پوليس جا ‘نجي جيل’ ۽ ‘حراستي مرڪز‘

0
46
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ زميندارن جي نجي جيلن جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهن ٿيون. سردارن ۽ ڀوتارن جي نجي جيل نما بنگلن ۽ جاين جون خبرون به اينديون رهنديون آهن، جتي ماڻهو اغوا ڪرائي رکيا ويندا آهن ۽ ٽياڪڙي جي نالي ۾ ڀنگ ورتو ويندو آهي يا وري دٻاءُ تي پوليس ڪماني بازياب ڪرائڻ جو ناٽڪ ڪندي اتان ماڻهو کڻي ڪنهن ڌرڻي ۾ يا وارثن وٽ آڻي هيرو بنجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ماڻهن کي کنڀي رشوت لاءِ حراست ۾ رکڻ ۽ گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ لاءِ پوليس جا نجي جيل يا حراستي مرڪز، جيڪي ڪڏهن پوليس ڪوارٽرن ۾ هوندا آهن، يا خانگي جاين ۾ يا وري ويران هنڌن تي. اهڙي ئي هڪ نجي حراستي مرڪز جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو هڪ جهوپڙيءَ تي مشتمل آهي، جتي ٻن نوجوانن کي هٿڪڙين ۾ رکيو ويو هو ۽ ٻه پوليس اهلڪار انهن تي پهريدار طور بيٺل هئا. اهڙي نجي حراستي هنڌ جي نشاندهي صحافين جي ٽيم ڪئي آهي، جيڪو چڪ-38 ۾ ورڪشاپ پوليس جي نجي جيل طور استعمال ٿيندڙ هنڌ آهي. سوشل ميڊيا تي نجي جيل جي خبرن کانپوءِ ايس ايس پي سانگهڙ ڊي ايس پي لونگ شر کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي، جنهن تي ماڻهن بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اي ايس آءِ شمس الدين شر سان ڊي ايس پي لونگ شر جا ويجها لاڳاپا آهن، جنهنڪري شفاف انڪوائري جي اميد نٿي رکي سگهجي.

اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي، جو پوليس جو نجي جيل يا حراستي مرڪز ظاهر ٿيو هجي. پوليس ماڻهن کي کنڀي رشوت لاءِ غير قانوني حراست ۾ رکندي آهي ۽ انهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي ويندي آهي، ڇو ته ڪنهن شهري کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ ان کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪرڻو هوندو آهي پر پوليس ان کان بچڻ جي لاءِ نجي جاين ۽ عقوبت خانن ۾ انهن کي لڪائيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وارثن جي دانهن تي مئجسٽريٽ ڇاپو هڻي اهڙن غير قانوني حراست ۾ ورتل ماڻهن کي بازياب ڪرائيندو آهي. اهو دراصل اغوا آهي پر پوليس اهلڪار ۽ عملدار ڪنهن وڏي ڪارروائي ۽ قانون جي گرفت کان بچي ويندا آهن. ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته پوليس ماڻهو اغوا ڪري ٿاڻن بدران خانگي جاين ۾ رکندي آهي. پوليس پاڻ ئي ڏوهن جي سرپرستي ڪندي آهي ۽ سڌيءَ ريت ڏوهن ۾ ملوث پڻ رهندي آئي آهي. ايتري قدر جو ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي سطح جا عملدار به سڌيءَ ريت ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن، جنهن  جو هڪ مثال ڪراچي ۾ ڀنگ خاطر اغوا جي واردات ۾ زير تربيت ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي جي ملوث هجڻ آهي. پوليس، جيڪا قانون جي محافظ آهي، اها به قانون شڪني ڪري ته باقي ڇا ٿو رهجي وڃي! پوليس پنهنجي منصبي بنيادي فرض ۾ غفلت ڪري ته ان کي ڪوتاهيءَ جي شڪ جو فائدو ڏيئي بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي پر جيڪڏهن پوليس پاڻ ئي ڏوهن ۾ ملوث هجي ۽ پوليس کاتو ان جي قائم ڪرڻ جي جواز جي ابتڙ ڪم ڪرڻ لڳي، اهو نه رڳو ڏوهه پر ‘ڊوهه’ پڻ آهي. ڏوهه جي ته معافي تلافي ٿي سگهي ٿي پر ‘ڊوهه’ جي ڪهڙي معافي!

سنڌ حڪومت جي وسوارن کي اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته سنڌ ۾ قانون جي عملداري قائم ڪئي وڃي. جڏهن به ڪا اهڙي واردات سامهون ايندي آهي ته چيو ويندو آهي ته پوليس ۾ ڪجهه ڪاريون رڍون هجڻ جي ڪري ايئن ٿئي ٿو پر هاڻي جهڙي نموني سان پوليس جي غير قانوني عملن ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ سڄو پوليس کاتو ڪارين رڍن تي مشتمل آهي. کڻي ايئن نه به هجي، پوليس ۾ چڱا ماڻهو به آهن پر اهي ايتري گهٽ تعداد ۾ آهن، جو جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻ به چاهين ته پوليس  کاتي جي اندروني اڻت ۽ جڙت نٿا بدلائي سگهن. ان ڪري پوليس کاتي ۾ ‘مرمت’ جي نه پر ‘اوور هالنگ’ جي ضرورت آهي.