ڪراچي: اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس جا سمورا جوابدار آجا

0
259

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس جا سمورا جوابدار آجا ٿي ويا، ڪراچي جِي احتساب عدالت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي فيصلي موجب اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ سوڌو ٻين جوابدارن تي الزام ثابت نه ٿيا آهن، بري ٿيل جوابدارن ۾ ثمين اصغر، شاهد حسين ۽ ٻيا شامل آهن، نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو هو ته مبينا جوابدارن پنهنجا اختيار اورانگهي اداري کي نقصان پهچايو هو.