ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر(  سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستاني عوام ۽ پنهنجن ورڪرز جي عدالت (ڪٽهڙي) ۾ ڏوهاري ثابت ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن فقط سزا ناهي ٻڌائي،  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ  خلاف چارج شيٽ ڏئي ڇڏي آهي. قانون ۽ آئين مطابق عمران خان نااهل ۽ پي ٽِي آءِ پابندي مڙهيل جماعت بڻجي چڪي آهي. عمران خان ۽ سندس ساٿين کي گھٽ ۾ گھٽ 7 سالن جي سزا ٿي سگھي ٿي. وفاقي حڪومت نرمي پئي ڪري، عمران خان گرفتار ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ  کي چندو ڏيندڙن ۾ ڊرگ ڊيلر شامل آهن. سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪيترا اڳواڻ  پ پ ۾ شموليت لاءِ رابطي ۾ آهن، لياقت جتوئي پڻ اچڻ چاهي ٿو پر کيس اچڻ نه ڏبو