ڀارتي وزير جي نوجوان نُنهن خودڪشي ڪري ڇڏي

0
343
ڀارتي وزير جي نوجوان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي تعليم واري وزير اندر سنگهه پرمار جي 22 ورهين جي نُنهن مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي وزير جي نُنهن سويتا پرمار جي مبينا خودڪشي جو واقعو مڌيا پرديش جي ضلعي شجاپور ۾ پيش آيو، جتي سويتا جو لاش سندس گهر مان هٿ آيو

ڀارتي خابرواداري موجب سويتا خودڪشي ڪئي، جنهن جي تصديق سندس وارثن به ڪئي آهي, ميڊيا رپورٽن موجب سويتا جي خودڪشي جو ڪارڻ گهرو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس طرفان هن وقت تائين ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي، سويتا جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي

ياد رهي ته سويتا جي شادي 3 سال اڳ اندر سنگهه پرمار جي پٽ ديو راج سنگهه پرمار سان ٿي هئي ۽ خودڪشي ڪرڻ وقت ديوراج سنگهه ڀرسان ڳوٺ ۾ شادي ۾ شرڪت لاءِ ويو هو

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي مان وڌيڪ هڪ نوجوان مبينا اغوا، مغوين جو تعداد 18 ٿي ويو