لطيفي گنج مان … سدا سائِرَ سِيرَ ۾

0
30
لطيفي گنج مان ... سدا سائِرَ سِيرَ ۾

جياپو اڻڳڻين خواھشن جو مجموعو ھجي ٿو، جنھن جي پورائي خاطر انسان ھر وقت اڃاري ڪيفيت ۾ رھندو ٿو اچي، جيئن تہ ڏاھن ھن دنيا جي ڀيٽا مھاساگر سان ڪئي آھي ۽ پاڻي کي جياپو چيو اٿائون، تيئن جياپي جون تمام خواھشون مڪملتا ڪونہ ٿيون ماڻي سگهن، جن جي پورائي خاطر انسان لڳاتار مصروف عمل رھندي حياتي جا سڀ اڻانگا سفر اُڪريو وڃي، پر حسرتن جا چٽيل  عڪس وري بہ رھجيو وڃن، تيئن ئي لطيف اھڙن خيالن کي سولائيءَ سان سمجهائي زندگي کي روان دوان ڪيفيتن ۾ آڻي ٿو، يعني ھرگز ايئن نہ سمجهجي تہ جڏھن خواھشن جو پورائو ممڪن ئي ڪونہ ھجي تہ پوءِ انسان مايوس ٿي ويھي رھي يا ڪوششون نہ ڪري، بلڪہ انسان جو وس يا جياپي جي لذت انھن خواھشن جي اپنائڻ ۾ ئي آھي، پر جيئن جيئن خواھشن جي حاصلاتن پٺيان ھو ڊوڙون پائي ٿو تيئن تيئن اندر جي اڃ ۾ واڌارو ڪندو ٿو رھي، تان جي خواھشن جي پورائي خاطر ھن جي جياپي کي انت اچيو وڃي. جڏھن تہ ھزارھا صدين جي انساني تاريخ مسلسل خواھشون جنميندي، ناممڪن ٿيندڙ شين کي ممڪن ڪندي ملي ٿي، جنھن سببن ڪري ئي ھر فرد پنھنجي اردگرد خواھشن جي دنيا ۾ جاکوڙي رھڻ سان ئي جياپو ڪندي ملي ٿو، تيئن  وقت ۽ حالتن سان سلھاڙجي زميني حقيقتن جو سفر ھلندو ھلي ٿو ، باقي سوچن جي سفر جو تہ وري بہ ڪاٿو ئي ڪونھي جيئن عشق يا محبت جي سلسلي ۾ وصال وقت جدائيءَ جو خوف ۽ جدائيءَ کي وصال جي اميد، تيئن خواھشن پٺيان خواھشن جو جنم ٿئي ٿو ۽ جياپي کي اڻکٽ سلسلا ملي پون ٿا، تان جو جياپو کپيو وڃي! اھڙن خيالن کي لطيف ھن طرح بيان ڪري ٿو.

سدا سائِرَ سِيرَ ۾، اُنِکي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ ،

پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائِي  سُڃَ،

تيلاھَون  مَرَنِ  اُڃَ،  سدا  سائِرَ  سِيرَ  ۾.

عاشقَ سدائين دريائي سير ۾ ھوندي بہ اڃارا ھجن ٿا محبوب جي ديدار جي اڃ جا اندر ۾ اٿن سا جهڪي ڪونہ ٿي ٿئين، جيئن جيئن  پرينءَ جو ديدار ٿا ڪن تيئن تيئن سڪ ۾ واڌارو ٿيندو وڃين  ٿو، اُڃَ پوري ڪونہ ٿي ٿين، ۽ ويتر اندر ۾ سڃ ٿا ڀانئين.

عاشق يعني محبوب جو طالبُو جنھن جي طلب ٿئي يعني جنس جو جنس لاءِ تڙپڻ يا جياپي جي ضرورتن لاءِ کوج ڪرڻ يا سماجي فڪر ۾ پاڻ پتوڙڻ  مطلب تہ ھر حال ۾ انساني واھپي ۾ ھجڻ جي باوجود  ماڻھن جي ميڙ ۾ ھوندي بہ ان جي اندر جي تاس پوري ڪونہ ٿي ٿئي، اڪيلائيءَ جي سفر ۾  ساٿي جي طلب ۽ ساٿي جي ھوندي وري من جي آسيس کي ڳولھي ٿو، نتيجي ۾ انساني خواھشن جو پورائو  ھڪ حياتي ۾ ممڪن ڪونہ ٿو لڳي تنھن ڪري وقتي ۽ زميني حقيقتن کي قبول ڪري جيئڻ سان ئي حقيقي جياپي کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ٻيو خيال اھو بہ اُڀري پوي ٿو تہ پنھنجي سماج ۾ حساس ماڻھونءَ جو جياپو تہ پري جي ڳالھ، پر ان جي جياپي کي بہ جيئڻ ڪونہ چئبو، ان ڪري بہ تہ، سماجي تبديلي کي وقت سر قبوليت ڪونہ ٿي ملي ۽ وقت وڃائڻ کانپوءِ ساڳي روش کي جيڪڏھن قبول ڪيو بہ وڃي تہ نتيجا وري بہ ماضي بڻجي پون ٿا، تنھن ڪري حقيقي حال جي پوئواري وري بہ بھتر کان بھترين طرف گذارڻ ۾ ٿئي ٿي.

ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ ، مَرُ قَبولي سسئِي،

اندَرِ  جَنِي اُڃَ، پاڻي اُڃِيو  اُنِ  کي.

سسئي ڀلي جي، پنھنجي پرين پنھونءَ خاطر ويرانين جا ڪشالا ڇونہ ڪري، جنھن جي من ۾ پرينءَ جي تات ئي آھي، ۽ جيڪي من اندر ۾ سڪ رکن ٿا سي حياتي ڀر اڃارا ئي رھن ٿا.

سسئي جو ڪردار پنھنجي سماج مان ھڪ فرد جي وارتائن واري داستان ۾ مثال طور ڪم آيل آھي، جنھن سماجي متڀيد جون ڏکيون منزلون قبول نہ ڪندي پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ڇڏيو، جنھن قرباني کي پسند ڪندي لطيف سماجي اوڻاين ۽ انھن پٺيان ڀوڳنائن جو ذڪر ڪري اھڙي وارتائن کان تنبيھ ڪن ٿا، يعني ذات پات نسلي يا مذھبي متڀيد کان مٿانھون انساني احساسن کي سمجهي ٿو، ۽ بيت جي آخري سٽ انھن حساس فردن سان منسوب ڪري ٿو جيڪي بہ اھڙي ڪيفيت ۾ گذارين ٿا، سي سدائين اڃارا ئي رھن ٿا، سماجي اوڻاين کي قبول ڪندڙ ماڻھون گهڻائيءَ ۾ ھوندي، ٿورائي وارن حساس ماڻھن جو جياپو  موت مثل بڻائي ڇڏين ٿا يا جيڪي سسئيءَ جي ڪردار جيان سماجي ڪروڌ جي ور چڙھي وڃن ٿا تن جو جياپو بہ سسئيءَ جي ڀوڳنائن جيان گذري ٿو، جيئن ڇڪ، تات ۽ طلب جيڪي زميني حقيقتن پٺيان جڙن ٿا، تيئن سسئيءَ جيان عشق ،محبت يا دلي لڳاءُ ھر فرد جي جياپي جي سونھن بڻجي ٿو، ان جي باوجود بہ انسان پنھنجي جبلت جي پٺيان پئجي ٻئي انسان جا ارمان ڪيئن ٿو قتل ڪري ڇڏي ۽ وري ان قتل کي غيرت جو لباس پارائي سماج ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو،

جنھن سماج جي آبياري نازڪ جذبن سان لطيف ڪري ويو آھي پر افسوس جو ان سماج ۾ متڀيد، ذات پات، ۽ نسلي پوئواري جي سوچ، ديس جي اصل سونھن بگاڙي ڇڏي آھي جنھن ڪري جياپي جا سڀ  ارمان اڃارا بڻجي وڃن ٿا، يعني سنڌي سماج جنھن جي ھر فرد وٽ جيئن پو تيئن اڃ وڌندي ٿي رھي ۽ ھرپاسي رشتا، تعلق بگاڙ جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن ۽ موت جو راڪاس لامارا ڏيندي ٿڪجي ئي ڪونہ ٿو ، جتي ھرفرد سسئيءَ واري ڪيفيتن سان رڻن ۾ روڄ ڪندي ملي ٿو ۽ لطيفي سبق واريون وايون قصيدن جيان روح کي رھڙي ٿيون وجهن ۽ چاڪ گريبان ماڻھون سڏڪن  ۾ پئجي ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.