سنڌين جو سيڪيولر ذھن ۽ وقت جي تقاضا

0
27
سنڌين جو سيڪيولر ذھن ۽ وقت جي تقاضا

 سنڌي ماڻھن پاران 1983ع ۽ 1986ع ۾ ايم آر ڊي وارين تحريڪن ۾ ڏيکاريل شديد ردعمل ۽ خاص ڪري سنڌياڻين جي ڀرپور شرڪت مقتدر حلقن (اسٽيبلشمنٽ) کي پريشان ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھنن سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ڪنھن به طرح سان سنڌين جي عوامي جمھوري مزاحمتي سگھ ۽ سيڪيولر سوچ کي ڇاٻ ڏني وڃي ۽ ھڪ خاص مقصد تحت سنڌ ۾ ھٿرادو پيدا ڪيل ڌاڙيل گردي، مذھبي انتھاپسندي ۽ سياسي/تعليمي غنڊه گرديءَ کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته جيئن سنڌ جي ماڻھن جي اجتماعي تحريڪي سگھ کي تقسيم ڪري کين دفاعي پوزيشن ڏانھن ڌڪيو وڃي، جنھن ۾ ھو گھڻي قدر مقامي ايجنٽن (وڏيرن، پيرن) جي مدد سان ڪامياب به ويا آھن. بدقسمتيءَ سان مقامي سھولتڪار، ايجنٽ جمھوريت جي ڇٽيءَ ھيٺ  ڪيموفلاج ڪري مختلف پارٽين ۾ شامل ٿي سموري سماج کي يرغمال ڪريو ويٺا آھن. سنڌ ۾ موجوده بدامني ۽ ڌاڙيل گرديءَ کي انھيءَ ماضيءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي. اسان کي انھيءَ تلخ حقيقت جو پڻ کليل اظھار ڪرڻ ۾ ڪا ھٻڪ نه ھئڻ گھرجي ته قومي سطح تي اسان وٽ مستقل مزاجي ۽ سياسي حڪمت عمليءَ جي اڄ به  کوٽ موجود آھي، جنھن ڪري اسين پنھنجي قومي ڏک ۽ ڪاوڙ کي ڪنھن  مستقل تحريڪ جو روپ ڏئي ڪنھن منزل تي رسائڻ ۾ ھميشه ناڪام وڃون ٿا. عوام جو اجتماعي شعور ته ويڙھ لاءِ ھر وقت تيار رھي ٿو، پر ھر مرحلي تي قيادت جي سنجيدگي ھڪ سواليه نشان بڻجيو پوي. سنڌين جي بدقسمتي چئجي ته ورھاڱي وقت سنڌ جي سياسي قيادت جي اٻھرائپ سبب ڪيل جذباتي فيصلن ۽ دورانديشيءَ جي کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ قومي، لساني، ثقافتي ۽ تھذيبي تضاد سنڌ جي حصي ۾ آيا ۽ 1947ع کان پوءِ سنڌ مسلسل تناءَ واري ڪيفيت مان گذري رھي آھي. ڊيموگرافي جي تبديلي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي بقا جا سوال بدستور موجود آھن. جڏھن ته سنڌي پنھنجي مزاج ۾ پاڪستان ۾ موجود ٻين قوميتن کان گھڻو وڌيڪ سيڪيولر ۽ لبرل رھيا آھن. سنڌين ھميشه ڇنڻ کان وڌيڪ ڳنڍڻ کي ترجيح ڏني آھي. نتيجي طور مختلف لساني گروھ مختلف وقتن ۾ لڏ پلاڻ ڪري مستقل طور سنڌ ۾ آباد ٿي سنڌي سماج ۾ جذب ٿيندا رھيا آھن.

ھن وقت ھي جيڪا سياسي، معاشي، سماجي توڙي فڪري بحراني ڪيفيت آھي، ان جون پاڙون حڪمرانن پاران مسلط ڪيل غير منطقي پاليسين کي عوام مٿان ڏنڊي جي زور سان مڙھڻ جو نٿيجو آھي. پاڪستان گھڻ قومي، گھڻ لساني ۽ گھڻ ثقافتي ملڪ آھي، جتي ھر قوم، پر حڪمرانن جي نظر ۾ لساني گروھ الڳ الڳ تاريخي پس منظر ۽ الڳ قومي مزاج رکن ٿا. ڪلچرل ويليوز (قدر) ۽ بود باش (رهڻي ڪهڻي) جي حوالي سان پاڪستان ۾ رھندڙ مختلف قوميتن، خاص ڪري سنڌين، پنجابين ۽ سرائيڪين وچ ۾ ڪافي ثقافتي ھڪجھڙايون ملن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ٽنھي لساني گروھن جا نسلي ۽ لساني روٽ ساڳيا آھن. ٽئي قومون سنڌو جو پاڻي پيئن ٿيون. وارث شاھ، ميان محمد بخش، ميان مير سنڌي، بابا بلهي شاھ، بابا غلام فريد، سچل سرمست، ڀٽائي ۽ ٻين صوفي بزرگن جون پوئلڳ آھن، جيڪي ھڪ ئي صوفيانه فڪر جا داعي آھن. ھنن بزرگن ھن خطي جي عام ماڻھوءَ جي فڪري آبياري ڪئي آھي. انھن صوفي بزرگن/شاعرن جي ڪاوشن سان موجوده پاڪستان جي علائقن خاص ڪري “سپت سنڌو” ۾ ھڪ  گڏيل تھذيب ۽ گڏيل  ڪلچر وجود وٺي رھيو ھو، جنھن  کي نصابي سطح تي وڌيڪ پذيرائيءَ جي ضرورت ھئي، جيڪا ترجيحي بنيادن تي نه ڪئي وئي. عدل جي نظام جي ڪمزوري ۽ نصابي اوڻاين سبب ھن وقت جيڪي تضاد اڀري سامھون آيل آھن، انھن جي نوعيت قومي سان گڏ طبقاتي پڻ آھي. فرق صرف ايترو آھي ته سنڌ جو عام ماڻھو انھيءَ استحصالي طبقاتي صورتحال جي حساسيت کي سمجھي ٿو ۽ ان جي خلاف ڪمزور ئي سهي، پر  مزاحمت ڪري ٿو. جنھن جا مثال اسان جي اڳيان “ون يونٽ ٽوڙيو” تحريڪ ۽ ڪالاباغ ڊيم مخالف تحريڪن جي شڪل ۾ پڻ موجود آھن. جڏھن ته پنجاب جي عام ماڻھوءَ وٽ انھن استحصالي نظام/طبقن خلاف مزاحمت جي بدران خاموش حمايت نظر اچي ٿي. جنھن جو ڪارڻ سندن معاشي مفاد ۽ سياسي بالادستيءَ کي برقرار رکڻ آھي. ھن رويي جو ھڪ تاريخي پس منظر آھي. اهو ضرور آھي ته ھاڻي محدود پئماني تي ئي سهي، پر پنجاب جي ساڃاھ وندن مان  انھيءَ سوچ خلاف آواز اچي رھيا آھن، جيڪا چڱي ڳالھ آھي ۽ اسان کي انھن جي ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي.

مقتدر حلقن پاران مٿي ڄاڻايل تاريخي قومن جي قومي وجود کان انڪار سبب ھن وقت انھن تضادن جي نوعيت طبقاتي سان گڏ قومي پڻ بڻجي چڪي آھي. حڪمرانن (اصل مقتدر ڌرين) ھميشه حقيقتن کي پٺي ڏئي، ڏنڊي جي زور تي ملڪ کي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جنھن جا اگرا نتيجا اڄ اسان جي سامھون آھن. انھيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته سنڌي پنھنجي مزاج ۾ سيڪيولر رھيا آھن. ھتي ‘عبدالله’ ۽ ‘ڪرشن’ ھڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار آھن. سندن ڏک سک، مرڻا پرڻا ساڳيا آھن. ھو عيدون ۽ ھوليون گڏجي ملھائين ٿا، تنھنڪري ٻنھي جي وچ ۾ مذھب جي بنياد تي ڪا وڇوٽي ڪانھي. اسان وٽ اڪثر سيڪيولر سوچ کي ‘لادينيت’ سان ڳنڍيو ويندو آھي پر ھيءَ مطلق غلط سوچ آھي. سنڌ جي خمير ۾ انتھا پسندي خلاف شروع کان ئي نفرت موجود رھي آھي، جنھن جو اظھار سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ٿيندو رھيو آھي. سنڌ جي ھن صوفيانه مزاج رکندڙ سماج جي فڪري آبياريءَ ۾ اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ صوفين جون ڪاوشون شامل آھن، جن اسان جي قومي مزاج کي سھپ ۽ رواداريءَ جي سانچي ۾ منتقل ڪيو آھي. انھيءَ کان سواءِ سنڌي سماج ۾ جيڪا سھپ موجود آھي، انھيءَ جو ماضيءَ ۾ سنڌ جي زرخيزي ۽ خوشحاليءَ سان به تعلق جڙي ٿو، جو رزق ۽ روزيءَ جي جھجھائيءَ سبب سنڌين کي ڪن ٻين علائقن طرف حملي آور ٿيڻ جي ضرورت ئي درپيش نه ٿي آھي. نه کين خانه بدوش بڻجي در در جون ٺوڪرون کائڻيون پيون آھن.

سنڌين جي برعڪس بلوچ ۽ پختون قبائلي پسمنظر رکندڙ سماج آھن، جن ماضيءَ ۾ اڪثر جبلن ۾ خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاري آھي. ھٿيار سندن ضرورت رھيو آھي، جيڪا ضرورت اڳتي ھلي سندن ڪلچر جو حصو بڻي آھي. کين چراگاھن ۽ وسيلن جي حاصلات لاءِ ٻين زرخيز علائقن ڌانھن بزورِ طاقت پيش قدمي ڪرڻي پئي ۽ نتيجي طور جنگجويانه ذھنيت سندن سماج جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي. جيتوڻيڪ ھاڻ ٻنھي قوميتن جي صورتحال ڪافي حد تائين تبديل ٿي چڪي آھي، خاص ڪري پختون سماج تيزيءَ سان سماجي تبديليءَ جي مرحلي مان گذري رھيو آھي. پختون ٽريڊ ۽ انڊسٽري ۾ داخل ٿي پاڻ کي جديد دنيا سان ڳنڍي رھيو آھي. ھوڏانھن بلوچ سماج سرسري طور ٻن پرتن تي مشتمل آھي. ھڪ نوٽيفائيڊ قبائلي علائقا، ٻيا ڏاکڻي بلوچستان جا غير قبائلي علائقا، جيڪي سماجي طور ترقي پذير آھن. ھنن علائقن جي بلوچ عورت پڻ سياسي ۽ سماجي جدوجھد ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. وڏي اراضيءَ تي ڇڙ وڇڙ بلوچ آبادي سندن سماجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آھي. ٻئي پاسي اسين سنڌي سواءِ بلوچستان جي، سماجي ترقيءَ جي انھيءَ ڊوڙ ۾ پنجابين ۽ پختونن کان گھڻو پوئتي رھجي ويا آھيون. اسان لاءِ ضروري ٿي پيو آھي ته سنڌي سماج جو تنقيدي جائزو وٺي نئين سر صف بندي ڪريون. ٻي صورت ۾ تاريخ جي بي رحم فيصلي لاءِ تيار رھون.