ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گھنڊڻي ڪير ٻڌي؟

0
29
ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گھنڊڻي ڪير ٻڌي؟

 جھڙي ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني، واپار ۽ ڪاروبار جي بهاني هندستان ۾ داخل ٿي، ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪوڙ، فريب، دوکي، بليڪ ميلنگ، داٻ ۽ دڙڪي سميت ٻين حربن سان هندستان تي مڪمل قبضو ڄمائي ڪروڙين انسانن کي انتهائي لاچار، بيوس ۽ مجبور ڪري پنهنجو غلام بڻائي رکيو. ساڳئي طريقي سان اڄ پاڪستان کي آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا ۽ عالمي سامراجي قوتون انتهائي ڳرن ۽ ڏکين شرطن تي قرضن مٿان قرض ڏئي پنهنجو محڪوم بڻائي چڪيون آهن. مختلف عالمي مالياتي ادارن کان ملندڙ رقم جو تمام وڏو حصو اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين مقتدر ادارن جي ڪرپشن جو کاڄ بڻجيو وڃي، باقي چوسي ڦِٽو ڪيل هڏيءَ وانگر ڪجھ حصو ملڪي سياستدانن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. نتيجي طور ملڪ قرضن جي ڌُٻڻِ ۾ ايترو ته ڦاسي چُڪو آهي، جو هاڻي سندس جيئدان سواليا نشان بڻجي ويو آهي. ڊگھين آمريتن، ۽ جمهوريت جي آڙ ۾ اڻ سڌين آمريتن ذريعي، سمورن ادارن تي هڪڙي ئي طاقتور اداري جي قبضي هجڻ سبب جمهوري روايتن جي پائمالي ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابنديءَ ڪري ماڻهن جو ساھ ٻوساٽجي ۽ گُھٽجي رهيو آهي. ملڪي تاريخ جي پهرين ڏينهن کان ئي سياستدانن جي نالائقي، اقتدار جي حَوس ۽ موقعي پرستين جي ڪري، پارليامينٽ توڙي عدليا سميت سمورن ادارن تي اسٽيبلشمينٽ قبضو ڪري ورتو. جنهنڪري جمهوري روايتون پنهنجون پاڙون پُختيون نه ڪري سگھيون. 71ع واري هيبتاڪ سانحي مان سبق سکي قومن سان برابريءَ وارو ورتاءُ اختيار ڪرڻ بجاءِ، جبر ۽ طاقت جي استعمال ذريعي قومن جي نڙيءَ تي لانگ بوٽ واري رکيل لَتَ کي اڃان وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. هڪ صوبي جي بالادستي، وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ اڻبرابري ڪري امن، پنهنجائپ ۽ ڀائيچاريءَ واري فضا قائم ٿيڻ بجاءِ وڇوٽيون ۽ نفرتون وڌنديون رهن ٿيون. نتيجي ۾ ملڪ داخلي توڙي خارجي طور تي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو مسئلن جو ڳڙھ بڻجندو پيو وڃي. اِنتهاپسندي، دهشتگردي ۽ خودڪش حملا عوام جو مقدر بڻجي چڪا آهن. ماڻهو انتهائي مايوسي ۽ غيريقينيءَ واري اذيت مان گذري رهيا آهن. اڻکٽ وسيلا هجڻ باوجود، بجلي، تيل، گئس ۽ پيٽرول سميت عام واهپيءَ جي شين جون قيمتون نه رڳو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پر شديد کوٽ جو شڪار پڻ آهن. بک، بدحالي، بيروزگاري، خودڪشي،  ڪرپشن، ذخيره اندوزي،  ڌانڌلي ۽ بدامني ڄڻ عوام کي ڏاج ۾ ڏنيون ويون آهن.

ملڪ جي اهڙي صورتحال ۾، وري پنهنجي مادرِ وطن سنڌ جي حالتن جو جائزو وٺبو ته، لطيف چواڻي؛ “مُٺِ مُٺِ سُورن سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻان” واري حالت آهي. هزارين ورهين جو خوشحال ۽ شاندار تاريخي وِرثو رکندڙ قوم جي اِنتهائي ڪسمپرسيءَ واري ۽ رحم جوڳي حالت بڻيل آهي. سنڌ ۾ قدرت جي مهربانين سان هزارين نعمتون، وسيلا، معدنيات، سمنڊ، درياءُ ۽ ٻي آمدني موجود آهي. پر، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت انهن لاتعداد وسيلن جو درست استعمال ڪندي، سنڌ جي پُٺِ تي پيل علائقن (خاص ڪري ٻوڏ متاثر علائقن) ۾عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ صنعتي زون قائم ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ روزگار جا خاص منصوبا جوڙڻ بجاءِ قوم کي پنائڻ ۽ پنهنجو ڳيجھو بنائڻ جا هر روز نوان ناٽڪ ڪيا پيا وڃن. خطرناڪ منصوبابنديءَ ذريعي سڄي سنڌ کي لاقانونيت ۽ بدامنيءَ جي اوڙاھ ۾ اُڇلايو ويو آهي. ڌاڙيل گرديءَ جي ڪري هن وقت سنڌ جي اترئين حصي جي ماڻهن جو ساھُ مُٺِ ۾ آهي. نه سندن جانِ ۽ مال محفوظ آهي، نه ئي عزتن ۽ عصمتن جي ڪا ضمانت آهي. ڪچيءَ جي ٻيلن اندر محفوظ ٺڪاڻا بڻائي ويٺل ڌاڙيلن کي، رياست جي من پسند ڀوتارن ۽ ڳجھن ادارن جي ڪارندن جي ذريعي جديد ترين هٿيار ۽ ٻيو سامان مُهيا ڪري، عوام جون زندگيون زهر بنائڻ جو کين ڄڻ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. حيرت آهي ته هيڏي ساري رياست، جديد ترين ٽيڪنالوجيءَ سان ليس فوج، پوليس، رينجرس، ايجنسيون، ڳجھا ادارا، جديد هٿيار، بي حساب بجيٽ، اڻکٽ سهولتون ۽ ٻيو سڀڪجھ هجڻ باوجود چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن کي مُنهن ڏيڻ جي قابل ڪونهن! ان لاتعلقي ۽ بيوسيءَ مان صاف ظاهر آهي ته مڪمل منصوبابندي ۽ مالڪن جي منشا موجب سڀڪجھ ٿي رهيو آهي.

پيپلز پارٽيءَ کي ته هر قيمت تي اقتدار گھرجي. جيئن گڏيل هندستان جي وقت ۾ دهليءَ مان مغل بادشاهن کان سنڌ تي حاڪميت جو پروانو وٺي اچبو هو، تيئن  پ پ قيادت پنهنجن آقائن سان سنڌ جي وسيلن جي نيلامي، زمينن تي قبضي ۽ قومي تشخص جي سودي بازي عيوض، اسلام آباد مان هي چوٿون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت مان عوامي مفادن يا سنڌ جي قومي وسيلن ۽ وحدت جي تحفظ جھڙي اميد رکڻ پاڻ کي بيوقوف بنائڻ کانسواءِ ڪجھ نه هوندو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو حالتون بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ۽ ابتر ٿينديون پيون وڃن. سنڌي قوم جي تمام وڏي اڪثريت کي هر روز بُک جا چَڪ ۽ وَٽَ سهڻا پيا پون. دنيا جهان جا سمورا مسئلا، ڏک، تڪليفون ۽ مشڪلاتون سندن مقدر ۾ لکيون ويون آهن. مقدر ۾ لکيل اِهي سموريون مصيبتون ۽ ذلتون قدرت پاران نه، پر حڪمرانن جي پاليسين جو نتيجو آهن. سنڌي ماڻهن جي سموري غربت، هيڻائي، ڪاهلي، اڻڄاڻائي، محرومي ۽ محڪوميءَ جو مکيه سبب، مٿن مڙھيل، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي بالادستي آهي.

سنڌ ۾ هيءَ جيڪا به صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، اُها سِولِ/ ملٽري بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي 76 ورهين کان جاري پاليسين، سازشن ۽ ڊگهين منصوبابندين جو نتيجو آهي، جيڪو مسلسل، سنڌي ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. اهڙين پاليسين ئي سنڌي قوم جي همٿ، بهادري، سرفروشي، خودداري، مهمان نوازي، سخاوت، ماڻهپي، قومي غيرت ۽ شعور سميت سمورين چڱاين، سُٺاين ۽ اعليٰ گُڻن کي نپوڙي، نهوڙي، ذلتن ۽ غلامين جي اونداهي ۽ اُونهي غار ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي. غلاميءَ جي انهيءَ غار جي منهن تي هڪ تمام وڏو ۽ ڳرو پٿر پيل آهي، جيڪو سنڌ جي گوڏي نڪتل سمورن پهلوانن کان سنڀاليو نه ٿو ٿئي.

سنڌ لاءِ هن وقت سڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ ۽ خطرناڪ ڳالھ، ذهني غربت ۽ نظرياتي قحط جي آهي. هينئر علم، عقل، دليل، تعليم، تربيت، ضابطي، مشاهدي، اصول، نظريي ۽ ادارا سازيءَ جي ڳالھ ڪرڻ، ڪاريهر تي پير رکڻ بڻجي ويو آهي. سهل پسنديءَ جو شڪار قومي سياست، صرف ڪاروبار ۽ پيٽي مفادن جي نگهبانيءَ تائين محدود ٿي وئي آهي. نظرياتي ۽ سنجيده ڪارڪنن بدران، خوشامدڙيا، نعريباز، ڪاروباري ۽ جھالت جي بي لغام گھوڙيءَ تي چڙهيل غيرسياسي ماڻهو وڌيڪ معتبر بڻجي، عزت ۽ اهميت جا ڌڻي ٿي ويا آهن. اهڙين حالتن ۾، سخت محنتي، نظرياتي، حساس ۽ باضمير سياسي ڪارڪن غيرمعمولي ذهني اذيت واري ڪيفيت مان گذرندي هن سموري سسٽم ۾ پنهنجو پاڻ کي ان فٽ محسوس ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آھي جو نظرياتي ڪارڪن بيوسي ۽ مايوسيءَ جو کاڄ بڻجندي، تيزيءَ سان عملي سياست کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري رهيا آھن.

پر، سچ اهو آھي ته، سياست کان لاتعلقي يا مايوسي، اسان کي وڌيڪ مصيبتن ۽ ذلتن کي ڌُٻڻ ۾ ڦٽو ڪندي. اسانکي اِهو سمجهڻو پوندو ته، پنهنجين تمام اوڻاين ۽ ڪمزورين باوجود، سنڌ جي سڀني مسئلن جو حل ۽ نجات جو دڳ، وري به مثبت ۽ نظرياتي سياست ۾ ئي آھي. اُن لاءِ، اصولن تي سختيءَ سان پابند، منظم ۽ سگھاري تنظيم جو هجڻ لازمي آهي. باقي ٻيا سمورا طريقا جُڳاڙ ۽ مڙئي وقت ٽپائڻ کانسواءِ ڪجھ به ڪونهن. ان لاءِ، سنڌ جي سياسي تنظيمن کي پنهنجو ايماندارانه خود تنقيدي جائزو وٺي نئين سر پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺاهڻيون پونديون. سهل پسندي ۽ آسائشن کي ترڪ ڪندي، عمل، نظريي، ڪردار ۽ قول فعل ۾ هڪجھڙائيءَ ذريعي عوام توڙي ڪارڪنن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو ڳهير ٿيڻ بجاءِ عملي ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. ڳالھ ڀلي ننڍي ڪجي پر عمل اهڙو ڪجي، جنهن سان عوام جون دليون فتح ڪري وٺجن. روايتي سياست، روايتي نعرن، اخباري بيانن، پريس ڪانفرنسن، روايتي جلسن، جلوسن، روايتي جدوجهدن ۽ روايتي تنظيم ڪارين کان هٽِي ڪري ڪجھ نئون ۽ ڪجھ غير معمولي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي قومي ڪارڪنن جون همٿون، جرئتون، غيرتون ۽ زنده ضمير اڃان به جاڳن ٿا. پنهنجي مادرِ وطن سان غيرمشروط محبتن ۽ جوان جذبن سان اڄ به دشمنن جا ڏند کٽا ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا. وطن جي وحدت کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي جانِ گھورڻ جو حوصلو رکن ٿا. پر، مسئلو اِهو آهي ته شروعات ڪري ڪير؟ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گھنڊڻي ڪير ٻڌي؟ نه ڄاڻ زندگي ڪيتري آهي. پر، جنهن به تنظيم يا اڳواڻ اِهڙي قسم جو جوکم کڻڻ جي جرئت ڪئي، اهو تاريخ ۾ سدائين لاءِ امر بڻجي عوام جي دلين تي راڄ  ڪندو رهندو.