اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جڊيشل ڪميشن  ۾ داخل ريفرنس داخل ڪرڻ بعد واپس وٺي ڇڏيو. تحريڪ انصاف ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف سپريم جوڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڄاڻي واڻي بدانتظامي ڪري رهيو آهي، پنهنجون آئيني ذميواريون درست طريقي سان ادا نه ڪري رهيو آهي، کيس عهدي تان هٽايو وڃي. ريفرنس ۾ حڪومتي اتحاد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جو ذڪر به ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته گذريل مهيني پي ڊي ايم جي نمائندن جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر تي تحريڪ انصاف خلاف پابندي پيل فنڊنگ جو فيصلو جلد ٻڌائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ملاقات جي ڪجهه ڏينهن بعد پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪن بعد تحريڪ انصاف داخل ڪيل ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف داخل ڪيل ريفرنس رجسٽرار آفيس پهچڻ کانپوءِ  واپس ورتو ويو. ريفرنس ۾ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو تبديل ٿيڻ جا نقطا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ريفرنس ۾ وڌيڪ قانوني پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويندو. ان حوالي سان تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس کي روڪيو آهي، وڌيڪ ثبوت گڏ ڪري ان ۾ شامل ڪري ڪنداسين، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جي فيصلي ۾ تبديلي ڪئي، فيصلي ۾ تبديلي جا نقطا وجهي ٻيهر ريفرنس داخل ڪنداسين.