تحريڪ انصاف ۽ توازن جي تلاش

0
43
تحريڪ انصاف ۽ توازن جي تلاش

 ڪجھ پراڻي پر گھڻي مشھور انگريزي فلم “ٽرمينيٽر ٽو” جو ھيرو آرنلڊ شوارزنيگر جڏھن پنھنجي مخالف روبوٽ کي فولادي بٺيءَ ۾ اڇلائي سندس انت آڻي ٿو ته ھن کان ڏھن سالن جو ٻار جان پڇا ٿو ڪري: “ڇا ھي مري ويو؟” شوارزنيگر ھن کي موٽ ۾ چوي ٿو “Terminated”  يعني ھن جو انت اچي ويو. موت زندگيءَ جو مقدر آھي. انسان مري ويندا آھن پر پارٽيون پنھنجي باني اڳواڻ کان پوءِ به سياسي طور تي ساھ کڻنديون رھنديون آھن. جڏھن ته پي ٽي آءِ جو بابو اڃان تائين حال حيات آھي. جيتوڻيڪ ھو جيل ۾ آھي پر اڄ به پارٽي ھن جي مرضيءَ جي مٺ ۾ سوگھي آھي. جڏھن ته 9 مئي کان اڳ ئي تحريڪ انصاف جي طاقت تباھ ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو ھو. 9 مئي ته پي ٽي آءِ جي مستي مٽائڻ جو آفيشل موڙ ثابت ٿيو. 9 مئي کان پوءِ پي ٽي آءِ مڪمل طور تي “ٽرمينيٽ” ته نه ٿي پر ھن کي وڏي حد  تائين Dismantle ضرور ڪيو ويو.پاڪستان ۾ اڪثر پارٽين مٿان مشڪل مرحلا آيا آھن. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪيس ته بنھ الڳ ٿلڳ آھي پر جنرل ضياءَ جي دور ۾ جيڪو ڪجھ پيپلز پارٽيءَ سان ڪيو ويو، ان جا طويل داستان ھن مھل تائين مڪمل طور تي تحرير ٿي نه سگھيا آھن. جيل، جلاوطنيون، ٽارچر سيل، شاھي قلعا ۽ ڦاسي گھاٽ! پيپلز پارٽيءَ مٿان ڪھڙا ڪھڙا حملا نه ڪيا ويا پر پوءِ به پيپلز پارٽي تيستائين طاقتور رھي، جيستائين اسٽيبلشمينٽ سان سياسي سمجھوتو ڪري، ڪرپشن جي وِھ جھڙي واٽ قبول نه ڪئي. پيپلز پارٽيءَ مٿان آيل آزمائش کي مسلم ليگ (ن) مٿان آيل مشڪل سان ڀيٽي نه ٿو سگھجي. پر پوءِ به پاڪستان جي تاريخ ۾ پرويز مشرف جيڪو حشر پاڪستان مسلم ليگ نواز جو ڪيو ھو، اھا پارٽي ھن مھل تائين اھو ڌڪ پچائي نه سگھي آھي. جيتوڻيڪ اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو ھڻي نواز شريف ھڪ حد تائين عوام جي دلين ۾ داخل ٿيڻ لڳو ھو پر پي ڊي ايم جي مختصر مدي واري ۽ ھاڻي ٺڪريءَ جي پاڙ تي بنياد رکندڙ حڪومت جوڙي ‘ن’ ليگ پنھنجي عوامي حمايت واري سياسي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو آھي. اھو سچ آھي ته ميان نواز شريف جي اھڙي سمجھوتي کي مسلم ليگ جو سياسي موت قرار ڏيڻ وارا ڪردار پنھنجي جاءِ به حقيقت جو اظھار ڪن ٿا پر جيڪڏھن مسلم ليگ (ن) اسٽيبلشينٽ سان سمجھوتو نه ڪري ھا ته ڇا اھا ڪو روسي يا چيني طرز جو انقلاب آڻي ھا؟ جڏھن ته ھاڻي پنھنجي قسم جو عجيب غريب انقلاب آڻڻ جا اعلان ڪرڻ وارو ملڪ جو اسير اڳواڻ عرف قيدي نمبر 804 به جيل جي سيخن مان اسٽيبلشمينٽ سان ھٿ ملائڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آھي.

تحريڪ انصاف جو باني اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ سان سمجھوتو ڪرڻ لاءِ ان وقت به تيار ھو، جڏھن ھن کي کنڀي کڻي جيل حوالي نه ڪيو ويو ھو. پر ان وقت ھن سان ڳالھائڻ ۽ ھن جا شرط مڃڻ لاءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪنھن به طرح سان تيار نه ھئي. اھو طئه ٿي چڪو ھو ته تحريڪ انصاف جي مٿي مان ھوا ڪڍي ويندي ۽ ھن کي پنھنجي اصل ماپ تور ۾ آندو ويندو. ان ڪري پي ٽي آءِ مٿان جڏھن آپريشن شروع ٿيو ته پارٽيءَ جا اھم ڪردار فوجي ٻوليءَ ۾ “تتر بتر” ٿيڻ شروع ٿي ويا. ھڪڙن الڳ جماعتون جوڙيون. ٻين پريس ڪانفرنسون ڪري توبھ تائب ٿيڻ جا اعلان ڪيا. ڪجھ اڃان تائين جيلن ۾ واڙيا ويٺا آھن. جڏھن ته ڪي ڪردار روپوشيءَ جي راھ اختيار ڪندي ھن مھل تائين منظرعام تي نه آيا آھن. پر ھن وقت ميڊيا مان اھڙي مھڪ اچي رھي آھي، جنھن ۾ تحريڪ انصاف لاءِ مشروط معافيءَ جو پيغام پنھان آھي. ڇو ته ھن وقت ملڪ جو ھڪ به اھڙو مشھور ميڊيا اينڪر يا سينئر صحافي ناھي، جيڪو عمران خان جي آزاديءَ متعلق پيش ٿيندڙ موقف جي مخالفت ڪندو ھجي. ھن وقت اڪثر سياسي ۽ صحافتي حلقا ان سوچ سان سھمت آھن ته تحريڪ انصاف کي جيتري تڪليف اچڻي ھئي، اچي چڪي آھي. ھاڻي ھن مٿان وري ٻيھر ھٿ رکيو ويندو. اھوئي سبب آھي ته نه صرف تحريڪ انصاف مٿان پوليس ڇاپن جو سلسلو ڍرو ٿيو آھي پر پارٽيءَ جا باندي ڪارڪن به تيزيءَ سان آزاد ٿيڻ لڳا آھن. جڏھن ته خيبر پختون خوا جي حڪومت مٿان به خطرن جا ڪڪر نه ٿا ڪڙڪن. گنڊاپور جھڙي طرح پنھنجي گھن گرج جو واليوم وڌائڻ لڳو آھي ۽ جھڙي ريت ھاڻي اليڪشن ڪميشن به ھن مٿان ھٿ ھلڪو رکڻ شروع ڪيو آھي ۽ جھڙي ريت گذريل ڏينھن ملڪ جي عظيم رومانوي شاعر جي پٽ شبلي فراز آن دي رڪارڊ چيو آھي ته پارٽيءَ کي ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جي موڪل ملي وئي آھي، ان مان صاف پڌرو ٿي ويو آھي ته تحريڪ انصاف جون سياسي خطائون معاف ٿيڻ جو مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪرڻ کان وٺي ڳلي لڳڻ تائين جيڪي به مرحلا اڳيان اچڻ وارا آھن، انھن جي باري ۾ ايندڙ وقت اسان کي وڌيڪ معلومات مھيا ڪندو پر پنھنجي پارٽيءَ جي آزاد قيادت کي مشروط مذاڪرات جي موڪل ڏيندي پي ٽي آءِ جي بانيءَ اھا به پارت ڪئي آھي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ملڪ جي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رھي ڪيون وڃن. جڏھن ته ھن کان اھڙو سوال صرف بين الاقوامي ميڊيا جو ڪو گورو جرنلسٽ ئي پڇا ڪري سگھي ٿو ته، “مسٽر خان! ڇا پاڪستان جو آئين ۽ قانون اسٽيبلشمينٽ سان سياسي مذڪرات ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟” پر ھتي قانون ڪنھن قانون جو پابند نه آھي ۽ اقتدار جي راند ۾ آئين سان اھو حشر به ٿيو آھي، جنھن جي باري ۾ اسان مڪمل لب ڪشائي نه ٿا ڪري سگھون. ڇو ته اظھار جي آزادي جي سرڪاري قيمت تمام ڳري آھي.ملڪ جون مجموعي پارٽيون خاص طور تي پيپلز پارٽي ڪجھ وقت کان وٺي تحريڪ انصاف کي ملڪ جي وچين سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ ھئي ۽ مسلم ليگ (ن) جا ڪجھ اڳواڻ به تحريڪ انصاف جي باندي قائد لاءِ بار بار اھو بيان ورجائي رھيا ھئا ته ھو اصل ۾ ڪنھن سان به ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي. پر ھاڻي ملڪ ۾ ويٺل ۽ ھڪ حد تائين ڪپتان مٿان ڪڏھن ڍري ۽ ڪڏھن تکي تنقيد ڪرڻ وارا سمارٽ اينڪر پي ٽي آءِ پاران ڪيل تازي فيصلي جو دل سان آڌرڀاءُ ڪندي ان قسم جا لفظ اچاريندا ته، “ڪفر ٽوٽا خدا خدا ڪر ڪي” معنيٰ ته عمران خان به پاڪستان جي سياسي جڳ جھڙو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي. ڇو ته ڪافي وقت کان وٺي ھو سني ليوني جي ان وڊيو سانگ جو سياسي ورزن بڻيل رھيو ته:

”يه دنيا پتل دي

بيبي ڊول مين سوني دي“

پر ھاڻي سڀ کان نياري ۽ پختون پنجاب جي پياري ملڪ جي ملوڪ اڳواڻ به نڪ ٽوپائي مشروط اقتدار جي نٿ پائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. جيتوڻيڪ اھو پھريون ڀيرو ناھي. اڳ به ھو رٽائرڊ آرمي چيف جنرل باجوا جي مدد سان اقتدار ماڻي چڪو آھي. اھا به حقيقت آھي ته ھو جيترو وقت به اقتدار ۾ رھيو، ايترو وقت نه صرف اسٽيبلشمينٽ پر آرمي چيف جا به ڳڻ ڳائيندو رھيو. پر اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ ھو ھر اقتدار وڃايل سياستدان وانگر پنھنجن محسنن جو مخالف بڻجي ويو. ھن ھر ڀيري اھا ڪوشش ڪئي ته ڪنھن طرح سان ھو اقتدار جي گھوڙي تي ويٺل ھجي. پر ملڪي اسٽيبلشمينٽ اقتدار جو سمورو سرمايو صرف ھڪ پارٽيءَ مٿان خرچ ڪرڻ جي عياشي افورڊ ڪري نه ٿي سگھي. اسٽيبلشمينٽ چاھيندي آھي ته ملڪ ۾ سياسي توازن قائم رھي. جيڪڏھن گھڻو وقت ھڪ پارٽي حڪومت ۾ رھندي ته پوءِ ان جي ھڪ ھٽي قائم ٿي ويندي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي مشروط ۽ اڌورو اقتدار به ملڪ جي مجموعي پارٽين ۾ ونڊي ورھائي سسٽم کي روان دوان رکڻو آھي.تحريڪ انصاف جو باني اڳواڻ پنھنجي مزاج ۾ خطرناڪ آھي يا نه پر ھو حد درجي جو خودپسند ضرور آھي. ھن کي اھا حقيقت تسليم ڪرڻ گھرجي ته جھڙي طرح ھو اسٽيبلشمينٽ سان معاملا ٺاھي اقتدار ۾ آيو ھو، تھڙي طرح ٻيا به ساڳي ريت سرڪار جا نالي ماتر مالڪ ٿيندا رھيا آھن. پر پي ٽي آءِ جي باندي اڳواڻ کي ان ساڳي صف ۾ بيھڻ پسند ناھي، جنھن ۾ ميان نواز شريف، شھباز شريف، آصف زرداري ۽ بلاول بيٺا آھن. ھن کي مشروط اقتدار ۾ به منفرد انداز گھرجي. ان لاءِ ھن وٽ ٻه دليل رھيا آھن. ھڪ ته ھو مبينا طور تي ٻين جيان ڪرپٽ ناھي ۽ ٻيون ته ھو عوام ۾ تمام گھڻو پاپولر آھي. پر ھن کي معلوم ھجڻ گھرجي ته ھن جي عوامي مقبوليت واري خوبي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ خامي ٿي سگھي ٿي. جن ملڪن ۾ جمھوريت مڪمل طور تي آزاد نظام وانگر آپريٽ نه ڪندي آھي، انھن ملڪن ۾ عوامي سطح تي تمام گھڻو پسند ڪيو ويندڙ اڳواڻ اقتدار لاءِ مناسب چونڊ نه سمجھيو ويندو آھي.

تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ جيڪڏھن برف رجڻ لڳي آھي ته ان جو مشڪل وقت ڪاٽڻ ۽ پنھنجي ھٺ ۽ ھوڏ تان ھٿ کڻي سائلن جي ساڳي قطار ۾ بيھڻ آھي، جنھن ۾ ھن دور جي حڪومت جا صاحب مسرت ڀري مسڪراھٽ سميت موجود آھن. جڏھن ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪنھن به سياسي پارٽيءَ سان انتھائي حد تائين وڃڻ واري انداز کي پنھنجي مفاد خلاف سمجھندي آھي. اسٽيبلشمينٽ کي تحريڪ انصاف ۾ موجود سياسي سرڪشي پسند نه ھئي ۽ پي ٽي آءِ پاران جھڙي طرح سوشل ميڊيا تي شور مچايو ويو ھو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ۾ جھڙي طرح حساس ليڪا به لتاڙيا ويا ھئا، اھو سڀ ڪجھ آسانيءَ سان برداشت ڪرڻ جھڙو نه ھو. اسٽيبلشمينٽ پنھنجي سياسي اصطبل ۾ صرف ھڪ گھوڙو بيھارڻ کي دلي ۽ دماغي طور تي درست نه سمجھندي آھي. اسٽيبلشمينٽ کي ھر حڪومت لاءِ ايوان ۾ پنھنجي اعتبار واري معقول قسم جي مخالف ڌر گھربل ھوندي آھي. اسٽيبلشمينٽ ھر گھوڙي لاءِ ھڪ سياسي چھبڪ رکڻ چاھيندي آھي. ھن وقت جڏھن ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون يعني پ پ ۽ ن ليگ ملي اقتدار ماڻي رھيون آھن ته انھن جي مٿان ھڪ مضبوط مخالف ڌر جو خال ڀرڻ لاءِ خان کي نئين ڪوشش جو موقعو ڏيڻ مناسب سمجھيو نه وڃي ھا ته اقتدار جو عدم توازن اسٽيبلشمينٽ لاءِ ايندڙ وقت ۾ ڪو مسئلو به پيدا ڪري سگھي ھا. ان امڪان کي نظر ۾ رکي ڪپتان کي سياسي ميدان ۾ لھڻ جي موڪل ملڻ تي ڪنھن کي به حيرت نه ھجڻ گھرجي.