ڀارت مونکي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ کيڏڻ کان روڪيو: هرشل گبز جي ڇتي تنقيد

0
231

اسلام آباد (م.ڊ) ڏکڻ افريڪي رانديگر ڪشمير پريميئر ليگ خلاف ڀارتي سازش کي بينقاب ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران سياسي ايجنڊا کي راند ۾ آڻڻ انتهائي غير ضروري آهي. هرشل گبز پنهنجي ٽويٽر پيغام ۾ چيو ته ڀارتي بورڊ مون تي دٻاءُ وجهي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته مونکي ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن مون ڪشمير پريميئر ليگ ۾ حصو ورتو ته مونکي ڀارت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ان کان علاوه مونکي ڪرڪيٽ بابت ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون.