ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري   ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 10 ڄڻا زخمي، 4 گرفتار، هڪ ڌر جو ڌرڻو،  ان ڏس ۾  شهر جي مين شاهي بازار ڀلائي پاڙي ۾ اسنوڪر ڪلب تي بليدي ۽ ڀلائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾  بليدي برادري جا ڪبير بليدي،عبدالسميع بليدي، جمع بليدي،رياض بليدي اسماعيل بليدي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڀلائي ڌر جا شهمير ڀلائي، نديم ڀلائي، اشرف ڀلائي،اسماعيل ڀلائي، رحمت الله ڀلائي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ٻئي ڌريون اين سي رپورٽ ڪرائڻ پهتيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنهن بعد پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، نوجوانن جي گرفتاري خلاف بليدي برادي جي ماڻهن پاران  انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، عبدالحئي بليدي  ۽ ٻين چيو ته نوجوان به اسان جا زخمي ٿيا پوليس ونگار وهي اسان جي نوجوانن کي گرفتار ڪيو آهي، انصاف ڪيو، ٻي طرف پوليس ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.