واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ويجھو پورهيت جي گھر کي باهه وڪوڙي وئي. ان ڏس ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۾ سومر برھماڻي جي گھر کي اوچتو باھ لڳي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پھچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي ڇڏي. ان حوالي سان سومر برهماڻي جو چوڻ آهي ته غريب آهيان گهر ٺهرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.