ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ويجهو ڳوٺ محمد مٺل شر ۾ گذريل رات برسات جي بيٺل پاڻي مان  10 فوٽ ڊگهو واڳون نڪري آيو، جنهن ڪري ڳوٺاڻن ۾ خوف ڦهلجي ويو، اطلاع تي وائلڊ لائيف کاتي جي ريسڪيو  ٽيم واڳون کي ھٿ ڪرڻ لاءِ پھي پر واڳون کي هٿ نه ڪري سگهي، عملدار عبدالحڪيم رند ٻڌايو ته وڏا کڏا ھئڻ ڪري واڳون ھٿ اچي نه سگھيو، ڪوششون جاري آھن.