پاڻي تي ھاڻي پاڻي ٿيندو!

ھرسال جيان پوکائي جي مُند شروع ٿيندي ئي آبپاشي کاتو پاڻيءَ جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري مختلف شاخن ۽ واھن تي وارابنديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيندو آھي، ايريگيشن ڊپارٽمنٽ ھن وقت روھڙي ڪئينال مان نڪرندڙ اُڄياڻو شاخ، لُنڊو شاخ، سرھاري شاخ، جمالي شاخ، کُتيرو شاخ تي ھٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ جو اعلان ڪندي وارابندي تحت ھفتن جا ھفتا مذڪوره شاخون بند ڪيو ويٺو آھي، جڏھن سب ڊويزن ھالا ۽ سب ڊويزن شھدادپور جي 35 ھزار ايڪڙ زمينون جن ۾ وونئڻن جي پوکائي شروع ٿيڻي ھئي اھا به اڃا ٿي ناھي سگھي، لکين جي ماليت سان ورتل سارين جو ھائيبرڊ ٻيجارو به سُڪڻ لڳو آھي، ڪيلي جو فصل به داءُ تي لڳي ويو آھي، بکر جمالي جي روھڙي ڪئينال سان لڳولڳ جمالي شاخ، ۾ لاڳيتو پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ سبب آبادگار روڊن تي نڪري آيا آھن ان لاءِ آبپاشي عملدارن کي پنھنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو ٻي صورت آبادگارن طرفان” پاڻي تي ھاڻي پاڻي ٿيندو” وارو نعرو علائقي جا روڊ رستا بند ڪرائيندو ان عمل سان علائقي ۾ تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا، ان لاءِ اسان سب ڊويزن ھالا ۽ سب ڊويزن شھدادپور کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ ڪٿي به پاڻي کوٽ ناھي ته پوءِ روھڙي ڪئنال مان نڪرندڙ علي بحرواھ سميت جمالي شاخ، کُتيرو شاخ، اُڄياڻو شاخ، لُنڊو شاخ، سرھاري شاخ، تي ھٿرادو وارابندي بند ڪرائي علائقي واسي آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪري پاڻي فراھمي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن آبادگارن جو ڪيل خرچ به بچي سگھي ۽ پوکيل  فصل سُڪڻ کان بچي وڃي.

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري

ايف آءِ آر داخل ڪرايو!

جيئن ته سڄي سنڌ ۾ روزانون جي بنياد تي ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون معمول بڻيل آھن ۽ مان پاڻ به ان جو شڪار رھيو آھيان، جڏھن ته مان 15 فروري 2023 اربع جي ڏينھن منجھند جو تقريبن 2 وڳي سنڌي ماستري واري نوڪري پوري ڪري تعلقي روھڙي جي ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا مان پنهنجي ڳوٺ نورآباد وڃي رھيو ھئس ته ٽن اڻڃاتل ماڻھن ھٿيار جي زور تي منھنجي موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، جاءِ واردات تي پوليس اسٽيشن ڪنڌرا جو وڏو منشي پھتو ۽ منھنجو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ ڪجھ ڏينھن کان پوءِ تمام گھڻن منٿن کان پوءِ ڪچي ڪاغذ تي منھنجي اين سي درج ڪئي پر اھا به ھڪ ڪاغذ تائين محدود آھي، پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي يا جاچ نه ڪئي آهي، جڏھن ته اعليٰ اختيارين کي دانھن ڏجي ٿي ته ڪنڌرا ٿاڻي وارا غلط بياني ڪندي چون ٿا ته فريادي اسان ڏي آيو ئي ناھي، ھاڻي مان باقاعدا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ٿو چاھيان ڇو ته پوليس منھنجي ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري، ان جي ڪري اعليٰ اختيارين کي عرض آهي ته منھنجي ايف آءِ آر داخل ڪرائي مون استاد سان انصاف ڪيو وڃي.

سيد رميز شاھه/ روھڙي

تعلقي ماتلي جي سروي ڪري غريبن کي گھر ڏيو!

گذريل 2022ع جي ٻوڏ دوران پوري سنڌ جيان تعلقي ماتلي جي گھرن توڙي فصلن کي پڻ وڏو نقصان پھتو آهي، زمينون توڙي گھر پاڻي ھيٺيان اچي ويا ھئا، فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن ۽ غريباڻان ڪکاوان گهر ڊھي پٽ پئجي ويا ھئا انهيءَ کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران آبادگارن کي ٻج ڀاڻ جا پنج ھزار في ايڪڙ ڏنا ويا جڏهن ته غريبن کي گھر ٺاهي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سروي ڪرڻ کان بعد تعلقي ماتلي ۾ ڪافي غريبن ۽ زميندارن کي پئسا نه ملي سگھيا آهن تيئن تعلقي ماتلي جي ڪافي غريبن کي گھر سروي جا نه پئسا نه مليا آهن نه ئي انهن جا هن وقت تائين گھر ٺھي سگھيا آهن، صرف سفارشي نظام تحت ڪم ھلي رھيو آهي، ھيل وري به برساتن جي مند شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪيرن ئي غريبن جا اجھا ساڳي حالت ۾ پيل آهن ۽ غريب وري به وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي رھيا آهن، بدين ضلعي جي ڊي سي توڙي تعلقي ماتلي جي انتظاميا کي گذارش ٿا ڪريون ٿا تعلقي ماتلي ۾ رھيل آبادگارن جي ٻج ڀاڻ جا پئسا توڙي غريبن جا گھر سروي ڪري انهن کي پئسا جلد جاري ڪيا وڃن جيئن تعلقي ماتلي جي عوام مان مايوسي ختم ٿي سگهي.

شفقت جروار/ امن آباد

ساڍر جي عظيم انسان دوست شخصيت جو وڇوڙو!

سنڌ ڌرتي عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آھي، هن ڌرتيءَ سدائين املهه موتين کي جنم ڏنو آھي، ڳوٺ ساڍر جي قديمي ڳوٺ منجھان جيڪا موتين جي مالھا واري تند جڏھن ٽٽڻ شروع ڪيو تڏھن انھيءَ تند منجھان ڪيترائي امر موتي مالڪ حقيقي ڏانھن موٽيا، انھن موتين جي مالھا منجھان اڄ ھڪ اھڙو موتي ڇڻي چڪو آھي جنھن جون ڪيل خدمتون وقت جي لائبريري ۾ ضرور ڳڻيون وينديون. سيٺ غلام حسين آريسر انسان دوست، خوش مزاج، محبت وکيريندڙ شخصيت، سنجيدھ ۽ ٿڌي طبيعت رکندڙ ڪردار هو جنھن جو ڪالهه ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ اوچتو طبيعت ناساز ٿيڻ ڪري سندس ساھ جو پکيئڙو ھميشھ لاءِ اڏامي ويو ۽ ھو مالڪ حقيقي جي حڪم کي لبيڪ چئي موت کي ڀاڪر ڀري چڪو آهي، جڏھن اھا خبر سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تحت جاري ٿي ان وقت ڳوٺ ۾ ڏک واري لھر ڇانئجي وئي، سندس دوستن، عزيزن جي اکين جا بند ٽٽي پيا، ھر طرف خاموشي ڇانئجي وئي. سيٺ غلام حسين جيلاني جماعت جو خليفو ۽ قبلا سائين نور محمد شاھ (ڪامارو شريف) واري سان سندس دوستيءَ وارو رشتو به رھيو. سائين نور محمد شاھ کيس گھڻي عزت ڏيندو ھو. انسان دوست ڏکايل ھر فرد جي مدد ڪرڻ کي اول ترجيح ڏيندڙ ھن امر شخص جو جسم خاڪي نوري آباد جي ويران جبلن مان گذر ڪندو ڄامشوري کان موڪلائي جڏھن امر سنڌو جي پل ڪراس ڪندي ھنن  امر لفظن جيان الوداع ڪندي موڪلايو ھوندو، “چڱو ڀٽائي، آئون ھلان ٿو..” سندس مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي سندن خاندان تي قيامت برپا ٿي وئي ۽ ھر اک آلي ھئي. وسندڙ برسات جي وڏڦڙي ۽ ٿڌڪار واري موسم ۾ سندس وڇوڙي جا منظر روح کي ڪانڊاري ٿا وجھن. سندن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ حلقن، سندس چاھيندڙن، دوستن، برادريءَ جي ماڻھن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، ڳوٺاڻن سميت ھر فڪر جي ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، سندن تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، رات جي ھن ٿڌي پھر ۾ سر جو وڇوڙو تمام گھڻو ايذاءَ ارپي رھيو آھي. رب پاڪ کان دعا آھي ته سائين غلام حسين آريسر مرحوم جي آخرت موچاري ڪري، کيس جنت الفردوس نصيب ڪري ۽ سوڳوار سندس فرزندن، نياڻين، ڀائرن ۽ سموري خاندان کي ھي صدمو برداشت ڪرڻ جي سگھ بخشي.

سي ئي جوڀن ڏينھن، جڏھن سڄڻ سفر ھليا،

روئان رھن نه سپرين آيل ڪريان ڪينھن،

مون کي چاڙھي چينھن، ويو وڻجھارو اوھري. (شاھ)

عبدالغني “عبد” آريسر/ ساڍر، عمرڪوٽ

ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ!

(حصو ڇهون)

ڀلا ايئن ڪئين ٿو ٿي سگهي ته هڪ ناليواري مسلمان ليڊر جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جنهن جي ڇٽي جو نالو پنهنجي وڏڙن جي نالي تي ذوالفقار رکيو وڃي ۽ ان جو وقت تي سنت طهر نه ڪرايو وڃي، اها ڳالهه ممڪن ناهي، اها ئي ضياءَ حڪومت جي ظلم ۽ ستم، بربريت جي انتها هئي، جيڪا ان عوامي ليڊر ڀٽو صاحب سان جاري رکي ۽ ان کي عدالتي قتل ذريعي رستي تان هٽايو. ياد رهي ته پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ تحريڪِ ۾ حصو وٺندڙ ناليواري خاندان سر عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جا به پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ رشتا هئا جن گڏجي تحريڪ آزادي ۽ پاڪستان جي آزادي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون، ڪراچي ۾ اڄ به عبدالله هارون روڊ آهي، جيڪو عبدالله هارون ڀٽو جو ماسڙ هو، جن ناليوارن خاندانن ڀٽو صاحب جي والد طرفان ڪرايل سنت طهر واري ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو کي پٽ جهڙي نرينا اولاد ٿيڻ جي خوشي ۾ مبارڪون ڏنيون هيون، اهي هيٺيان خاندان هئا جهونا ڳڙهه ۽ هندستان جي رياست جا نواب، جاگيردار، لاڙڪاڻي جو نواب ايوب کهڙو، شهيد الله بخش سومرو، پير الاهي بخش، عبدالستار پيرزادو، ناليواري شخصيت علي محمد راشدي ۽ پير حُسام الدين راشدي اهي خاندان سر شاهنواز ڀٽو سان ذاتي توڙي سياسي لاڳاپن جي ڪري گڏ رهيا. ڀٽو صاحب جي والده خورشيد بيگم عبادت گذار ۽ مذهبي عقيدو رکندڙ گهريلو عورت هئي، جنهن پنهنجي پٽ جو نالو فخر سان ذوالفقار رکڻ جي تجويز ڏني هئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو پنهنجي وڏڙن جي نالن تي پنهنجي پٽ جو نالو ذوالفقار رکيو هو، ياد رهي ته ذوالفقار ۽ مرتضيٰ نالا سر شاهنواز ڀٽو جي خاندان ۾ پهريان سندن نسلن تي رهندا آيا آهن، ڳالهه اها آهي ته ڪرنل رفيع الدين جيڪو جيل انچارج هو، جنهن ان سلسلي ۾ شاهدي ڏني ته ڀٽو صاحب جو اسلامي طريقي سان سنت طهر ٿيل هو، ڀٽو جي موت کي ڪيترائي ڏهاڪا گذريا آهن پر ان جو موت اڄ به هڪ راز آهي. ڪرنل رفيع الدين لکيو آهي ته جڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي ته هو بک هڙتال تي هو ۽ جيل ۾ ان تي ڪوئي تشدد به نه ڪيو ويو هو پر بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي يقين هو ته ڀٽو صاحب کي ڦاهي کان پهريان قتل ڪيو ويو هو. ذوالفقار ڀٽو جي جنازي نماز پڙهائڻ واري مولوي محمود ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي هڪ ملازم قيوم تنولي سميت اهڙن ڪيترن ئي اکين ڏٺن شاهدن جا بيان شامل آهن، جن جي دعويٰ هئي ته ذوالفقار ڀٽو جو ڪنڌ سلامت هو ۽ ڦاهي جو ڪو نشان نه هو، 1979ع ۾ برگيڊيئر تفصل حسين صديقي آءِ ايس پي آر جو سربراهه هو جنهن پنهنجي هڪ نوجوان آفيسر ڪيپٽن صولت رضا کي هڪ فلم ايڊيٽنگ لاءِ ڏني هئي جنهن ۾ ڀٽو صاحب جو جسد خاڪي نظر اچي رهيو هو. (جاري).

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

تنظيم پ ٽ الف جي زوال جو ذميوار ڪير؟

(حصو پهريون)

پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جو بنياد تقريبن 75 سال اڳ وڌو ويو، ھن تنظيم کي آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن جي نالي سان باقاعدي انڊسٽري کاتي وٽ رجسٽر به ڪرايو ويو ويو. ايسوسي ايشن جا جيڪي بنيادي نقطا آھن تن ۾ تعليم کي عام ڪرڻ، ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سرگرميون ڪرڻ، استادن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ، ڊيوٽي ايمانداري سان ڪرڻ، استادن جا مسئلا بنا تعليمي عمل ۾ رڪاوٽ وجھي حل ڪرائڻ ھئا. پ ٽ الف جا اڳواڻ ھميشه اھا دعويٰ ڪندا رھيا آھن ته سندن تنظيم جا سوا لک کان وڌيڪ ميمبر آھن ۽ ھي ايشيا جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط منظم ۽ وڏي تنظيم آھي، ھن تنظيم جون چونڊون ھر ٽئين سال ٿيڻ لازمي ھونديون آھن. پھرين مرحلي ۾ تعلقن ۽ ٽائونز جي جتي 200 کان وڌيڪ ميمبر ھوندا آھن اتي اليڪشن ٿيندي جنھن ۾ عام استاد ووٽ جو حق استعمال ڪندو، يونٽ جا ميمبر ضلعي چونڊيندا جنھن بعد ڊويزن ۽ مرڪز جي اليڪشن ٿيندي جنھن ۾ يونٽ، ضلعو ڊويزن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري مرڪز جا اڳواڻ چونڊيندا. بدقسمتيءَ سان سال 2010ع کان پ ٽ الف اڳواڻن جي ضد ۽ انا سبب ٻن حصن ۾ ورھايل رھيم ان دوران بيورو ڪريسي استادن جي ڪمزورين جو فائدو وٺندي تعليم ۽ اسڪولن جي بھتري جي نالي ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا پر کين گھربل نتيجا ملي نه سگھيا، ان عرصي دوران استاد به ڪراچيءَ جي روڊن تي پوليس جون مارون کائيندا رھيا پر کين مليو ڪجھ به ڪين، نيٺ وڏي عرصي بعد عدالتي حڪم تي انڊسٽري کاتي جي نگراني ۾ ٽي سال اڳ پ ٽ الف جي گڏيل اليڪشن ٿي پر اڳواڻن جي ضد ۽ انا سبب استادن پاران شروع ڪيل تحريڪون استادن کي رليف ڏياري نه سگھيون. استادن تي احتجاج دوران جيڪو تشدد ٿيو ان جون شاھديون رڪارڊ تي آھن. پ ٽ الف پاران تحريڪن جا مقصد نه ماڻڻ ۾ وڏو ڪردار اڳواڻن جي اندروني ڇڪتاڻ ۽ ھڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ ھئا، جڏھن ته ڪيترن ئي اڳواڻن جا مائٽ، دوست ۽ ڏوڪڙن عيوض ڪيل غلط ڪم ھئا ۽ آھن جن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻن ھميشه تحريڪن کي ھاءِ جيڪ ڪري استادن جي پٺي ۾ ڇرو ھڻي کين ھر ڀيري جلد مسئلا حل ٿيڻ جو لالي پاپ پئي ڏونون آهي. (جاري)

استاد اشتياق احمد پنھيار/بگودڙو، ڪوٽڏيجي

ورلڊ بنڪ جي سهڪار سان ٺهيل روڊ جي سار لهو!

ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ٺهندڙ واهي جوهي روڊ جي ٺيڪيدار جي نااهليءَ سبب موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان وڏي حادثو کان بچي ويو، هي حادثو عيد وارن ڏينهن ۾ واهي جوهي روڊ سان ٺهندڙ پل وٽ پيش آيو، روڊ جو ڪم ڪندڙ عملي پاران جوهي ويجهو واهي جوهي روڊ سان تعمير ٿيندڙ پل وٽ ڪو نشان نه لڳايو ويو آهي نه ئي احتياطي ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ لاءِ پل جي ٻنهي پاسي ڪو بورڊ لڳايو ويو آهي، وري به جس هجي پوليس وارن کي جن رات جي وقت نوجوان سان پيش ايندڙ حادثي کان پوءِ روڊ جي ٻنهي پاسي سرون، لوڙها ۽ مزدورن جا پراڻيون جيڪٽون، ڪپڙا لڳايا ته جيئن رات جي وقت ڪو مسافر وري ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿئي، جيڪڏهن پوليس وارا ايئن نه ڪن ها ته شايد عيد تي گورک ويندڙ مسافر به ضرور حادثي جو شڪار ٿين ها، پوليس وارن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت واهي پانڌي روڊ سان نئين تعمير ٿيندڙ پل وٽ روزانون رات جو حادثا پيش اچن ٿا، پل جي تعمير وقت روڊ کي ٻنهي پاسن کان بورڊ لڳائڻ گهرجن ها پر ٺيڪيدار ۽ روڊ جي عملي جي لاپرواهيءَ ۽ نااهليءَ سبب پل کي ٻنهي پاسن کي ايئن خالي ڇڏيو ويو آهي جو رات جي وقت روڊ سان سفر ڪندڙ مسافر حادثي جو شڪار ٿين ٿا. ورلڊ بئنڪ جي سهڪار ٺهندڙ هن روڊ جي ٺيڪيدار جي نااهليءَ سبب ڪيترائي حادثا ٿيا، مسافرن کي جاني توڙي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو، عيد وارن ڏينهن توڙي اڳ وارن ڏينهن ۾ ڇڻڪار نه ڪيو ويو، ڌوڙ سبب روڊ تي موٽر سائيڪل تي سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ علائقي واسي توڙي گورک جا سياح  سخت ڏکيائين ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ٺيڪيدار پاران جنهن رفتار سان روڊ جو ڪم ڪيو پيو وڃي شايد سانوڻي ۾ وري ڪاڇي جي عوام کي بڇڙو ۽ خوار خراب ٿيڻو پوندو، وڏو مسئلو ماڇي ڍورو آهي انهيءَ تي به اڃا ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي، جيڪو هتان جي رهواسين جي لاءِ پڻ خطرو ۽ پنهنجي جاءِ تي هڪ ڏکيائي پڻ آهي، جنهن تي پڻ ڌيان ڌريو وڃي ته مهرباني ٿيندي،

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو