ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي )سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن کي مستقل ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻ واري عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ سرڪار کي 3 ڏينهن جي مهلت ڏيندي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت تعيلم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پهريائين چيو ويو ته وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ وري چيو پيو وڃي ته ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي، توهان هر شيءَ ڪابينا ۾ ڇو کڻي ويندا آهيو؟ ڪابينا کي استادن جي مقررين ۽ کين مستقل ڪرڻ ۾ مداخلت جو اختيار ئي ناهي، جيڪڏهن ڪابينا منع ڪري ڇڏي ته ڇا استادن کي مستقل نه ڪيو ويندو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جڏهن طئه ٿي چڪو هو ته استاد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيندا ته پوءِ ڪابينا وچ ۾ ڪٿان اچي وئي؟ اسان وڏي وزير کي نوٽيس اماڻي پڇي وٺون ٿا، جنهن تي تعليم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجو چيو ته نئين خط تحت ڪابينا فيصلو ڪندي ته استادن کي امتحان ڏيڻو آهي يا نه؟ جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪابينا کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ هروڀرو ماڻهن کي تنگ ڪرڻ واريون ڳالهيون نه ڪييو، اهڙي رويي سان سنڌ جو سروس اسٽرڪچر خراب ٿي رهيو آهي، ماڻهو پريشان آهن، عدالت چيو ته تعليم وارو سيڪريٽري تعليم پاڻ ئي خط لکندو آهي ۽ پاڻ ئي ان تان ڦري ويندو آهي، اهڙي طرح جي ڊيگهه ڪري ماڻهن ۽ عدالت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، عدالت وڌيڪ چيو ته وقت سنڌ حڪومت وارا پاڻ ضايع ڪندا آهن ۽ پوءِ چوندا آهن ته عدالتن ۾ ڪيس التوا جو شڪار آهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو هو، هاڻ سنڌ حڪومت وارا پاڻ ان معاملي کي اينگهائي رهيا آهن، جنهن تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل شهريار مهر چيو ته اسان کي 3 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن فيصلو ناهي ڪرڻو ته ٻڌايو، اسان چيف سيڪريٽري کي گهرائي ٿا وٺون عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.