‘ڪٿائين جادُوگر بستيون ڪي’ … ريفرنس بُڪ جو اعزاز رکندڙ ڪتاب

0
31
‘ڪٿائين جادُوگر بستيون ڪي’ ... ريفرنس بُڪ جو اعزاز رکندڙ ڪتاب

 تاريخ تي پڙهڻ يا تاريخ جي اهميت و افاديت تي ڳالهائڻ شايد دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ۽ مُنجهائيندڙ ڪم آهي… مون ڪٿي ڪنهن محقق جو هي کِل جهڙو جُملو پڙهيو هو، جيڪو هُن به مذاق طور ئي لکيو هو ته: “ڪيترو زبردست ٿي پوي جيڪڏهن تاريخ کي گڏ ڪرڻ جو تصور ئي نه هُجي ها ۽ فقط لوڪ ادب هُجي ها، جنهن کي پڙهي اسين پيا گد گد ٿيون ها…گهٽ ۾ گهٽ هيتري مٿاڪُٽ ته نه ڪرڻي پوي ها، جنهن اسان جا مٿا وقت کان اڳ اڇا ڪري ڇڏيا آهن.” اسين جيڪڏهن ٿورو سنجيدگيءَ سان ڏسون ته اسين پنهنجي گذريل زمانن کان چاهيندي به ڌار نٿا ٿي سگهون ۽ نه ڌار ٿيڻ چاهينداسين. انهيءَ قديم ۽ جديد رشتي کي مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ واري سائنس آهي، جنهن گذريل زماني کي سمجهڻ ۾ اسانکي وڏي سهولت ڪري ڏني آهي. سائنس فقط گذريل وقت تي نه، بلڪه موجوده حالتن تي به اسانجي گهڻي سهڪاري آهي. قديم ماڳن جي کوٽائي، اُن مان لڀجندڙ شين جي ڪاربان ٽيسٽن سان چڪاس، گذريل زماني جي قدرتي ماحول ۽ آيل آفتن کي سمجهڻ لاءِ سائنسي ٿيوريون ۽ ايندڙ وقت کي تحفظ ڏيڻ، ايندڙ بربادين کان بچائڻ ۽ صديون اڳ انسان جي ارتقائي تسلسل کي سمجهڻ ۽ لاڀائتي بنائڻ ۾ سائنس انسان جي شروع کان سهڪاري ۽ ٻانهن ٻيلي رهي آهي.

ابوبڪر شيخ جون تقريبن سڀئي تحريرون مون پڙهيون آهن ۽ مونکي سندس هر نئين ايندڙ تحرير جو انتظار به رهندو آهي. انتظار ڇو هوندو آهي؟ ان لاءِ جو سندس تحرير فقط وقت گذارڻ ۽ ڪنهن آکاڻيءَ وانگر ختم نٿي ٿئي، سندس لکڻين ۾ جتي زرخيز زمينن جي ويران ٿيڻ جو ڏُک آهي، اُتي هُو ڍنڍن جي ويران ٿيڻ جو به ڏک بيان ڪري ٿو پر گڏوگڏ هو اسانکي ٻڌائي ٿو ته، اڳي هيئن هو ۽ هاڻي هيءَ حالت آهي ۽ ان جا سبب ٻڌائي ٿو، پر اُهي سبب ريسرچ جي بنيادن تي هوندا آهن، جنهن ڪري سندس تحريرن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته، سندس اڳيان هر آرٽيڪل يا تحرير هڪ ذميواري آهي، جنهن کي پوري ڪرڻ جي هو ڪوشش ڪري ٿو. هو موضوع جي سڀني پاسن تي جيترو ممڪن ٿي سگهي، ايترو گهرائيءَ سان ڳالهائي ٿو، جيئن پڙهندڙ جي ذهن ۾ موجود گهڻن کان گهڻن سوالن جا جواب هو ڏيئي سگهي. هڪ ليکڪ جي ذميداري ڪهڙي هوندي آهي، اُن کي هُو بهتر سمجهي ٿو.

ابوبڪر شيخ جو نئون ۽ چوٿون ڪتاب “ڪٿائين جادوگر بستيون ڪي” گذريل ڪتابن جو هڪ تسلسل ضرور آهي پر هن ۾ هن تحرير جو دائرو سنڌ کان وڌايو آهي، جيڪا هڪ بهتر ڪوشش آهي. ٻين تحريرن سان گڏ جنهن تي پاڻ اڳيان هلي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، پر اُهي ٻه وسيع موضوع جن مان پهريون “پهرين افغان جنگ” جيڪا ڪمپني بهادر ڪئي ۽ انهيءَ ۾ هوءَ افغانستان تي قبضو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ انهيءَ ناڪامي واري ذلت جي پريشاني گهٽائڻ لاءِ هُنن سنڌ تي قبضو ڪيو. هي ڇهن حصن تي پکڙيل هڪ طويل تحرير آهي، پر ابوبڪر شيخ جي تحريري اسلوب موجب هُو انهيءَ خشڪ تاريخي موضوع کي پڙهندڙ لاءِ دلچسپ ۽ مزيدار بنائي ٿو ڇڏي. وقت سر حقيقي ٿيل واقعن کي هو پنهنجي ادبي رنگ ۾ رڱي پڙهندڙ اڳيان پيش ڪري ٿو.

سندس ٻيو سلسلو جيڪي نج تحقيق آهي ۽ ڪتاب جي اسي صفحن تي ڦهليل آهي، نالو اٿس: “سترهوين صدي بکرتي مغل سلطنت اور نيڪولائو منوچي” … هي وسيع تحقيقي تحرير مغلن جي سڄي بادشاهيءَ جو هڪ ڳوڙهو مطالعاتي جائزو آهي، جنهن کي تحرير ڪرڻ لاءِ ليکڪ منوچي جو سهارو وٺي اُن زماني جي تاريخ بيان ڪئي آهي. گڏوگڏ هن تحرير لاءِ ليکڪ ڪيترن اهم ڪتابن جا حوالا پڻ ڏنا آهن، جنهن سان تحرير وڌيڪ جاندار ۽ هڪ سنجيدگيءَ واري حيثيت وٺي بيهي ٿي، پر ليکڪ جي جيڪا تحرير ۾ سڃاڻپ آهي، اُها هو نٿو وساري. جتي جتي کيس افسانوي رنگ جي ضرورت پوي ٿي، هو لفظن ۽ جملن ۾ هڪ تصور پيش ڪري ٿو ۽ اُن جا جملا ۽ مثال ايترا گهرا هوندا آهن، جو پڙهندڙن اڳيان اُهي منظر زنده ٿي پون ٿا، اهو واقعي به ابوبڪر شيخ جي تحرير جو ڪمال آهي.

رني ڪوٽ جي حوالي سان پڻ هن ڪتاب ۾ هڪ تفصيلي تحقيقي تحرير موجود آهي، جيڪا ليکڪ جي تحريري طريقي جو بهتر نمونو پيش ڪري ٿي. مطلب ته تاريخ سان گڏ منظر نگاري جي هڪ دنيا آباد آهي. سندس تحريرن جو ڪمال اهو آهي ته هو پڙهندڙ کي پنهنجي آڱر سان جهلي ‘لوڪيشن’ تي وٺي وڃي ٿو ۽ سڀ منظر ڏيکاري گهمائي ڦيرائي پڙهندڙ کي هو وري ان ماڳ تي اچي ڇڏي ٿو، جتان هن کيس پاڻ سان گڏ ورتو هو. هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي حوالي سان اسانکي ليکڪ جو ڪم نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هو لي مارڪيٽ، ملير جي قديم وادي ۽ اُن جي زراعت جي حوالي سان ان جي اهميت متعلق ذڪر ڪري ٿو. گڏوگڏ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پهرين واپاري ڪوٺي، جيڪا ‘ناٿن ڪرو’ هتي کولي هُئي، ان متعلق ‘ناٿن ڪرو’ جي ٺٽي ۽ حيدرآباد تائين سفرن جو ليکڪ انتهائي دلچسپي سان ذڪر ڪري ٿو. انهيءَ سان گڏ ڪراچي جي ماهيگيري، اُنهن جي قديم ڳوٺڙن ۽ مڇيءَ جي واپار متعلق احساساتي ۽ تحقيقاتي تحريرون شامل آهن. اسين ليکڪ کي پنهنجي دوست محمد علي شاهه، جيڪو سنڌ ۾ ماهيگيرن جو اڳواڻ هو، اُن جي وڇوڙي تي انتهائي سوڳوار ۽ ڏکويل به ڏسون ٿا، جڏهن ڪرونا جي ڏينهن ۾ هو هن جهان کي ڇڏي هُن جهان هليو ٿو وڃي ۽ ليکڪ پنهنجو پهريون دفعو ابراهيم حيدري اچڻ جو ٻڌائي ٿو ۽ انتهائي ڏکويل ڪيفيت ۾ اهو سڀ تحرير ڪري ٿو.

هن ڪتاب ۾ به هو انڊس ڊيلٽا جي تڪليفن کي نٿو وساري. خاص ڪري سنڌو ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سمنڊ جي اڳيان وڌڻ ڪري انساني آباديون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ قدرتي ماحول توڙي ڍنڍون ڍورا برباد ٿي رهيا آهن يا جيڪا لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي، اُن جو درد ۽ ٿيندڙ نقصان تي جيڪا تڪليف مقامي ماڻهن کي ٿي رهي آهي، ليکڪ سندن درد کي پنهنجو درد سمجهي اُن تڪليف کي تحرير ۾ بيان ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ تحرير ۾ معلومات ڏيڻ وارو فرض به نٿو وساري، جيئن تحرير کي وڌيڪ مستحڪم ڪري پيش ڪري سگهي.

ذاتي طور آئون شيخ صاحب کي ويجهو رهيو آهيان. اسان ڪيتريون فيلڊون گڏ ڪيون آهن ۽ مونکي اها به خبر آهي ته فيلڊ ڪرڻ وقت هن جو رويو ۽ چُرپُر ڪيئن هوندي آهي ۽ هو ڪيتري سنجيدگيءَ سان سائيٽ ڏسڻ ۾ محو هوندو آهي ۽ مطالعي ڪرڻ وقت ۽ ان کانپوءِ تحرير وقت هو ڪيترو سنجيده هوندو آهي. آئون اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيترو عشق هن کي لکڻ سان آهي، ان کان چئوڻو عشق هن کي مطالعي سان رهيو آهي. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته هو شايد ايترو ڊگهو سفر نه ڪري سگهي ها، ڇو ته جيڪو نِج پڙهندڙ آهي، اُن کي خبر هوندي ته هن جي تحرير ڪيتري مطالعي ۽ سوچ کانپوءِ تحرير جو روپ ورتو هوندو… ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته  ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ٻئي تيز ۽ گهرا آهن. اهو هر ڪو پڙهندڙ سندس تحريرن کي پڙهي چئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته گذريل ڇهن سالن اندر سندس چار ڪتاب سنگ ميل پبليڪيشن شايع نه ڪري ها.

ابوبڪر شيخ جون تحريرون ان لاءِ به مُنفرد آهن، جو ابوبڪر ڪَڏهن به ڪنهن اهڙي موضوع تي قلم نٿو کڻي، جنهن متعلق هن کي خبر نه هجي يا شڪ ۽ شبهو هُجي ته هو ان سان انصاف نه ڪري سگهندو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي تحريرن ۾ زير بحث موضوع تي هر ممڪن ڪُنڊ کان توهانکي تحقيق ٿيل ملندي. هڪ سٺي لکندڙ جو ڪم اهو ئي هوندو آهي ته، هو حقيقتن کي هڪ ترتيبوار سلسلي سان پيش ڪري ۽ وڌيڪ پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ته هُو اُن مان ڪهڙو نتيجو ٿو اخذ ڪري، بحيثيت لکندڙ ابوبڪر شيخ اهو ڪم انتهائي سهڻي نموني پورو ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، بلڪه هڪ نج ريفرنس بُڪ جو اعزاز به هن ڪتاب کي ڏيئي سگهجي ٿو، هاڻي اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته اُهي هن ڪيترو لاڀ وٺي سگهن ٿا.