اھا ڳالهه ھو ڇو نه ٿا سمجهن ته نصاب ۾ موجود صرف ھڪ ڪوڙ سڄي نصاب کي برباد ڪري ڇڏي ٿو!

                 ھجڻ ائين گهرجي ته مڪتب ٻارن کي اکر شناسي سيکارين، اھي ٻارن کي صرف اھو سيکارين ته ڪيئن سکجي، پڙھجي، لکجي ۽ ڪيئن سمجهجي! ۽ ٻارن جي اندر ۾ ويٺل قدرتي ھنر کي ٻاھر آڻجي، جنھن مان سڄو جڳ لاڀ وٺي، جيڪو ھنر دنيا جو ھر ٻار پاڻ سان ڄمندي ئي کنيو ايندو آھي، پر ائين ناھي ٿيندو! اڄ سڄي دنيا جا تعليمي ماھر پرائمري تعليم کي تبديل ڪندا پيا وڃن، جنھن ۾ پرائري تعليم صرف “اکر شناسي” ۽ اھو سيکاريو ٿو وڃي ته “سکو ته ڪيئن سکجي”. جتي استاد جو صرف ايترو عمل دخل ھوندو آھي ته ھو ٻارن کي سندن فطري سکيا واري عمل ۾ “سھولت ڪار” ٿئي، جنھن وٽ ڏنڊي جو ته تصور ئي ناھي ھوندو.

ڪنفيوشس چيو ته: “ڪاٺيءَ جي اندر باھ موجود ھوندي آھي، اسان بس ان کي تيلي ڏيکاريندا آھيون”. ڪبير وري رومانس واري انداز ۾ چيو ته:

ميرا مجهه مين ڪڇ نھين، جو ڪڇ ھئي وو تيرا،

تيرا تجهه ڪو سونپ ڪر ڪيا لاگت ھئي ميرا؟

مطلب انسانذات جي لوڪ ڏاھپ ۾ اڳواٽ ئي اھڙين شين جو اظھار ٿيل آھي. انڪري ئي ته مان ھتي استاد کي صرف لوڪ دانش جي اک سان پيو ڏسان، جيڪو پنھنجي شاگردن کي علم جي تيلي ڏيکاري سندن اندر واري باھ کي ڀڙڪو ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي ۽ کين اھو ئي ڏي، جيڪو شاگردن جو پنھنجو ئي جوھر ھوندو آھي. پر وڏي مصيبت آھي ته اسان وٽ اھو استادي جوھر ڪافي سالن کان مري ويو آھي ۽ ھاڻي استادن کي بس رياستي نصاب جو لاڳو ڪندڙ ئي بڻايو ويو آھي. بقول رجنيش جي ته، ھو ھاڻي پنھنجي بغاوت واري پيشي کي ڇڏي رياستي ايجنٽ بڻجي ويا آھن، جيڪي ھڪ عقيدي ۽ رسم جيان روبوٽ گَهڙين ٿا. جيڪڏھن ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي ڪو “حقيقي استاد” ملي به ٿو ته ان طرف رياست ۽ سماج جو رويو انتھائي اڍنگو رھيو آھي.ٻارن مٿان جسماني تشدد ڏسجي ته لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. اھو ڪير ٿو ڏسي ته جڏھن به ڪو استاد پنھنجي شاگرد تي جسماني تشدد ڪري ٿو ته اصل ۾ اھو استاد ننڍپڻ ۾ پنھنجي مٿان ڪيل تشدد جو بدلو پيو وٺي، ھڪ اھڙي وجود کان، جنھن جو مٿس ڪيل تشدد سان ڪو به تعلق ناھي ھوندو، يا وري پنھنجي ناسمجهيءَ ۽ تدريسي نفسيات کان اڻڄاڻائيءَ جي ڪاوڙ ان ٻار مٿان ڪڍي ٿو. سڌريل ملڪن ۾ اھڙن استادن کي نفسياتي اسپتالن ۾ موڪلي سندن علاج ڪرايو ويندو آھي، جيڪو “نون لاڙن ڏيندڙ انقلابي ذھنن” جو قاتل سمجهيو وڃي ٿو. شاگردن جي ماءُ پيءُ جي وري اھا ذميواري ٿيندي آھي ته اھي پنھنجي ٻارن کي اھو سمجهائين ته، “سندن جسم، صرف انهن جا ئي آھن، سو جيڪو به فرد سندن جسمن تي تشدد ڪري ته اھي فوري طور تي مائٽن کي اطلاع ڏين ته جيئن انهن تشدد پسندن جي اعليٰ اختيارين تائين رپورٽ ڪري سگهن.

ڇا اوھان مان ڪنھن کي خبر آھي ته ويھين صديءَ جو وڏو سائنسدان البرٽ آئين اسٽائين ٽي ڀيرا اسڪول مان خارج ڪيو ويو ھئو ان سبب جي ڪري ته، کيس انگ ۽ اکر سمجهه ۾ نه ايندا ھئا! سندس مائٽن نيٺ پنھنجو آبائي شھر ڇڏي ٻيو شھر وسايو، جتي آئين اسٽائين خاص نگھداشت جي ڪري پڙھي سگهيو! جرمنيءَ ۾ پرائمري اسڪولن کي “جمنازيم” سڏيو ويندو آھي، انڪري جو اتي ٻار پنھنجي جسماني ۽ ذھني اوسر ڪندا آھن. اھا اوسر ئي ته ھئي، جنھن جي ڪري گذريل صديءَ جو تمام وڏو ڏاھو انسان پوري دنيا کي ملي سگهيو. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ھر اسڪول ۾ ڏنڊو ائين پيو ھوندو آھي، جيئن پوليس ٿاڻن ۾ چمڙي وارو “سچو پترو” جيڪو ملزمن تي ٽارچر طور وسائي کانئن ڏوھ باسرايا ويندا آھن.

وري پاڻ واري نصاب جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟ ان جي حالت سمجهڻ لاءِ ھڪ مثال ٿا کڻون: اوھان فرنيچر جي ھڪ دڪان تي وڃو ته اتي اوھان کي جديد ڊزائين وارا صوفا سيٽ، پلنگ ڪرسيون وغيرہ ملنديون. دڪاندار اوھان کي وڌيڪ نمونا ڏيکارڻ لاءِ ڪيٽيلاگ جي شڪل ۾ ھڪ دل لڀائيندڙ ڪتاب به ڏيکاريندو، جنھن ۾ مختلف فرنيچر تصويرن ۾ ملندا آھن. ته ڇا اھو فرنيچر جيئن ڏيکاريل ھوندو آھي، اھو ائين ئي وڻن تان لاھي رکيو ويو ھوندو؟ ڪڏھن به نه! ان لاءِ ڪاريگر ڪاٺ تي الائي ڪيتري محنت ڪندي ڪٽي ڪوري ان کي ٺاھڻ لاءِ ڏينھن لڳايا ھوندا. ھاڻي ته جديد مشينون اچي ويون آھن، جن جي مدد سان بھترين ڪٽ ۽ ٽُڪ ڪرڻ صفا سولي ٿي وئي آھي. اوھان ھڪ ڳالهه نوٽ ڪريو ته اھي مشينون يا ڪاٺ کي گهڙڻ وارا اوزار دڪان تي ناھن رکيا ويندا پر ورڪشاپ ۾، جن کي اوھان دڪان تي نه ڏسي سگهندا آھيو.

ھاڻي نصاب کي اوھان انهن اوزارن جيان سمجهو، جن جي مدد سان اھو خوبصورت فرنيچر ٺھي سگهيو آھي ۽ سڄي دنيا ۾ نصاب جي اھا ئي مروج تشريح آھي ته علم تدريس ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن جو اھو مجموعو، جنھن جي مدد سان فطري لقائن کي سمجهي سگهجي ۽ جن کي پسي تخليقي خيال اُڻي سگهجن. ھن مثال جي حساب سان جيڪو فرنيچر اوھان ڏٺو، اھو اوزارن جي مدد سان ٺھيو ۽ تدريسي علم ۾ اھو اوزار نصاب ٿيندو آھي، ۽ اوزارن جي مدد سان جيڪو فرنيچر ٺھيو، ان کي تدريس ۾ “علم جو نچوڙ” حاصلات يا نظريو سمجهيو ويندو آھي.

پر افسوس جو اسان وٽ نصاب کي “مقدس ڪتاب” سمجهيو ويو، مقدس نه سھي ته انکي بس ھڪ ڪتاب ئي سمجهيو ويو آھي. ان جو صاف مطلب اھو ئي ڪڍيو ويو ته نصاب ھڪ ٺوس مادي شيءِ (ڪتاب جي شڪل ۾) ٿيندو آھي، جيڪو شاگردن مٿان قلعي جيان ٿاڦيو وڃي. جنھن جي حقيقي جوھر کي ڪُٽي ماري، رياست جي “پسند ۽ ناپسند” جو ڪيٽيلاگ ٺاھيو ويو آھي، جنھن جي مدد سان رياست ۽ رياستي ادارا ايندڙ ڪورن ذھنن کي “شاھ دولي جا ڪوئا” ٺاھڻ ۾ لڳي ويا، تان جو اڄ اھا حالت آھي جو پوري ملڪ ۾ چيچن تي ڳڻڻ جيترا به تخليقي ذھن اسڪولن کان ويندي يونيورسٽين مان نڪري نه ٿا سگهن. ھجڻ ائين کپي پيو ته نصاب مشقن جي شڪل ۾ ۽ تمثيلي حالت ۾ شاگردن جي پنھنجي ذھني لاڙن کي ظاھر ڪرڻ جو اوزار ھجي ھا، جنھن سان شاگرد فارمولا سکي نوان فارمولا تخليق ڪري سگهن ھا، شاگرد سائنسي فارمولن ۽ فطري قانونن کان ويندي ڪائناتي تاريخ کي سماجي سائنس جي علمن، جھڙوڪ نسليات، لسانيات، انسانيات، نباتيات يا حيوانيات سان تصديقون ڪري نوان گس ڪڍن ھا پر ھتي نصابي جمود ۽ رياستي ڊڪٽيٽيشن جي ڪري تخليق ڪڏھوڪو موڪلائي ان جڳھ تي موقعا پرستي پيدا ٿي وئي ۽ بيسود ڊوڙ ۾ ھلاڪ ٿيڻ گهر ڪري ويو آھي، جنھن سان صرف قابض ادارا ۽ ڪارپوريٽي سيٺيا چڱا يا ڍلا نوڪر ھٿ ڪري سگهيا آھن.

سائنس، جيڪا اھو سيکاريندي آھي ته ھتي ڪابه شيءِ دائمي ۽ حتمي ناھي، ھي تغير جو جھان آھي. جتي ڪک پن کان ويندي آسماني گرھ چرندا پرندا، ڀڄندا ۽ ڀُرندا رھن ٿا، اھي ڊھي وري نوان ٺھن ٿا، سو پنھنجي پاڻ کي به تبديليءَ لاءِ سدائين تيار رکو، ۽ ھا جيڪو اوھان ھينئر ڏسي رھيا آھيو، اھو به جلد ئي تبديل ٿي وري ڪنھن نئين شڪل ۾ ايندو. اھم ڳالهه ته ان سڄي مام کي مغرب سمجهي ويو، جنھن ماضيءَ جي نام نھاد بُتن کي بس يادگارون سمجهي کين سانڍي ضرور رکيو، پر انھن کي پوڄيو ڪونه! مغرب سمجهي ويو ته ماضيءَ مان سبق سکي آئيندي جو مانائتو ٿيڻ لاءِ حال ۾ رھي ڪائنات جي رازن کي پروڙيو وڃي. منھنجي خيال ۾ مغرب جي ابتڙ پاڻ ڀلا ايڏا راز نه به پروڙي سگهون پر گهٽ ۾ گهٽ اصل ڪوتاھيون سمجهي وڃون، اھا به وڏي ڳالهه آھي.

اھو منھنجو خواب آھي ته ھتي نعريبازي ۽ بلاغت کي پاسيرو ڪري سائنسي بنيادن تي ھن آئيندي ساز تدريسي نظام بابت ڪي ٺوس قدم کنيا وڃن، جيئن گذريل مُدي ۾ تاريخ ساز فيصلو ڪري حڪومت پنجاھ ھزار استاد معيار تي ڀرتي ڪري سچ به ته وڏو ڪم ڪيو آھي، ائين ئي موجودہ وزير باتدبير سردار شاھ صاحب ڪي وڏيون وکون کڻي تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ لاءِ دستگير ٿي سگهي. اميد ته آھي.

[email protected]