اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اپيل ابتدائي طور منظور ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ شهباز شريف سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 2 جون اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت جي اپيل تي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، وفاقي حڪومت جي طرفان اٽارني جنرل خالد جاويد خان پيش ٿيو، جنهن دليل ڏيندي چيو ته اسان شهباز شريف جي عزت ڪريون ٿا، هو هن ملڪ جو سينيئر سياستدان آهي، مسئلو سندس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو ناهي پر عدالت جو اهو طريقو آهي جنهن طريقي سان کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ ان عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، هاءِ ڪورٽ جو اهو عمل ڳڻتي جوڳو آهي، ان حڪم تي جيڪڏهن عملدرآمد ٿيو ته ڪو به شخص اٿي پنهنجي مرضي هلائيندو، هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جنهن ڏينهن شهباز شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ان ڏينهن درخواست داخل ڪئي وئي ۽ ان ڏينهن ئي ان درخواست تي اعتراض لڳايا ويا، جيڪي ختم ڪري هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ هڪ طرفو فيصلو ڏنو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا عدالت جي ان حڪم تي حڪومت عمل ڪيو يا نه، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ ناهي، پر پوءِ به کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو سندس نيت ئي اها هئي ته هو هڪ ئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي پيو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ظاهري طور حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي، ان درخواست واپس وٺڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ وفاق جي اپيل تي ٻڌڻي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، بظاهر شهباز شريف جو پرڏيهه وڃڻ وارو مامرو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ٿي آهي يا نه، اها به حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ کان بغير پنهنجو فيصلو ڪيئن ڏنو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته حڪومت کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جو علم هو، ان تي عمل نه ڪيو، جڏهن ته مخالف ڌر جو اهو موقف آهي ته عدالت جو حڪم نه مڃي توهين عدالت ڪئي وئي آهي ۽ هو هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري رهيا آهن، اٽارني جنرل چيو ته درخواست داخل ڪرڻ انهن جو حق آهي پر هن عدالت کي اهو ڏسڻو آهي ته بغير ڪنهن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي فيصلو ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو، هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست گذار کي رليف ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، عدالت کي اهو به ٻڌايان ته هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي جيڪا ضمانت ڏني آهي اها طبي بنيادن تي ناهي ڏني وئي، جڏهن ته کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت طبي بنيادن تي ڏني وئي، شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ انڪار ڪري چڪي آهي، هن وقت شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ناهي پر هن کي بليڪ لسٽ ضرور ڪيو ويو آهي، ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کان ان ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ان جو جائزو وٺنداسين ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪريون ٿا، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هن ڪيس ۾ نيب کي به نوٽيس جاري ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو، انصاف قانون مطابق هجڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان سمورو رڪارڊ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.