دنيا جي عالمي تاريخي تصويرن ۾ ھي روسي مصور فيڊور ريشيٽنڪوف جي  تصوير آهي، جنھن کي ھن 1952 ۾ رنگن سان تيار ڪيو ھيو، جنھن جو عنوان ھيو “لو مارڪس اگين۔” (Low Marks Again) ٻيھر گھٽ مارڪون ……

                         ھن تصوير ۾ پڻ انساني ۽ حيوان جي احساسن جي اھميت ڏيکاريل آھي .

                         اصل ۾ ھي تصوير اسڪول کان واپس ايندڙ ھڪ ٻارڙي جي باري ۾ آھي جيڪو امتحان ۾ فيل ٿيندو آھي ۽ ان جا گھر وارا ڪيئن ان کي ڌڪاريل نظرن سان ڏسندا آھن ،۽ ان جو ڀاءُ پڻ ان کي ٽوڪ ۽ طنز جي نظر سان ڏسندو آھي .

                         ان لمحي وري مصور ھي پيغام ڏيڻ جي ڪندو آھي ته ان ٻار سان ائين سلوڪ ڪريو جيئن ھي ڪتو ان ٻار سان ڪري رھيو آھي ،جيڪو حيوان ٿي ان سان پيار ڪري ٿو، چاھي ھو ڪامياب ٿيو آ يا ناڪام ،ھو بس ان سان محبت ڪندو آ “

                         بھرحال آرٽ جي دنيا ھي ناياب ۽ تاريخي تصوير ماڻھن کي سبق ڏئي ٿي ته ٻارن سان رويو درست رکو نمبرن ،پوزيشن ۽ مارڪن جي چڪرن ۾ نه پئو تعليم تعليم ٿيندي ۽ علم علم آ… (فيس بوڪ تان ورتل)