ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ويجهو مناهيون لنڪ روڊ تي ڳوٺ گنگهوٽي وٽ 2 موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻازخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صحافي عبدالڪريم جمالي جو ڀاءُ مرتضيٰ جمالي، آصف شاهاڻي ۽ اڪبر چنا شامل آهن، جن کي سرڪاري اسپتال ڀان منتقل ڪيو ويو جتي زخمي مرتضيٰ جمالي جي حالت نازڪ هجڻ سبب سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ريفر ڪيو ويو، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.