ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جو هلندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊول ايشيا ڪپ کيڏڻ جو امڪان نه هئڻ برابر آهي. پاڪستان هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ون ڊي فارميٽ جي ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪرڻي آهي پر گذريل سال ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي صدر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه اعلان ڪيو هو ته 2023ع جي ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ ايشيا ڪپ جي حوالي سان پنهنجو فيصلو تبديل نه ڪندو. ڀارتي ميڊيا موجب ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان وٽ رهندي پر هنڌ تبديل ٿي ويندو، هلندڙ سال ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارات يا سريلنڪا ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت جي حڪومت جو گرين سگنل نه ملڻ سبب ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي. واضح رهي ته ايشيا ڪپ جو اجلاس اڄ بحرين ۾ ٿيندو، پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي اجلاس لاءِ بحرين ۾ آهن جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٻ روڊ جو سيڪريٽري جئي شاهه به ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي اجلاس م شرڪت لاءِ بحرين پهچي ويو آهي.