مارڪسزم تي هروڀرو تنقيد، قومپرست ۽ مارڪسسٽ جهيڙو يعني سس ۽ نُنهن جي جهيڙي تي منهنجي صرف هڪڙي سادڙي راءِ آهي. هڪڙي دوست مونکان پڇيو هيو ته مارڪسزم ڏکيو ڇو آهي.

                         مون کيس جواب ڏنو هو ته “شايد لڪاش” What is orthodox Marxism “۾ لکيو آهي ته سرمائيداري، جڏهن مٿئين سطح تي ايندي آهي ته ڏاڍي ڏکي ۽ منجهيل شڪل اختيار ڪندي آهي. ان لاءِ سرمائيداريءَ جي تنقيد” يعني مارڪسزم “پڻ ڏکيو آهي.

                         اُن لاءِ هڪڙو ته گهڻي ڀاڱي صرف اُن جو اکڙيل ۽ ٽٽل روپ ئي پرکي سگهجي ٿو. ان لاءِ اسان وٽ گهڻائي ” isolated scientific method “استعمال ڪندي ڀلجي ويندي آهي. “

                         ٻيو ته نيچرل سائنس جا اصولَ ماضي ۾ ڊارونزم ۽ علم آثار ۽ هاڻوڪي قوانٽم فزڪس جا اصول سماجي رابطن ۾ جيئن جو تيئن لاڳو ڪرڻ سان” instrumental reasoning “جي وهڪري ۾ وهندا آيا آهن . اسان وٽ مارڪسي سياسي ثقافت متعارف ته ٿي آهي پَر اصلوڪي شڪل ۾ اڃان به شيون کٽل آهن. يا پاڻ تاريخي ۽ معروضي حالتن پٽاندڙ، اُنهيءَ طريقيڪار کي ڪا مثبت شڪل “Relevant” ناهيون ڏئي سگهيا. يا وري ڪٿي ڪٿي ٿيوري کي ميٿڊ کان ڌار ڪري صفا ڀليا آهيون، اسان کي هيئنر به انهيءَ معاملي تي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي.

ڪانٽ نومينا جي ڳالھه ڪندي ان کي اتي ئي بريڪ ڏنو ته ان کي اتي ڇڏڻ گهرجي ۽ فطرت تي هروڀرو جدلياتي قائده لڳائڻ جي به مذمت ڪجي، مارڪسزم اسان وٽ رڳو سويت وارو deterministic ۽ روايتي اينگلز ۽ اسپرڪن وارو پهتو آهي پهريان ته ان تي تنقيد ڪجي.

 اسان وارن به سنڌي ادب ۾ اهو ئي پاسو کنيو يا ائين چئجي ته روايت ئي سويت واري لٽريچر جي رهي ويسٽ جو هيڏو سارو پاسو پيو آهي، مان ائين نٿو چوان ته ان کي جيئن جو تيئن پر تنقيدي انداز ۾ عام ڪرڻ گهرجي. هيئنر سڀني روايتن مان نڪرڻو پوندو.

حد اها آهي ته نام نهاد قومپرست کي قومي سرمائيدارَ جي اسرڻ ۽ منڊيون ڇڏائڻ جو جن چڙهيل آهي ته ٻي پاسي نام نهاد ڪميونسٽ وٽ لاهور جو سوشلزم مشهور ٿي چڪو آهي.. اکيون ٻنهي پاسي کان پٽجن! سڄي دنيا ۾ تقريبن قومي سياست ۽ مارڪسي سياست پاڻ ۾ ٻٽ رهيون آهن پر اسان وٽ اُهي 180 ڊگري ۾ پوروڇوٽ آهن، هن ڏار پٺيان ڪهڙيون قوتون آهن.؟ … (فيس بوڪ تان ورتل)