سوال/سروي … پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ واڌ رد: مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪومت رليف نه ڏنو ته روڊن تي نڪري اينداسين: عوام جو چتاءُ

0
28

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو : پاڪستان ۾ پيٽرول ساڍا 4 ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪمرانن کي غريب ماڻهن جو ڪو به احساس ناهي، مهانگائي اڃا وڌي ته عوام روڊن تي نڪري ايندو، حڪومت کي گهرجي ته عوام کي رليف فراهم ڪري، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته جنهن ملڪ ۾ رڳو ڪرپشن هوندي ته اتي عالمي مارڪيٽون تيل وڌائين کٽائين هنن جو ڇا وڃي بس هنن کي عوام کي مارڻو آهي پوءِ ائين مهانگائي ڪري ماريندا، شفقت علي جروار لکيو ته ڪيتريون ئي حڪومتون آيون پر عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ويون ملڪ ۾ اگر اڃا به ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪئي وئي ته عوام روڊن تي نڪرندو،  نيٺ خودڪشي جھڙا واقعا جنم وٺندا، شريف ڪنڀر لکيو ته غريبن جو رت پيئڻ هن ملڪ جھڙو ٿيڻو نه آھي اڃا ڇا بچيو آھي غريبن وٽ، شاهين سومار لکيو ته غريبن وٽ مهانگائي نظر نٿي ڇا جن 170 رپيا ليٽر تي ڊيزل تي مهانگائي مارچ ڪيو هو اهي ڪٿي خاموش آهن، علي قربان ميراڻي لکيو ته جيڪا حڪومت ارب رپيا ڏئي اقتدار حاصل ڪندي پوءِ مھانگائي ڪري عوام مان اھڙي ئي طريقي سان پيسا وصول ڪندي اڃان ته ابتدا آھي اڳتي الائي ڇا ٿيندو، جاويد جان ڪيريو لکيو ته ايران کان سستو ٽماٽو پاڪستان ۾ اچي سگهي ٿو ته پوءِ ايران کان سستو ڊيزل ۽ پيٽرول ڇو نه ٿواچي سگهي ؟ اسد زرداري لکيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ڪڏھن به عوام جي ڀلائي لاءِ ناھي سوچيو عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ اڃا مھانگائي تي زور رکيو آھي پندرنھن ڏينھن پيٽروليم شين جا اگھه وڌن پيا پيٽروليم شين جا اگھه وڌڻ سان اڃا مھانگائي وڌندي کاڌي پيتي جي شين جا ريٽ چوٽ چڙھندا غريب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ سياستدان غريبن جي ٽيڪس جي پئسن مان عيش ڪرڻ ۾ پورا آھن، سيف الله پنهور لکيو ته اسان کي اڳ ئي اندازو هو ته پي ڊي ايم 2 جي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ مهانگائي ڪندي، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته اليڪشن جي وقت عوام اھو اندازو لڳائي ويٺل هو ته نئين حڪومت سستائي ڪندي پيٽرول ڊيزل عام واھپي جون شيون سستون ڪندي پر افسوس مهانگائي گھٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، محمد رمضان لکيو ته ڌاڙيلن ۽ چورن جي حڪومت ھوندي انھن جي پٺڀرائي وري ملڪ جي حفاظت ڪرڻ وارا ڪندا پوءِ غريب عوام کي اھڙو انصاف ملندو ٻيو ڇا ملندو، عامر علي ڀرڳڙي لکيو ته ڪمائي ڪن پيا، سڪندر لطفي لکيو ته ڪنهن به قسم جي حڪومت مان چڱائي جي اميد نه رکڻ گهرجي ڪنهن جي به حڪومت هجي غريب عوام سدائين قرباني جو ٻڪرو بڻجي قرباني ڏني آهي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بعد عام واهپي جي شين ۾ مهانگائي ڪنٽرول نه ٿي سگهندي، مبين اڄڻ لکيو ته پاڪستان ۾ سواءِ ساھه کڻڻ جي ھر شيءِ تي ٽيڪس اسان ڏيون ٿا پوءِ به حڪمران سدائين اھيو چوندا پيا اچن ته خزانو خالي آهي اءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ مجبوري آھي، قرض تي ھلندڙ ملڪ ۽ ان جو خزانو ۽ حڪومت کان رليف گھرڻ يا رليف جي تقاضا ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي، لڪي خليل احمد لکيو ته شروع کان وٺي اسان سان مزاق ڪيو ويو آھي اسان کي عالمي مارڪيٽ کان وڌيڪ شي مھانگي ملندي آھي اسان سوچيو ته اسان کي نئين حڪومت رليف ڏيندي ليڪن پري پري تائين ڪو به آسرو اميد نظر نٿي اچي، اسان کان ته چڱا افغانستان وارا آھن جيڪي ملڪ ۾ سستائي ڪيو ويٺا آھن،سڄڻ ميرجت لکيو اڃا سستو آهي پيٽرول مهانگو ڪن ڇو ته پيٽرول مهانگو هوندو ماڻهو شهر وڃڻ بند ڪندا پئسا بچي پوندو گهرو مسئلن تي ڪم ايندا، پيٽرول مهانگو ٿي يا سسستو اسان سنڌين کي ڪو به فرق نه پوندو، ساڳئي پارٽي کي ووٽ ڏينداسين، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته وفاق ڪڏهن به عوام جو ناهي سوچيو هر روز تيل جا اگھه پيا وڌائن هر روز ٻين شين جا اگھه پيا وڌائين وفاق ڪڏهن به غريب عوام جو ناهي سوچيو ته هنن جو گذارو ڪئين پيو ٿئي جيڪي غريب مزدور 5۔6سو ڪمائڻ وارو ڪٿا پوري ڪري گيھه کنڊ اٽو دال ڇا وٺي انهن پئسن مان، ڪڻڪ جو ريٽ 10هزار جو علان ڪري 8500سو تي پيا وٺن اهو هارين سان ظلم اهي DAP۔14هزار رپيا لڳو پيو، سنڌ حڪومت به وفاق سان گڏ غريب عوام جو رت پئي ٿي، اڃا الائي ڪيتري مهانگائي ڪندا غريب ماڻهو خدڪشين تي مجبور آهن، نديم نياز ميمڻ لکيو ته پاڪستان اندر گهڻي ۾ گهڻي رڳو سنڌ ۾ مهانگائي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، جيڪو تيل، گيس، ڪوئلو، سمندر، سنڌو درياهه سميت هوندي به امير سنڌ جو عوام غريب ڇو…؟ بھر حال وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏجي هڪ پليٽ فارم تان مهانگائي جو خاتمو آندو وڃي، امير سنڌ جي غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو وڃي، هڪ ته روز روز پيٽرول مهانگو ڪرڻ اها ناانصافي آهي. امير علي لکيو ته روز روز پيٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري قرضي ٿي رهيا آهيون، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته هن سرڪار ۾ مهانگائيءَ جي سونامي اچي وئي آهي، پيٽروليم مصنوعات، بجلي، گئس، اٽي، کنڊ، تيل سميت کاڌي پيتي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن، حڪومت جي ناقص پاليسين ڪارڻ هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿو کارائي سگهي، فضل محمد لکيو ته هتي به ته سستو ٿيو آهي ….اهو ساڍا چار پيا ۽ ساڍا 8 رپيا ڪا واڌ آهي……..علي رضا ٻرڙو لکيو ته حڪمرانن عوام کان جيئڻ جا سمورا حق کسي ورتا آهن غريبن جي پئسن تي پاڻ عيش پيا ڪن، نور احمد کوسو لکيو ته اسان جي حڪمرانن کي صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻو آھي باقي عوام وڃي مٽي کائي ڪو احساس ناھي ھنن ظالمن کي الله پاڪ حساب وٺندو، گلاب خاصخيلي لکيو ته انڌير نگري چرٻٽ راجا، نارائڻ سنڌي لکيو ته ھڪ عام ماڻهو زندگي جي ڏکائين سان ڪئين جهيڙي رهيو آهي، اهيو اهي مال ميڙيندڙ حڪمران نٿا سمجهي سگهن اهي بس روز مرھه جي شين ۾ واڌ ڪري غريب عوام کي زنده باھه ۾ تڙپائي رهيا آهن، فيض علي زرداري لکيو ته مهانگائي ڏينھون ڏينهن وڌندي پيٽرول ڀلي 1000 رپيا ليٽر ٿي پوي پوءِ به عوام روڊن تي نڪري ظلم خلاف احتجاج ڪونه ڪندا. محبتي مڪيش جيپال لکيو ته هنن حڪمرانن کي رڳو عوام مان رت چوسڻ جو ليسڻ مليل آھي، خميسو آريسر لکيو ته غريب هارين سان ظلم ڪيو پيو وڃي هڪ ته ڪڻڪ جو ريٽ آهي ڪونه، نقاش پيرزادو به سروي ۾ حصو ورتو، محمد فياض وساڻ لکيو ته  عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو ٿي ويو پاڪستان ۾ پيٽرول ساڍا 4 ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو، ان سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، عبدالقيوم لکيو ته اسان جي حڪمرانن کي صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻو آھي باقي عوام وڃي مٽي کائي ڪو احساس ناھي ھنن ظالمن کي، الله پاڪ حساب وٺندو، نعمت الله راهمون لکيو ته اسان جي حڪمرانن کي صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻو آھي عوام رلي ويو، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ هلائڻ چونڊيل حڪمرانن جي وس کان ٻاهر آهي، عوام دشمن پالسين ۽ منافعي خور مافيا واپارين کان عوام کي ڦرجڻ تي ڇڏي ڏنو ويو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا اضافو ٿئي ٿو ته واپاري منافعي خور مافيا سياسي پارٽين جي آڙ وٺي هر عام واهپي جي شين تي 10 کان 20 رپيا اضافو ڪن ٿا جيڪي ڪاروائين کان آجا آهن، آخر عوام کي ڪڏهن ۽ ڪير اچي مهانگائي کان نجات ڏياريندو؟. اشفاق چانڊيو لکيو ته پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کان پوءِ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ واڌ ٿي ٿئي ٿورو اٻوجھه عوام تي رحم ڪيو وڃي، شاهد بلوچ لکيو ته ھڪ عام ماڻهو زندگي جي ڏکائين سان ڪئين جهيڙي رهيو آهي، اهيو اهي مال ميڙيندڙ حڪمران نٿا سمجهي سگهن اهي بس روز مرھه جي شين ۾ واڌ ڪري غريب عوام تڙپائي رهيا آهن.