چمبڙ : چاڪر شاخ جي ريگيوليٽر تي آبادگارن جو ڌرڻو، ماتم

0
319

چمبڙ(ن پ ا) بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ جي ريگيوليٽر تي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ايريگيشن ايس ڊي او پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري پهتو ته آبادگارن ۽ ايريگيشن عملي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان دوران چاڪر شاخ کي بند ڪرڻ دوران آبادگار دروازن تي مٿي چڙھي ويا، ايريگيشن عملدارن ۽ آبادگارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ آبادگارن پاران پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيڻ اعلان ڪندي زنجيرن سان ماتم به ڪيو، آبادگارن رشوت خور ايريگيشن ايس ڊي او خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان دوران پوليس بيوس نظر آئي، آبادگارن جو چوڻ هو ته موت قبول ڪنداسين پر شاخ بند ڪرڻ نه ڏينداسين