دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار جو نبيرو مختيار بليدي، ۽ حنيف بليدي جي سرپئنچي هيٺ اوستا محمد ۾ ٿيو.جنهن ۾ خون بها 15 لک،  ٻن عورتن کي زخمي ڪرڻ جا 5۔5 لک ۽ ٻن نينگرن جي زخمي ٿيڻ جا 3۔3 لک رکيا ويا،نبيري ۾ صوبو ڪٽوهر ڌر جو هڪ قتل، ٻن عورتن کي زخمي ۽ ناجائزين جو سڄڻ ڌر مٿان 29 لک ڏنڊ رکيو ويو ۽ سڄڻ ڌر جي ٻن ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ ۽ گهرن کي نقصان پهچائڻ، چوپايو مال ڪاهي وڃڻ جو صوبو ڪٽوهر ڌر مٿان 22 لک 30 هزار ڏنڊ رکيو ويو، ڏنڊ جي رقم ٽن مهينن ۾ ڌريون هڪ ٻئي کي ادا ڪنديون. فيصلي بعد ٻنهي ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي کيرکنڊ ڪيو ويو.فيصلي جي مشيرن ۾ ٻڍل شاھ، عبدالنبي ٿهيم، مقدم محمدحسن ڪٽوهر ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا. دوداپور ويجهو ڳوٺ صوبو ڪٽوهر ۾ 15 سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان صوبو ڪٽوهر ۽ سڄڻ  ڪٽوهر جي ڌرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو هو، فائرنگ ۾ صوبو ڪٽوهر ڌر جو فتح ڪٽوهر قتل ٿيو، ٻنھي ڌرين جي ٻن عورتن ۽ نينگر سميت پنج ڄڻا زخمي ٿيا هئا.