نئون ديرو(ن پ ا) ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ وسايو جيهو ۾ جيها/ ڏاهاڻي تڪرار تان قتل ٿيل رابيل  جيهو جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته هن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ۽ پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.  ايس ايچ او ڳڙهي خدا بخش ڀٽورابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جا وارث هن وقت تائين ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڏاهاڻي ڌر جي نوجوان جيها ڌر جي ناري کڻي پسند پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي، جنهن بعد جيها ڌر پاران ڏاهاڻي ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻيو زخمي ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ مختلف وقتن تي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪندا هئا.