رتوديرو/نئون ديرو (رپورٽون: عبد الله ڀٽو/ نور محمد سومرو) رتوديرو ڀرسان عدالت مان حاضري تان موٽندڙن تي هٿياربندن جو حملو، ناري کي اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ 2 ڄڻا قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ. خبر موجب رتي ديري جي عدالت مان حاضري تان واپس ايندڙ ڳوٺ پنجو ديرو جي رهواسي نوجوان اظهر ڪنڀر ۽ نئون ديرو واسي جبار ڪنڀر کي ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ميهر گهانگهرو لاڙي وٽ فائرنگ ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي رتوديرو اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. نوجوان عبدالجبار ڪنڀر جو لاش نئون ديرو شهر جي گرگهل شاهه پاڙي آندو ويو، جڏهن ته اظهر ڪنڀر جو لاش نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ پنجوديرو گهر پهچايو ويو. نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته 6 مهينا اڳ نئون ديرو لڳ ڳوٺ مبارڪ جيهو مان خانگي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ناري پرهه جيهو گهران نڪري وئي هئي، جنهن جي اغوا جو الزام چنگچي ڊرائيور اظهر ڪنڀر مٿان لڳايو ويو هو، جنهن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ بعد چالان ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ هو ضمانت تي آزاد هو، ڪالهه ڪيس جي حاضري تي رتوديرو ويل هئو، جتان واپسيءَ تي هٿياربندن مٿن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.